شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 11 - جولاءِ - 2020ع

خلاصہ قرآن - اٺاويهون سيپارو - قد سمع الله


صبح 07 لڳي 32 منٽ -جمعو 22 مئي 2020  131 
image-1

اٺاويهين سيپاري ۾ شامل سورتن جو خلاصو هن ريت آهي

سوره المجادله: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 22 آيتون آهن. سورت جي شروعات ظهار جي مسئلي ۽ ان جي ڪفاري جي بيان سان ٿئي ٿي. الله جي هر جڳھ تي موجودگيءَ جو ذڪر آهي. جنهن کان پوءِ معاشرتي آداب سيکاريا ويا آهن جيئن غير ضروري طور تي سس پس ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي، مجلس ۾ ڪشادگي پيدا ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته ڪشادگي ڪجي، مجلس ختم ٿيڻ تي اٿڻ لاءِ چيو وڃي ته اٿي وڃجي. ايمان آڻيندڙ ۽ علم رکندڙن کي الله بلند درجا عطا ڪندو آهي. حزب الشيطان (شيطان جو ٽولو) ۽ حزب اللہ (الله جي جماعت) جو ذڪر ڪري حزب اللہ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي

سوره الحشر: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 24 آيتون آهن. سورت جي شروعات ۾ يهودي قبيلي بنو نضير طرفان ساڻن ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙي جي نتيجي ۾ کين مديني نيڪالي جي سزا ڏيڻ جو ذڪر آهي. مال غنيمت ۾ الله، سندس رسول ۽ ان جي مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن جو حصو آهي. اهو ٻڌائڻ کان پوءِ الله سائين معاشيات جو اهم اصول بيان ڪيو آهي ته مال جي تقسيم جو اهو فارمولو ان لاءِ ڏنو ويو آهي ته جيئن دولت رڳو اميرن ۾ گردش نه ڪندي رهي. انصار مدينه جو مڪي مان آيل مهاجرن لاءِ ڏنل قربانين ۽ ايثار جو ذڪر آهي. شيطان انسان کي ڪفر تي اڀاريندو آهي ۽ جڏهن هو ڪفر ڪندو آهي ته شيطان چوندو اٿس ته منهنجو تو سان ڪو واسطو نه آهي، مان ته الله کان ڊڄان ٿو، ائين ٻئي جهنم ڀيڙا ٿيندا. اي ايمان وارو! الله کان ڊڄو ۽ توهان مان هر هڪ ڏسي ته هن سڀاڻي يعني آخرت جي ڇا تياري ڪئي آهي؟ سورت جي آخر ۾ الله جون 16 صفتون بيان ڪيون ويون آهن

سوره الممتحنة: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 13 آيتون آهن. مڪي وارن طرفان صلح حديبيه جي خلاف ورزي جي صورت ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن مڪي ڏانهن مارچ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. مديني ۾ هڪ مهاجر صحابي حضرت حاطب بن ابي بلتعه هڪ خفيه خط ذريعي مڪي وارن کي نبي سائينءَ جن جي ان ارادي کان آگاه ڪيو جنهن مان سندس مقصد مڪي ۾ موجود پنهنجي ٻارن کي بچائڻو هو. الله سائينءَ نبي سائينءَ جن کي ان متعلق اطلاع ڏنو جنهن تي پاڻ ٽن صحابين کي ان عورت جي پٺيان موڪليو جيڪا اهو خط کڻي وڃي رهي هئي، صحابه ان عورت تائين پهچي کائنس اهو خط واپس وٺي اچي نبي سائينءَ جن جي حوالي ڪيو. هيءُ سورت ان تناظر ۾ نازل ٿي جنهن ۾ اٿندي ئي فرمايو ويو ته "اي ايمان وارو جيڪڏهن توهان منهنجي راه ۾ جهاد ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيو ته پوءِ منهنجي ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بڻايو، توهان انهن سان دوستي جا حيلا هلايو ٿا جڏهن ته توهان وٽ ايندڙ حق جو هو انڪار ڪري چڪا آهن... " مڙس مسلمان ٿي ويو هجي ۽ زال ڪافر هجي يا زال مسلمان ٿي وئي هجي ۽ سندس مڙس ڪافر هجي ته الله سائينءَ فيصلو ڏنو ته مسلمان عورت لاءِ ڪافر مڙس حلال نه آهي، ساڳي طرح مسلمان مرد لاءِ جائز نه آهي ته مشرڪ زال کي پنهنجي نڪاح ۾ رکي. اهو مسئلو مسلمانن جي مڪي مان مديني هجرت ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿي پيو هو. آخر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن کي وٽن ايمان آڻڻ جي غرض سان ايندڙ عورتن کان شرڪ، چوري، زنا، اولاد کي قتل ڪرڻ، ڪنهن تي بهتان هڻڻ، نبي جي نافرماني جهڙن گناهن کان بچڻ جو وعدو وٺي ساڻن بيعت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

سوره الصف: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 14 آيتون آهن. اي ايمان وارو! توهان اهڙي ڳالھ ڇو ٿا چئو جيڪا توهان پاڻ نه ٿا ڪيو؟ الله کي اهو سخت ناپسند آهي ته توهان اهڙي ڳالھ چئو جيڪا پاڻ نه ڪيو. عيسى عليه السلام جو پنهنجي قوم کي نبي صلي الله عليه وسلم جن جي مبعوث ٿيڻ جي خوشخبري ڏيڻ ته مون کان پوء هڪ رسول ايندو جنهن جو نالو احمد هوندو. الله ۽ سندس رسول تي ايمان، سندس راہ ۾ جان و مال سان جدوجهد ڪرڻ کي دردناڪ عذاب کان بچائيندڙ، گناهن کي معاف ڪرائيندڙ ۽ جنت ۾ وٺي ويندڙ واپار سڏيو ويو آهي

سوره الجمعه: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 11 آيتون آهن. هڪ اهڙي رسول جي بعثت کي جيڪو الله جون آيتون تلاوت ڪري ٿو، ماڻهن جو تزڪيو ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو، الله جو وڏو فضل چيو ويو آهي. يهودين جو مثال ڏنو ويو آهي ته انهن کي تورات ڏني وئي پر هنن ان تي عمل نه ڪري ثابت ڪيو ته اهي ان گڏھ وانگر آهن جنهن جي مٿان ڪتابن جو ڍير هجي. يهودين کي اهو چيلينج ڏنو ويو آهي ته جيڪڏھن توھان پنهنجي ان دعوى ۾ سچا آهيو ته توهان الله کي ٻين کان وڌيڪ پيارا آهيو ته پوءِ موت جي تمنا ڪيو. جمعي جي نماز جو حڪم آهي ته اذان اچڻ سان واپار وڻج روڪيو ۽ نماز جي ادائگيء کان پوءِ وري روزيء جي تلاش ۾ لڳي وڃو

سوره المنافقون: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 11 آيتون آهن. هن سورت ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ موجود منافقن جي طرز عمل تي روشني وڌي وئي آهي ته اهي ڪوڙا آهن، الله جي راه کان روڪيندا آهن، ڏسڻ ۾ سٺا، ڳالهائڻ جا مٺا، بيٺل ائين لڳندا ڄڻ ڪاٺ جا بنڊ، هر آواز کي پنهنجي خلاف سمجهندا، جڏهن چئبن ته رسول کان استغفار ڪرايو ته تڪبر ۾ ڪنڌ لوڏي لنوائيندا، ماڻهن کي جهليندا وتندا ته رسول جي ساٿين تي خرچ نه ڪيو، پاڻ کي مؤمنن جي مقابلي ۾ عزت دار سمجندا. الله سائين سندن حرڪتن کي بڇڙيون حرڪتون سڏيو آهي. الله سائينءَ مؤمنن کي خبردار ڪيو آهي ته توهان جا مال ۽ اولاد توهان کي الله جي ياد کان غافل نه ڪن. موت اچڻ کان پهريون الله جي راه ۾ خرچ ڪيو

سوره التغابن: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 18 آيتون آهن. سورت جي شروع ۾ اللہ جي قدرت ۽ علم جو ذڪر آهي. جنهن کان پوءِ ماڻهن جي ان عمومي روش جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڇا هڪ بشر اسان کي هدايت ڏيندو؟ بعث بعد الموت کي نه مڃڻ وارن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته توهان ضرور ٻيهر جيئرا ٿيندا ۽ ان ڏينهن توهان کي توهان جي اعمال متعلق ٻڌايو ويندو. قيامت جو ڏينهن نتيجي جو ڏينهن هوندو، ايمان ۽ عمل صالح وارا ڪامياب ليکبا ۽ جنت جا حقدار ٿيندا، انڪار ۽ تڪذيب ڪندڙ وري جهنم ڀيڙا ٿيندا. اهل و اولاد (جيڪي الله جي راه ۾ رڪاوٽ بڻجن) جي فتني کان بچڻ ۽ انفاق في سبيل الله جو حڪم ڏنو ويو آهي

سوره الطلاق: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 12 آيتون آهن. هن سورت ۾ طلاق، عدت، زال مڙس مان هر هڪ جي ذميوارين ۽ حقوق متعلق ٻڌايو ويو آهي. جيڪو تقوى اختيار ڪندو ته الله ان لاءِ(پريشانين کان بچڻ لاءِ) ڪو نه ڪو رستو ڪڍندو ۽ کيس اتان رزق ڏيندو جٿان سندس گمان به نه هوندو ۽ جيڪو الله تي ڀاڙيندو ته اهو ان لاءِ ڪافي آهي. سورت جي آخر ۾ الله جي قدرت ۽ انڪار ڪندڙن جي انجام جو بيان آهي

سوره التحريم: مدني سورت آهي ۽ هن ۾ 12 آيتون آهن. هڪ دفعو نبي صلي الله عليه وسلم جن ازواج مطهرات جي خاطر ماکيء کي پنهنجي مٿان حرام قرار ڏنو ته الله سائينءَ هي سورت نازل ڪئي ته اي نبي تون پنهنجي مٿان اها شي ڇو ٿو حرام ڪرين جيڪا الله تنهنجي لاءِ حلال ڪئي آهي؟ الله حڪمت ۽ علم وارو آهي. اي ايمان وارو! بچايو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي ان باھ کان جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر ٿيندا، ان جا نگران اهڙا فرشتا آهن جيڪي ڪٺور دل ۽ سخت آهن، ڪنهن به امر ۾ الله جي نافرماني نه ڪندا آهن ۽ جيڪي حڪم ملندو اٿن اهو ڪندا آهن. اي ايمان وارو! سچي توبہ ڪيو ته الله به توهان جا گناھ معاف ڪندو ۽ توهان کي جنت ۾ داخل ڪندو. نوح ۽ لوط عليهما السلام جي گهر وارين جو مثال ڏنو ويو آهي ته اهي ٻئي انبياء جون گهرواريون هوندي به نافرماني جي ڪري جهنم جون مستحق ٿيون ۽ انهن ٻنهي جي مقابلي ۾ فرعون جي گهرواري ۽ مريم عليها السلام جو مثال ڏنو ويو آهي ته اهي پنهنجي ايمان ۽ اطاعت جي ڪري جنت جون مستحق ٿيون

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment