شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 11 - جولاءِ - 2020ع

خلاصہ قرآن - ستاويهون سيپارو - قال فما خطبکم


صبح 11 لڳي 53 منٽ -خميس 21 مئي 2020  152 
image-1

ستاويهون سيپارو سوره ذاريات جي بقايا 30 آيتن، سوره طور، نجم، قمر، رحمان، واقعہ ۽ سوره حديد تي مشتمل آهي

سوره ذاريات جو بقيه حصو

فرشتن جو ابراهيم عليه السلام کي پٽ جي اولاد ٿيڻ جي خوشخبري ڏيڻ، قوم لوط، عاد، ثمود، قوم موسى ۽ قوم نوح تي آيل عذاب جو تذڪرو آهي. ڪائنات جي وسعت پذير هجڻ جو ذڪر آهي. اسان انسانن ۽ جنن کي پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي

سوره طور

مڪي آهي ۽ ان ۾ 49 آيتون آهن. قيامت جي وقوع جا مختلف مظهر بيان ڪرڻ کان پوءِ چيو ويو آهي ته قيامت جو انڪار ڪندڙن کي ان ڏينهن چيو ويندو هي اٿو اهو جنهن جو توهان انڪار ڪندا هئا، هاڻي ٻڌايو ڇا هي ڪو جادو آهي يا توهان جي ديد نه ٿي پئي. متقين جي جنت ۾ هجڻ جو بيان آهي، اهي چوندا ته دنيا ۾ ڏاڍو خوف ٿيندو هو پر الله سائين ڪرم ڪيو ۽ عذاب کان بچايائين ان ڪري جو اسان کيس ئي پڪاريندا هئاسين. مؤمن پيئرن ۽ سندن مؤمن اولاد کي قيامت جي ڏينهن پاڻ ۾ ملايو ويندو. اي محمد هي توهان کي ڪاهن، مجنون يا شاعر ڪوٺين ٿا پر توهان نصيحت ڪندا رهو ۽ کين چئو ته توهان اهڙو ڪلام آڻي ڏيکاريو جي سچا آهيو ته ۽ کين پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. پنهنجي رب جي حڪم سان جڙيل رهو، بي شڪ توهان اسان جي نگراني ۾ آهيو.

سوره نجم

مڪي آهي ۽ ان ۾ 62 آيتون آهن. سورت جي شروع ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن جي حضرت جبرئیل علیہ السلام کي سندس اصلي شڪل ۾ ٻه دفعا ڏسڻ جو ذڪر آهي هڪ دفعو زمين تي ۽ ٻيو معراج جي موقعي تي آسمانن ۾، اهو ٻڌائڻ مان مقصد اهو آهي ته نبي صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي طرف کان ڪجه نه ٿا چون بلڪ هو وحي جي پيروي ڪن ٿا. ڪفار مڪه جو لات، عُزى ۽ مناة کي پوڄڻ جو ذڪر آهي ته اهي نالا انهن پاڻ ۽ سندن ابن ڏاڏن جا رکيل آهن، الله ان لاءِ ڪو دليل نازل نه ڪيو آهي. الله فرمائي ٿو ته وڏائي نه ڪيو جو اللہ کي توهان جي ان وقت کان خبر آهي جڏهن توهان ماء جي پيٽ ۾ جنين جي شڪل ۾ هئا. اڳين آيتن ۾ الله جي قدرت ۽ صفات جو بيان آهي

سوره قمر

مڪي آهي ۽ هن ۾ 55 آيتون آهن. مڪي ۾ واقع ٿيندڙ شق القمر واري واقعي جو ذڪر ڪري ٻڌايو ويو آهي ته قيامت جو وقوع ويجهو آهي ۽ ڪفار مڪه وري مسلسل انڪار واري روش ۾ مبتلا آهن. کين پٺين قومن مان قوم نوح، عاد، ثمود ،لوط ۽ قوم فرعون جي بدڪارين ۽ سندن انجام کان آگاه ڪري اهو سوال ڪيو ويو آهي ته ڇا توهان انهن کان بهتر آهيو يا پٺين ڪتابن ۾ توهان جي معافي جو اعلان ٿيل آهي يا توهان سمجهو ٿا ته توهان پاڻ کي بچائي ويندو؟ توهان جهڙن گهڻن ئي کي هلاڪ ڪري چڪا آهيون، انهن مان نصيحت وٺو. وڏي اختيار واري بادشاھ وٽ متقين جي لاءِ قيامت جي ڏينهن باغ ۽ نهرون هونديون.

سوره رحمان

مدني آهي ۽ هن ۾ 78 آيتون آهن. هن سورت ۾ الله سائين پنهنجي نعمتن ۽ قدرتن کي بيان ڪيو آهي، انهن مان هڪڙيون اهي آهن جن جو تعلق هن دنيا سان آهي جيئن انسان کي اظهار جي سگھ عطا ڪرڻ؛ سج چنڊ تارا زمين آسمان خلقڻ ۽ انهن جي درميان توازن برقرار رکڻ؛ وڻ ٽڻ مختلف قسم جا ميوا خلقڻ؛ انسان جي مٽيءَ مان ۽ جنن جي باھ مان پيدائش؛ ٻن سمنڊن جي وچ ۾ پردو حائل ڪرڻ، انهن ۾ لؤلؤ ۽ مرجان جو وجود ۽ جهازن جو انهن ۾ ترڻ؛ وسيع و عريض ڪائنات جي تخليق ۽ ان تي سندس ڪنٽرول. ٻيون جن جو تعلق آخرت سان آهي جيئن جنت جون نعمتون ۽ جهنم جو عذاب

سورت ۾ 31 دفعا الله سائين فرمايو آهي فبأي آلاء ربڪما تڪذبان. آلاء جي عموما "نعمت" معنى ورتي ويندي آهي جڏهن ته ان جي اصل معنى "قدرت" آهي ۽ نعمت جي معنى ۾ به استعمال ٿيندو آهي تنهن ڪري نعمتن جي بيان کان پوءِ آيل ان جملي جو مطلب ٿيندو "توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟" ۽ جٿي وري جهنم جي عذاب جيئن آيت 43-44، يا زمين ۽ آسمان جي ڪنارن کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش جي نتيجي ۾ باھ جا شعلا وسڻ (آيت نمبر 33-36) جو بيان آهي اتي معنى "توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين قدرتن جو انڪار ڪندؤ" وڌيڪ مناسب آهي

سوره واقعہ

مڪي آهي ۽ هن ۾ 96 آيتون آهن. قيامت جي ڏينهن انسانن جا ٽي طبقا هوندا هڪڙو السابقون جو جيڪي ايمان ۽ ۽ عمل صالح جي اعلي درجي تي فائز هوندا جيئن انبياء ۽ مشڪل وقت ۾ سندن ساٿ ڏيندڙ اصحاب. ٻيو طبقو ساڄي هٿ وارو جن کي سندن اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، اهي جنتي هوندا. ٽيون طبقو جن کي سندن اعمال نامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو، اهي جهنمي هوندا. پهرين ٻن طبقن کي ملندڙ نعمتن ۽ ٽين طبقي کي ملندڙ عذاب جو ذڪر آهي. بعث بعد الموت ۾ شڪ ڪرڻ وارن کي چيو ويو آهي ته جنهن نطفي مان توهان پيدا ٿيا آهيو ان تي غور ڪيو، ڇا ان کي توهان خلقيو آهي يا اسان؟ (معنى جڏهن توهان جي پهرين پيدائش جي ابتدا جنهن ذري سان ٿي اهو به اسان جو ئي خلقيل آهي ته توهان کي ٻيهر پيدا ڪرڻ اسان لاءِ ڇو ممڪن نه آهي؟). اناج، پاڻي ۽ باھ تي غور ڪيو ته اهي ڪيئن وجود ۾ آيا؟ انهن کي توهان پيدا ڪيو يا اسان؟ اهي شيون توهان جي ضرورت جون آهن پر انهن مان نصيحت به حاصل ڪيو. قرآن مجيد جو شان بيان ڪيو ويو آهي ته اهو پاڪ ڪتاب آهي. شروع ۾ بيان ٿيل طبقن سان موت وقت ٿيل سلوڪ جي بيان سان سورت جو اختتام ٿئي ٿو

سوره حديد

مدني آهي ۽ ان ۾ 29 آيتون آهن. الله جون قدرتون ۽ صفات بيان ڪرڻ کان پوءِ فرمايو ويو آهي ته الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ مال خرچ ڪيو، ايمان آڻيندڙن ۽ خرچ ڪندڙن لاءِ وڏو اجر آهي. توهان مان جن فتح مڪه کان پهريون الله جي راه ۾ خرچ ڪيو ۽ قتال ڪيو ۽ جن وري فتح مڪه کان پوءِ اهي ٻئي ڪم ڪيا ته پهرين جو درجو وڌيڪ آهي پر هر هڪ لاءِ سٺو وعدو آهي. (يعني ڪنهن به تحريڪ جي شروعات مهل ڏنل قربانيون وڌيڪ اهميت رکن ٿيون). جيڪو الله جي راه ۾ قرض ڏيندو ته الله به کيس وڌائي چڙهائي ڏيندو. قيامت جي ڏينهن مؤمنن جي اڳيان ۽ ساڄي پاسي نور هوندو، منافق کين چوندا ته ٿورو اسان ڏي متوجہ ٿيو ته جيئن توهان جي نور مان ڪجھ سوجھرو حاصل ڪري سگهون ته کين چيو ويندو پنهنجو نور وڃي ڪٿي ٻي هنڌ تلاش ڪيو ته هو مؤمنن کي چوندا ڇا اسان توهان سان دنيا ۾ گڏ نه هوندا هئاسين؟ مؤمن وراڻيندا بي شڪ هيوَ پر توهان پاڻ کي پاڻ ئي فتني ۾ وڌو ۽ شيطان ۽ نفساني خواهشن جي دوکي ۾ اچي ٻڏ تر ۾ رهيا تان جو الله جو فيصلو اچي ويو. الله جي مغفرت ۽ رضامندي جي مقابلي ۾ دنيا جي بي وقعتي جو ذڪر آهي. اسان واضح نشانين، ڪتاب ۽ ميزان سان گڏ رسولن کي موڪليو تان ته ماڻهو انصاف تي قائم رهن ۽ لوه به لاٿوسون جنهن ۾ ڏاڍي طاقت آهي. رهبانيت متعلق آهي ته اسان عيسى جي پوئلڳن کي ان جو حڪم نه ڏنو سين بلڪ هنن پاڻ ان کي اختيار ڪيو پر وري ان جي صحيح طرح سان پوئواري به نه ڪيائون 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment