شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

موجوده دؤر ۾ سنڌي اَدبي مخزنون


شام 03 لڳي 17 منٽ -اڱارو 26 مئي 2020  150 
image-1


             قسط ٽين    

    سنڌي ٻال ساهتيه جي رسالن کي به هن وقت سرڪاري اڪادمين جو ئي سهارو آهي. ادارو سرڪاري هجي يا غير سرڪاري - ڪنهن به رسالي کي شروع ڪرڻ ته سولو آهي، اُن وقت سڀني ۾ اُتساه هوندو آهي. پر پوءِ ڪيترن ڪارڻن کي ذميوار ٺهرائي، اُن جي شايع ٿيڻ جو سلسلو ڪڏهن بند ٿي ويندو آهي خبر ئي ڪانه پوندي آهي. گجرات ساهتيه اڪادميءَ جي سهڻي مخزن چترن سان ‘باغ بهار’ ٽماهي (ايڊيٽر هوندراج بلواڻي)، مڌيه پرديش سنڌي اڪادميءَ جي ٻال مشعال (ساليانو) ۽ راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد طرفان ٻال ساهتيه جي ‘پوپٽڙا’ (ساليانو) نالي مخزن شايع ٿيندي آهي، اهڙي سوچنا آهي. پر انهن جا تازا انڪ ڏسڻ ۾ يا نظر ۾ ڪونه آيا. يا ٿي سگھي ٿو منهنجي رسائي ايتري نه هجي. پر هڪ سٺي ڳالهه ٿيندي سنڌي ادب جي بهتريءَ لاءِ جيڪڏهن اِنهن جي اِشاعت جاري رهي نيمائتي نموني.  دهلي اڪادميءَ جي ٻاراڻي (ٽماهي) مخزن ‘جھرمر’ نيم سان معياري ٻال ساهتيه جي روايت کي برقرار رکندي -رنگبرنگي، سُهڻي مال – رومال سان پاٺڪن جي هٿ ۾ پهچندي رهي ٿي. ڍولڻ راهي، هوندراج بلواڻي، کيمن مولاڻي، رشمي راماڻي، جڳديش لڇاڻيءَ جھڙا سڄاڻ ٻال ساهتڪار مخزن سان جڙيل هن. سنڌي ٻال ساهتيه ۾ اِنهن جو يوگدان اهم رهيو آهي. ڪنهن  به اِداري يا شخص جي سَکشمتا اِتي ثابت ٿي وڃي ٿي.

    تجزياتي / تنقيدي لحاظ کان گھڻو ڪجھه چئي سگھجي ٿو، پر هر شخص ۽ شيءِ جو پنهنجو مُنهن مهانڊو ۽ خاصيت هوندي آهي، ۽ پنهنجي سطح تي هرڪنهن جي ضرورت ۽ اهميت هوندي آهي.  اِهو سمجھي هلون. سنڌي ادب جي حوالي ۾، هن وقت نڪرندڙ رسالن ۾ خاص طور سان ڪونج، سپون، سنڌو جوت اُهي اهم رسالا آهن - جن نه فقط ادبي معيار کي برقرار رکيو آهي، بلڪه نئين پيڙهيءَ جي ليکڪن کي اُتساهيندي هند سنڌ جي ادب کي جوڙي هڪ پُل جو ڪمُ ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ سنڌيءَ جون جڙون آهن ۽ ٻوليءَ جي پروش جا ساڌن. جذبو ماحول ۽ سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندڙ ساهه کڻندڙ ماڻهو.

   سنڌ جا ادبي رسالا - سنڌي ادبي رسالن جي حوالي ۾ هن وقت سنڌ مان نڪرندڙ ڪُجھه خاص سنڌي ادبي رسالن جو ذڪر هتي ضروري ٿو سمجھجي. ڇو جو ڪنهن به ڀاشا جو معياري ۽ صحتمند ادب ۽ ادبي لاڙا، سُڌي پاٺڪن ۽ ليکڪن جي لازمي خوراڪ آهي - ۽ دنيا ڀر ۾ ڀاشائن جا ساهتڪار / ليکڪ ۽ پاٺڪ اڄ انٽرنيٽ ذريعي نه رڳو ڳنڍيل آهن - بلڪه هِڪ ڀاشائي پريوار جوڙي ورتو آهي جنهن ۾ سرحدن جي معنيٰ رهي ناهي. هونءَ به سرحد جي آرپار کان سنڌ - هند وچ ۾ ادبي / ثقافتي ڳانڍاپو باقاعدي رهيو آهي. حالانڪه ورهاڱي گھڻو ڪجھه ورهائي ڇڏيو - گھڻو ڪُجھه اُتي رهجي ويو، ۽ ڇڏائجندو پيو وڃي نه ڪي سهڻيون روايتون ٻنهي طرف جاري آهن. جيئن هتي ڪونج، رچنا ۽ سپون ڇپي پاٺڪن جي هٿ تائين پهچي پئي تيئن اُتي به سنڌ ادبي بورڊ، حيدرآباد طرفان ڇپجندڙ سنڌي ادب جو بهترين / معياري رسالو ‘مهراڻ’ (ٽه ماهي) هيل تائين باقاعده نيم سان ڇپجي پيو- اُن جا پرچا ڪڏهن - ڪڏهن ڪنهن ذريعي هند جي پاٺڪن تائين پهچندا آهن، مؤجوده وقت هن رسالي جي ايڊيٽر آهي ثمينا پنهور - اِن کانسواءِ ٻيا ڪيترا ادبي رسالا شايع ٿيندا آهن - پر جيڪو رسالو لاڳيتو سرحد پار ڪري هٿن تائين پهچندو آهي اُهو ‘سارنگا’ جي نالي سان حيدرآباد سنڌ مان ئي شايع ٿئي ٿو. سارنگا (ايڊيٽر - اِسحاق سميجو) مؤجوده دؤر ۾ جديد ۽ بعد جديد سنڌي ادب جي ترجماني ڪندڙ هِڪ مڪمل ادبي رسالي جي هر تقاضا کي پورو ڪري ٿو. سنڌ جي اِنهن ٻنهي ادبي رسالن جو سنڌ هند جا پاٺڪ بي صبريءَ سان اِنتظار ڪندا آهن. سنڌ جي سرڪاري اِداري سنڌ لئنگويج اٿارٽيءَ طرفان پنهنجي مڃتا حاصل قدبت سان ‘سنڌي ٻولي’ نالي تحقيقي جرنل (ٽماهي) رسالو برابر شايع ٿيندو آهي. اِن جا پرچا هند جي پاٺڪن تائين پهچندا آهن. سنڌي ادب جي گنڀير اڀياسن لاءِ اِهو هِڪُ بيحد اُپيوگي رسالو آهي. ۽ اڄ ڪالههنامياري اديب / نقاد تاج جويي ۽ اِسڪالر اديبا ڊاڪٽر فهميده حسين جي عالماڻي ايڊيٽرشپ ۾ وکون ڀري رهيون آهن. اِهي اَهڙا ادبي رسالا آهن جيڪي سُڌي پاٺڪن ۽ گنڀير اڀياسين جي ادبي بُک ۽ اُڃ کي شانت ڪن ٿا.

   اِن کان سواءِ اِنٽرنيٽ تي سنڌي ادبي، سفاقتي خواه سنڌيت جي سڀني حلقن جي سرگرمين سان لاڳاپيل ڪُجھ خاص ويب سائيٽس آهن جيڪي، مؤجوده دؤر جي ادبي ضرورتن کي ڪافي حد تائين پورو ڪري رهيون آهن -  تِن ۾ خاص طور سان سنڌ سلامت بوڪس. ڪام (book.Sindhsalamat.com) سنڌ سلامت ڪتاب گھر.   (Sindhsalamatkitab Ghar)  سنڌي گلاب. ڪام (SindhiGulab.com) پيچرو.ڪام  (Pechro.com)سنڌي ادبي بورڊ. آرگ (Sindhiadabiboard.org)    آن لائين لائبريري  جھڙيون سائيٽس سنڌي ادب لاءِ پاپولر سائيٽس آهن. ۽ مؤجوده دؤر جي مفيد / اُپيوگي ڄاڻ پاٺڪن کي هتان ملندي رهي ٿي.اِن کانسواءِ  هرڪنهن اِداري جون پنهنجون سائيٽس آهن. پل اُنهن جي ايڊيشن ٿيندي رهي ٿي يا نه خاطريءَ سان چئي نٿو سگھجي. ويب لٽرري پيج ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب.

 

  سنڌي ادبي رسالا :- چئلينجس / للڪارون - مؤجوده دؤر

مؤجوده دؤر ۾ ڪنهن به ڀاشا ۽ ڀاشائي اِداري لاءِ اُن ڀاشا ۾ ڇپجندڙ / نڪرندڙ رسالي کي ڪاميابيءَ سان هلائيندو رهڻ ۽ پاٺڪن تائين پهچائيندو رهڻ جيترو وڏو چئلينج آهي - اُن کان وڏو چئلينج آهي اُن ڀاشا ۾ ڳالهائيندڙ، لکڻ  -پڙهڻ وارن جي گھٽجندڙ پاٺڪن جي انگ کي گھٽجڻ کان روڪڻ، اِها اسٿتي صرف سنڌي ڀاشا جي ئي نه بلڪ ٻين ڪيترين ڀارتي ڀاشائن جي آهي-  اِن چنتاجنڪ اِسٿتيءَ کي محسوس ڪندي تازو ئي ڀارت جي اُپ راشٽرپتي شري وٽنڪيا نايڊوءَ سرسوتي سماروه ۾ ڳالهائيندي چيو “ڀارتي ڀاشائن جي استيتوَ لاءِ ضروري آهي ته شروعاتي اِسڪولي تعليم ٻارن کي اُنهن جي مادري زبان / ماترڀاشا ۾ ڏني وڃي.” وقت اَچي ويو آهي سجاڳ ٿيڻ جو سرڪار / راجيه سرڪار طرفان اِن ڏس ۾ تڪڙا قدم کڻڻ جو -  ڪنهن به ڀاشا جو وجود/  استيتوَ اُن ڀاشا ۾ ڳالهائيندڙ- پڙهڻ - لکڻ وارن سان ئي آهي.

   خير، سنڌي ادب جي حوالي ۾ سنڌي ادبي رسالن جو وڏو چئلينج آهي سنڌي پاٺڪ پيدا ڪرڻ. خاص ڪري نئين پيڙهيءَ جو پاٺڪ جنهن کي موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي دنيا پنهنجي جادوئي ڀاشا ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. ڪنهن رسالي جي بند ٿيڻ جو وڏو سبب اُن رسالي جو خريدار نه ملڻ هوندو آهي. سنڌي رسالن سان به لڳ ڀڳ اِهائي حالت آهي. رسالو / ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ عام ته ٺهيو خاص پاٺڪ جي فطرت ۾ نه هوندو آهي. تنهنڪري ادبي رسالن کي سرڪاري اِمداد جي شرڻ وٺڻ کانسواءِ زنده رهڻ جو ٻيو ڪو وسيلو ڪونه بچندو آهي.

    سرڪاري مخزنن کانسواءِ ٻيون جيڪي مخزنون نڪرن ٿيون سي گھڻو ڪري ايڊورٽائيزمينٽ / اِشتهارن ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌيت لاءِ پيار ۽ جزبو رکندڙ شاهوڪارن ۽ سڪشم طبقي جي مالي اِمداد سان پاڻ کي زنده رکي ويٺيون آهن. جيڪڏهن ڪڏهن سرڪاري اِدارا / اڪادميون رسالن / ڪتابن جون طئه شده ڪاپيون خريد نه ڪندا آهن ته وڌيڪ مشڪل حالت کي مُنهن ڏيڻو پوندو آهي. خاص ڪري ڪونج، رچنا، سپون، هندواسي پوريءَ طرح سان اِشتهارن ۽ خانگي مالي اِمداد جي ٻل تي ۽ سمپادڪن   بانيڪارن جي ادب ٻوليءَ ۽ سنڌيت کي بچائڻ وڌائڻ جي جذبي ۽ جنون جي سهاري ئي هلي رهيون آهن -  اِنهن کي سمورو سال مالي وسيلن کي گڏ ڪرڻ جي چنتا ۾ ئي نڪري ٿو وڃي. اِنڪري رسالي جي مول ڀاونا  اُديش به ڪٿي نه ڪٿي متاثر ٿئي ٿو ۽ رسالن جو ادبي فليور جھڪو پئجي ٿو وڃي.

   اَهڙين حالتن جي هلندي ‘ڇوليون’ جھڙيون ڪيتريون سٺيون ادبي مخزنون ساليانو به نه نڪري سگھيون، (گذريل  4 - 3 سالن کان اِن جو انڪ ڏسڻ نه آيو آهي.)

    ساڳيءَ ريت سنڌي ساهتيه جو هندي پاٺڪ ورگ سان هِڪُ جڙاو - ناتو قائم ڪندڙ معياري مخزن ‘سُرڀي’ (سُهڻي پبليڪيشن - سمپادڪ لڇمڻ ڀمڀاڻي) جي اِشاعت به گذريل ٻن سالن کان اِريگيولر آهي يا بند آهي  -اڄ جي سوشل ميڊيائي دور ۾ سنڌي ساهتيه جي ترجماني ڪندڙ هندي يا انگريزي ڀاشا ۾ ڇپجندڙ رسالن جي اهميت ۽ ضرورت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي  -ڪنهن زماني ۾سنڌي انٽرنئشنل (لعل پشپ) اسين سنڌي (جئرام روپاڻي)  سهيوگ ٽائيمس اِنٽرنشنل (رام جواهراڻي) سنڌي شان (رڻجيت بوٽاڻي) جھڙا سنڌي ساهتيه، سنڌيت کي باقي دنيا سان واقف ڪرائڻ ۽ جوڙڻ وارا انگريزي ڀاشا ۾ نڪرندڙ رسالن جو سلسلو به گھڻو ڪري مالي حالتن جي ڪري بند ٿيو يا رُڪجي ويو. حالانڪه رسالن کي خريد ڪرڻ جي سرڪاري اسڪيم / يوجنا ۽ شاهوڪار ۽ سنڌي سُڃاڻ شخصن جي  مالي ۽ هر طرح جي مدد برابر ملندو رهڻ جي  باوجود به جيڪڏهن ڪو رسالو نٿو نڪري يا بند ٿي ٿو وڃي - ته ڪٿي نه ڪٿي جنون ۽ جذبي جي ڪمي نظر اچي ٿي -  ۽ وڏو سبب اِنهن رسالن کي پاٺڪن تائين پهچائڻ ۽ پاٺڪن جي اُداسينتا به آهي -  سرڪاري اِدارن  اڪادمين کي اهڙن رسالن کي مالي اِمداد مهيا ڪرائي   همٿائي جي باري ۾ سوچڻ ۽ اسڪيمون امل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي  تڪڙا قدم کڻي.

      پراڻي پيڙهيءَ ۾ پنهنجي ٻوليءَ، ادب ساهتيه سنسڪرتيءَ لاءِ جذبو، جنون ۽ ڪميٽمينٽ هئي ۽ اُنهن پنهنجو رول بخوبي نڀايو به  -جڏهن ڪ نئين پيڙهيءَ کي پنهنجي ٻولي - ادب - سنسڪرتيءَ جو سنسڪار هاڻي لرننگ ڪلاسز ۽ لرننگ ائپس (Learning app) ذريعي ذنو پيو وڃي.

   مالي تڪليفن کانسواءِ سنڌي رسالن آڏي ٽرينڊ سنڌي اِسٽاف جي ڪمي يا سنڌيءَ جي ڄاڻ رکندڙ اِسٽاف / ماڻهن جو سؤلائيءَ سان نه ملڻ به هڪ رسالي کي بنا ڪنهن رنڊڪ هلائڻ  (Smothly) به چئلينج آهي - خاص ڪري عربي لپيءَ جي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو /  اِسٽاف نه ملڻ ڪري، سمپادڪ کي سڄو ڪم ڪرڻو پوي ٿو. مخزن کي سيٽ ڪرڻ کان وٺي-  پوسٽ ڪرڻ تائين هڪ سمپادڪ آخر ڪيترو بار پاڻ تي کڻي سگھندو - جيستائين کڻي سگھندو هلندو. ڪونج جو انڪ هن سال هڪ اڌ ئي نڪتو آهي - سپون جا به انڪ ڪافي اِنتظار کان پوءِ مليا - رچنا لڳ ڀڳ ڇهه ماهي نڪري ٿي -  ‘ڇوليون’ جو ته ڪو پرچو ڪافي وقت کان شايد نه نڪري سگھيو آهي ۽ ‘سُرڀيءَ’ جو به مطلب ته ڪيئن به ڪري پاڻ پتوڙي رسالن جا سمپادڪ / اِدارا سال ۾ ٻه انڪ ڪڍي پنهنجي حاضري درج ڪرائين ٿا.

      رسالن لاءِ اڄ وڏو چئلينج آهي اِليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا - نئين پيڙهيءَ کان وٺي پراڻي پيڙهيءَ تائين هرڪو ٽي.وي. اِنٽرنيٽ، سوشل ميڊيا سان ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ جڙيل آهي ۽ اُن ورچيول ورلڊ / آڀاسي / واستوڪ دنيا کان ٻاهر نڪرڻ نٿو چاهي. پاٺڪن / درشڪن کي اُتي هر طرح جو منورنجن ۽ ناليج سولائيءَ سان ملي ٿو  ۽ اُن سان جڙيو رهڻ به  ائڪسائيٽنگ لڳي ٿو - اِن حالت کي ڏسي لڳي ٿو دنيا ايندڙ ڪجھه سالن ۾ پيپرليس(paperless)  ٿي ويندي-  اهڙين حالتن جي هلندي ليکڪن / پرڪاشڪن خاص طور سان ڀاشائي رسالن کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته هو جيڪو ساهتيه ڏئي رهيا آهن، اُهو پاٺڪن جي رچناتمڪ سوچ کي جاڳائي، ۽ وشين جي چونڊ اهڙي هجي جو اُنهن جو اِنٽريسٽ ڪرئيٽ ٿئي رسالي ۾ - ڪامپيٽيشن جي دؤر ۾ هو ڪهڙو ۽ ڪيترو مئٽر (Matter) ڇاپي رهيا آهن  -جيڪو پاٺڪن کي ٻڌي سگھي.

   اَڄوڪي دؤر ۾ ساهتڪار / ليکڪ پنهنجي سڃاڻپ کي خاص ويچارڌارا / دائري ۾ محدود رکڻ نٿو چاهي - جتي هُن کي سُڃاڻپ ۽ مالي فائدو ملي ٿو هو اُتي يا اُن سرڪل ۾ رهڻ ٿو چاهي.ساهتڪارن / ليکڪن جي پيشيور اِنڊيويڊل (Individual indenti)  شخصي سڃاڻپ واري سوچ به خانگي رسالن جي صحت لاءِ سازگار ماحول ڪونهي - سرڪاري ۽ وڏا اِدارا - ساهتڪارن کي جوڳو / سٺو آرٿڪ لاڀ ڏين ٿا ۽ اليڪٽرانڪ / سوشل ميڊيا جي ڪي مرڪز آرٿڪ لاڀ جو آڪرشڻ آهن -  جڏهن ڪونج ۽ سپون هندواسي رچنا جھڙا رسالا -  ساهتيه سان پيار سيوا ۽ سنڌيت جي جذبي / ڀاوَ سان سنڌي ادب جي مشعال کي جھيلندي رسالو اڄ به سنڌي پاٺڪن تائين پهچائي رهيا آهن - سوشل ميڊيا جي هِن چڪا چونڌ واري دؤر ۾ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادبي رسالن کي پنهنجي پراسنگڪتا ۽ اُپيوگتا  کي قائم رکڻ لاءِ - وقت ۽ حالتن موجب ٻاهرئين– اندرئين /  مال - رومال   روپ رنگ  کي پُرڪشش بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي - مثال طور جئپور راجسٿان مان ڀاسڪر گروپ طرفان شايع ٿيندڙ رسالو ‘اها! زندگي’ (منٿلي ماهوار ايڊيٽر)   هنديءَ جا پاٺڪ جي خاص پسند آهي -   ۽ بُڪ اِسٽال (رچنا هفتيوار) تي آسانيءَ سان ڪونه ملندو آهي - پنهنجي مال - رومال ۾ اِهو رسالو فطرتي ادبي آهي - ۽ وئراٽي ۽ ڪرئيٽوٽي هن جي خوبي آهي.

     سو اهڙي سوچ جي ضرورت آهي - سنڌي ادبي رسالا پنهنجي سوچ ۾ شروعات کان وٺي ادبي رهيا آهن - ساهتيه جي نئين پيڙهيءَ کي  پئدا ڪندا رهيا آهن. ادب جي معيار کي قائم رکندي - مؤجوده دؤر ۾ يا وري ڪوبه دؤر هجي،  اسان جا سُڄاڻ سنڌي ساهتڪار / ليکڪ پنهنجو پاڻ ۾ ادب جا رسالا آهن جيئرا جاڳندا - اُنهن سان گھڙي کن وهنداسين ادب سان ڀرجي ويندو.   (پورو ٿيو)

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment