شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 11 - جولاءِ - 2020ع

خلاصہ قرآن - اڻٽيهون سيپارو - تبارك


صبح 05 لڳي 43 منٽ -ڇنڇر 23 مئي 2020  144 
image-1


اڻٽيهين سيپاري ۾ موجود سورتن جو خلاصو هيٺ ڏجي ٿو
سوره الملك: مڪي آهي ۽ هن ۾ 30 آيتون آهن. هن سورت ۾ الله جي قدرت جو بيان آهي جيئن سندس هٿ ۾ بادشاهي آهي، هر شيء تي قادر آهي، انسانن کي آزمائڻ لاءِ موت ۽ زندگيءَ جو سرشتو ٺاهيائين، بي عيب ست آسمان خلقيائين، انهن کي ستارن سان سينگاريائين، ظاهر يا ڳجھ ۾ ڪيل ڳالھ جو کيس علم آهي ،زمين کي انسان جي تابع ڪيائين، پکين کي هوا ۾ اڏرڻ جي صلاحيت ڏنائين، انسان کي پيدا ڪيائين ۽ کيس ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سوچڻ جي صلاحيت ڏنائين. کيس قيامت جي وقت جي خبر آهي. هاڻي اهڙي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو جيڪو انڪار ڪندڙن جي مدد لاءِ اچي؟ قيامت جي ڏينهن ڪافر پڇتائيندا ته ڪاش دنيا ۾ رسول جي ڳالھ ٻڌون ها ۽ سمجهون ها ته اڄ جهنم ۾ نه هجون ها.
سورة القلم: مڪي آهي ۽ هن ۾ 52 آيتون آهن. هن سورت ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن جو اعلى اخلاق جو صاحب هجڻ جو بيان آهي ۽ نبي صلي الله عليه وسلم جن کي چيو ويو آهي ته توهان تڪذيب ڪندڙن جي پرواہ نه ڪيو اللہ کين ائين ئي آزمائش ۾ وجهي سگهي ٿو جيئن باغ وارن کي وڌو هئائين جيڪي صبح سوير ميوو پٽن نڪتا ۽ هڪٻئي سان سس پس ڪندا پئي هليا ته تڪڙا هلو جيئن ڪو مسڪين اچي ميوي جي صدا نه هڻي. الله سندن ان عمل جي ڪري سندن باغ کي ائين ڪري ڇڏيو جيئن لڻيل پوک. اهو دنيا جو عذاب هيو آخرت جو عذاب ان کان به وڏو هوندو. دنيا ۾ جنهن کي سجدي جي عادت نه هوندي آخرت ۾ جيڪڏهن سجدي لاءِ چئبس ته سندس عضوا سجدي لاءِ نه ورندا.
سورة الحاقة: مڪي آهي ۽ هن ۾ 52 آيتون آهن. قيامت کي هر حال ۾ واقع ٿيندڙ چيو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ قيامت جو انڪار ڪندڙ قومن ثمود، عاد ۽ فرعون جي هلاڪت کي امت محمديه لاءِ نصيحت جو اهڃاڻ چيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ قيامت جي پهرين مرحلي يعني هن ڪائنات جي تباهي کي بيان ڪيو ويو آهي. قيامت جي ڏينهن جن کي اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ملندو اهي خوشي خوشي چوندا اچو ڏسو اسان جو اعمال نامو ۽ پوءِ کين ملندڙ نعمتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي جن کي اعمال نامو کاٻي هٿ ۾ ملندو اهي پڇتائيندا، کين ملندڙ عذاب جو ذڪر آهي. آخر ۾ قرآن لاءِ چيو ويو آهي ته هي نه ڪنهن شاعر ۽ نه ئي ڪنهن جادوگر جو ڪلام آهي بلڪ جهانن جي رب جي طرفان نازل ڪيل آهي.
سوره المعارج: مڪي آهي ۽ هن ۾ 44 آيتون آهن. قيامت جو انڪار ڪندڙن لاءِ چيو ويو آهي ته انهن کي اها ناممڪن لڳي ٿي پر اسان ان کي ويجھو ڀانيون ٿا. ان ڏينهن دوست دوست جي ڪم نه ايندو توڻي جو هڪٻئي کي ڏسندا ۽ مجرم تمنا ڪندو ته هو جيڪر عذاب جي عيوض پنهنجي پٽ، زال، ڀاءُ، خاندان يا جيڪو ڪجھ زمين ۾ آهي ڏئي ۽ پوءِ سندس نجات ٿئي پر ائين نه ٿيندو. مؤمنن جون صفتون بيان ڪيون ويون آهن جيڪي سوره مومنون ۾ گذري چڪيون آهن ۽ چيو ويو آهي ته اهي صفات رکندڙ جنت ۾ عزت سان داخل ٿيندا ۽ رهندا.
سوره نوح: مڪي آهي ۽ ان ۾ 28 آيتون آهن. سوره عنڪبوت ۾ گذري چڪو آهي ته حضرت نوح علیہ السلام پنهنجي قوم ۾ ساڍا نو سو سال تبليغ ڪئي. هن سورت ۾ ان تبليغ جو طريقو ۽ انتها ٻڌائي وئي آهي. نوح عليه السلام چين: مان توهان کي خبردار ڪرڻ آيو آهيان، الله جي عبادت ڪيو، کائنس ڊڄو، منهنجي اطاعت ڪيو ته هو توهان جا گناھ معاف ڪندو. اي رب! مون کين ڏينهن رات، ظاهر ظهور ۽  اڪيلائي ۾ دعوت پهچائي پر هو ان کان ڀڄندا رهيا، ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيندا هئا يا منهن کي ڍڪي ڇڏيندا هئا. الله سائين فرمائي ٿو ته سندن گناهن جي ڪري اهي غرق ڪيا ويا ۽ جهنم ۾ داخل ڪيا ويا.
سوره الجن: مڪي آهي ۽ ان ۾ 28 آيتون آهن. وادي نخله ۾ ڪنهن نماز دوران نبي صلي الله عليه وسلم جن طرفان تلاوت ڪيل آيتون جنن جي هڪ گروہ ٻڌيون ته ايمان آندائون ۽ اڳ ۾ جيڪي غلط ڪم ڪندا هئا انهن کان توبہ تائب ٿيا ۽ ٻيهر نه ڪرڻ جو عزم ڪيائون. نبي صلي الله عليه وسلم جن کي چيو ويو آهي ته توهان اعلان ڪيو ته مان صرف الله کي پڪاريندس ۽ ساڻس ڪنهن کي شريڪ نه ڪندس، منهنجي اختيار ۾ نه توهان کي نقصان پهچائڻ آهي ۽ نه ڀلائي، منهنجي ذمي الله جو پيغام پهچائڻ آهي.
سوره المزمل: مڪي آهي ۽ هن ۾ 20 آيتون آهن. هن سورت ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن کي قيام الليل جو حڪم ٿيل آهي ۽ ماڻهن جي ڳالهين تي صبر ڪرڻ ۽ کين پنهنجي حال تي ڇڏڻ جو حڪم آهي. صحابہ جي تعريف ڪئي وئي آهي ته اهي به رات جو قيام ڪن ٿا، قرآن جي تلاوت ڪن ٿا ۽ الله جي راه ۾ قتال ڪن ٿا.
سوره المدثر: مڪي آهي ۽ هن ۾ 56 آيتون آهن. نبي صلي الله عليه وسلم جن کي دين جي تبليغ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ نه مڃيندڙن لاءِ جهنم جي وعيد ٻڌائي وئي آهي، جهنم جي صفت بيان ڪئي آهي. قيامت جي ڏينهن جهنم وارن کان پڇيو ويندو ته توهان کي ڪهڙي شي جهنم ۾ داخل ڪرايو؟ ته وراڻيندا: اسان نماز نه پڙهندا هئاسين، مسڪينن کي کاڌو نه کارائيندا هئاسين، حق جي خلاف ڳالهايون ٺاهڻ وارن سان گڏ ڳالهيون ٺاهيندا هئاسين ۽ قيامت جو انڪار ڪندا هئاسين تان جو اسان کي موت آيو.
سوره القيامه: مڪي آهي ۽ هن ۾ 40 آيتون آهن. بعث بعد الموت کي نه مڃيندڙن جو دليل هوندو هو ته انسان مري کپي ويندو آهي ته پوءِ سندس هڏيون ٻيهر ڪيئن جڙنديون؟ ته هن سورت ۾ الله سائين فرمائي ٿو ته توهان هڏين جي ڳالھ ڪيو ٿا اسان ته انسان جي آنڱرين جي پورن کي به صحيح سلامت ٺاهڻ تي قادر آهيون (هتي آنڱرين جي پورن جو ذڪر خاص اهميت رکي ٿو جو جديد سائنسي علم مان اسان کي خبر پئي ٿي ته هڪ انسان جي آنڱرين جا نشانfinger prints ٻئي انسان جي آنڱرين جي نشانن سان نه ٿا ملن ۽ ائين اهي نشان هر انسان جي سڃاڻپ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا). قيامت جي ڏينهن انسان پنهنجي عملن کان واقف هوندو ۽ اتي ڪيترا به بهانا گهڙي پر ڪم نه ايندس. موت جي وقت جي ڪيفيت بيان ڪئي وئي آهي. انسان کي سندس پهرين پيدائش ڏانهن توجه ڇڪرائي الله سائين پڇي ٿو ته اهڙي ذات جنهن انهن کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو ان ڳالھ تي قادر نه آھي ته مُردن کي ٻيهر جيئرو ڪري؟
سوره الدهر: مدني آهي ۽ هن ۾ 31 آيتون آهن. هن جو ٻيو نالو سوره الإنسان آهي. هن سورت ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته الله سائين انسان کي خلقي، کيس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت عطا ڪري سڌي رستي ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو پوءِ ڪو اها هدايت قبول ڪري ٿو ۽ ڪو وري انڪار ڪري ٿو نيڪوڪارن جون خوبيون بيان ڪيون ويون آهن ته اهي نذر پوري ڪندا آهن، مسڪينن، يتيمن ۽ قيدين کي کاڌو کارائيندا آهن ۽ بدلي ۾ کانئن ڪو بدلو يا شڪرگذاري نه طلب ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ جنت جون نعمتون آهن. انڪار ڪندڙن لاءِ چيو ويو آهي ته دنيا جي خاطر آخرت کي وساري ويٺا آهن، اهڙن ظالمن لاءِ الله سائين سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
سوره المرسلات: مڪي آهي ۽ هن ۾ 50 آيتون آهن. هن سورت جو بنيادي موضوع قيامت ۽ بعث بعد الموت آهي. نبي صلي الله عليه وسلم جن جڏهن مڪي وارن کي قيامت، بعث بعد الموت متعلق ٻڌائيندا هئا ته اهي سوال ڪندا هئا ته آخر اهو سڀ ڪجھ ڪڏهن ٿيندو؟ هن سورت ۾ کين جواب ڏنو ويو آهي ته ان لاءِ هڪ ڏينهن رکيو ويو آهي جيڪو فيصلي جو ڏينهن هوندو جنهن ۾ جنتي نعمتن ۾ ھوندا ۽ مجرم عذاب ۾. بعث بعد الموت سمجهائڻ لاءِ انسان کي سندس پهرين پيدائش ياد ڏياري وئي آهي ته ڪيئن نه اسان کيس حقير نطفي مان پيدا ڪيو. 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment