شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

خلاصہ قرآن - ڇويهون سيپارو - حم


صبح 11 لڳي 12 منٽ -اربع 20 مئي 2020  59 
image-1

ڇويهون سيپارو سوره أحقاف، سوره محمد، سوره الفتح، سوره حجرات، سوره قاف ۽ سوره ذاريات جي 30 آيتن تي مشتمل آهي.
سوره احقاف
سوره احقاف مڪي آهي ۽ هن ۾ 35 آيتون آهن. هن سورت جي شروعات ۾ الله سائين جي قدرت جو بيان آهي ۽ اهو ته جن کي هي معبود بڻايو ويٺا آهن انهن جي الله سان ڪنهن به قسم جي شراڪت داري نه آهي. ڪي وري قرآن جي لاءِ چون ٿا ته اهو جادو آهي يا محمد پنهنجي طرفان گهڙيو آهي ته تون چئين ته مان ڪو پهريون رسول نه آهيان، مون کي اها به خبر نه آهي ته توهان سان يا مون سان اڳتي هلي ڇا ٿيندو، مان صرف وحي جي پيروي ڪندڙ ۽ خبردار ڪندڙ آهيان. ماء پيء سان سهڻي سلوڪ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي. بالغ ٿيڻ کان پوءِ انسان ۾ ٻن قسمن جا رويا پيدا ٿيندا آهن هڪڙا ماڻهو الله جو شڪر ادا ڪندا آهن، الله کان نيڪ عمل جي توفيق گھرندا آهن اهڙن لاءِ جنت جو وعدو آھي. ٻيا وري چوندا آهن ته اهو ٻيهر اٿڻ ۽ جنت جهنم قصا ڪهاڻيون آهن، نسلون گذري ويون آهن (پر ڪنهن کي زنده ٿيندي نه ڏٺو). اهڙن جو شمار وري سزا يافته ۾ ٿيندو. قوم عاد جو مثال ڏئي مڪي وارن کي سمجهايو ويو آهي ته توهان کان اڳ به قومن کي هلاڪ ڪيوسين پر جيڪڏهن سندن معبود سچا هجن ها ته سندن مدد لاءِ اچن ها پر ائين نه ٿيو ان جو مطلب اهو ٿيو ته اھي معبود انهن جا پنهنجا گهڙيل هئا. طائف کان واپسي تي نبي صلي الله عليه وسلم جن نخله جي مقام تي قيام دوران ڪنهن نماز ۾ قرآن جي تلاوت ڪري رهيا هئا جيڪا جنن جي هڪ گروہ ٻڌي ۽ ڏاڍا متاثر ٿيا ۽ پنهنجي قوم کي وڃي ان کان آگاه ڪيائون، اڳين آيتن ۾ ان جو احوال آهي.
سوره محمد
سوره محمد مدني آهي ۽ ان ۾ 38 آيتون آهن. سورت جي شروع ۾ اللہ جي رستي کان روڪيندڙ ۽ الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيندڙ ۽ عمل صالح ڪندڙن جي درميان فرق ٻڌايو ويو آهي ته پهريان باطل جا پيروڪار ۽ ٻيا حق جي پيروي ڪندڙ آهن. جنگ بدر ۾ پيش ايندڙ واقعن جو هلڪو ذڪر آهي جنهن کان پوءِ مڪي وارن کي وري متنبہ ڪيو ويو آهي ته توهان کان پهريون جن قومن کي هلاڪ ڪيوسين اهي توهان کان وڌيڪ طاقتور هئا پر ڪير سندن مدد لاءِ نه آيو، زمين ۾ گهمو ڦرو ۽ انهن جي انجام کان عبرت حاصل ڪيو. ڇا اهو ماڻهو بهتر ليکبو جيڪو سڌي واٽ تي آهي ۽ جنت ۾ ويندو يا اهو جيڪو برا عمل ڪري ٿو، پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪري ٿو ۽ هميشه باھ ۾ سڙندو؟ ڇا اهي ڪافر قيامت جو انتظار ڪري رهيا آهن ته کين ٻڌاء ته قيامت جون نشانيون ظاهر ٿي چڪيون آهن، اهي قرآن تي غور ڇو نه ٿا ڪن يا انهن جي دلين تي پردا چڙهيل آهن؟ دنيا جي زندگي هڪ کيل تماشو آهي، جيڪڏهن توهان ايمان اڻيندؤ، تقوى اختيار ڪندؤ ته الله توهان کي اجر ڏيندو ۽ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته الله توهان جي جاءِ تي ڪا ٻي قوم آڻيندو ۽ اهي توهان جهڙا نه هوندا.
سوره فتح
سوره فتح مدني سورت آهي ۽ ان ۾ 29 آيتون آهن. نبي صلي الله عليه وسلم جن سن 6 هجريءَ ۾ خواب ڏٺو ته پاڻ ڪعبة الله ۾ داخل ٿي رهيا آهن، نبي جو خواب الله جي طرفان حڪم هوندو آهي، پاڻ صلي الله عليه وسلم جن ان حڪم جي تعميل لاءِ صحابہ کي ساڻ ڪري عمري جي ادائگي لاءِ نڪري پيا. هوڏانهن قريش مڪه سمجهيو ته نبي صلي الله عليه وسلم جن جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ته هنن جنگ جي تياري شروع ڪري ڏني. نبي صلي الله عليه وسلم جن حديبيه جي مقام تي پهچي مڪي وارن طرف پنهنجا نمائندا موڪلي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن جنگ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ هو عمري جي ادائگي لاءِ اچي رهيا آهن پر قريش مڪه هڪ نه ٻڌي ۽ هڪ معاهدو ڪرڻ کان پوءِ نبي صلي الله عليه وسلم جي بغير عمرو ادا ڪرڻ جي واپس مديني ڏانهن روانا ٿيا. معاهدي جو سڀ شقون بظاهر مسلمانن جي خلاف هيون تنهن ڪري اهي سخت بي چيني جو شڪار هئا ته الله سائين ھي سورت نازل ڪري ٻڌايو ته هي معاهدو فتح مڪه جو سبب بڻجندو ۽ ائين ئي ٿيو رڳو ٻن سالن کان پوءِ قريش مڪه جي طرفان هن معاهدي جي ڀڃڪڙي جي نتيجي ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن مڪي ڏانهن مارچ ڪيو ۽ بغير ڪنهن خون خرابي جي مڪو فتح ٿي ويو. مڪو فتح ڪرڻ کان پوءِ به نبي سائين جن مڪي وارن جي سالها سالن جو زيادتيون وساري عام معافي جو اعلان ڪيو. هي سڄي سورت ان واقعي جي باري ۾ آهي.
سوره حجرات
سوره حجرات مدني آهي ۽ هن ۾ 18 آيتون آهن. هن ۾ الله ۽ سندس رسول کي مقدم رکڻ، نبي صلي الله عليه وسلم جن جي مجلس ۾ حاضري جا آداب ٻڌائڻ کان پوءِ پرسڪون معاشري جي حصول لاءِ ڪجھ اصول ٻڌايا ويا آهن جيئن بغير تصديق جي ڪنهن به خبر تي يقين نه ڪجي، مسلمانن جي ٻن گروهن ۾ جهيڙو ٿي پئي ته ٺاھ ڪرائجي ۽ جيڪو گروه ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪري ته سڀ ملي ان سان مقابلو ڪن. ڪجھ اهم سماجي برائين جو ذڪر ڪري انھن کان پري رهڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي جيئن ڪنهن تي ٺٺول ۽ چٿرون ڪرڻ، طعنا ڏيڻ، هڪٻئي کي برن القابن سان پڪارڻ، گهڻا گمان ڪرڻ، ڪنهن جي عيبن جي ٽوه ۾ رھڻ، غيبت ڪرڻ. انساني مساوات جو بيان آهي ته سڀ انسان هڪ مرد ۽ عورت جي اولاد آهن، قبيلن ۽ شاخن ۾ ورهائجڻ صرف سڃاڻپ خاطر آهي باقي الله جي نظر ۾ وڌيڪ عزت دار اهو آهي جيڪو وڌيڪ تقوى وارو آهي. اسلام جا رڳو ظاهري عمل ڪرڻ ڪافي نه آهي بلڪ عمل جي پٺيان ايمان جو هجڻ لازمي آهي.
سوره قاف
سوره قاف مڪي آهي ۽ هن ۾ 45 آيتون آهن. جيڪي ماڻهو ٻيهر جيئرو ٿيڻ ۾ شڪ ڪندا هئا انهن جو دليل اهو هوندو هو ته انسان مرڻ کان پوءِ مٽي جو حصو بڻجي ٿو وڃي ته اهو ٻيهر ڪٿان جيئرو ٿي اٿندو؟ ته الله کين جواب ڏئي ٿو ته انسان جي مٽيءَ ۾ ڳري وڃڻ کانپوءِ ان ۾ ڪيتري مٽي آهي ۽ ڪيترا انساني جسم جا جزا آهن اها اسان کي خبر آهي جو اسان وٽ هر شي جو رڪارڊ آهي. گڏوگڏ الله سائين هن ڪائنات ۽ ان ۾ موجود شين جي تخليق ڏانهن اشارو ڪري پڇي ٿو ته ڇا انهن شين جي تخليق اسان کي ٿڪائي ڇڏيو آهي ڇا جو کين ٻيهر خلقڻ اسان جي لاءِ ڏکيو ڪم آهي؟ اسان انسان کي خلقيو آهي، سندس دل ۾ ايندڙ خيال جي به اسان کي ڄاڻ آهي ۽ اسان کيس سندس ساھ واري رڳ کان به وڌيڪ ويجھا آهيون. قيامت جو بيان آهي ته ان ڏينهن اکين تي پيل پردو هٽي ويندو ۽ جيڪي قيامت جو انڪار ڪندا هئا انهن جي سامهون حقيقت کلي ايندي ۽ اتي هڪٻئي تي الزام هڻندا ته مون کي فلاڻي گمراه ڪيو ته الله سائين چوندو هتي بحث نه ڪيو، مون توهان کي اڳي ئي باخبر ڪيو هو ۽ مان پنهنجن ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهيان. الله سائين نبي سائين جن کي فرمائي ٿو ته اسان انهن معترضين جي ڳالهين کان باخبر آهيون، توهان جو ڪم کانئن زوريءَ ڳالھ مڃرائڻ نه آهي تنهن ڪري توهان قرآن جي ذريعي نصيحت ڪندا رهو.
سوره ذاريات
سوره ذاريات مڪي آهي ۽ هن ۾ 60 آيتون آهن
وسندڙ ڪڪرن کي کڻي هلندڙ هوائن جو قسم کائي چيو ويو آهي قيامت جو واقع ٿيڻ حق آهي، ان ۾ شڪ ڪندڙ ان ڏينهن جهنم جي باھ جو مزو چکندا ۽ متقي وري نعمتن ۾ ھوندا جو اهي دنيا ۾ ڀلائي ڪندڙ، رات جو گهٽ آرام ڪندڙ ۽ سحر وقت استغفار ڪندڙ، سندن مالن مان سائلن ۽ محتاجن کي انهن جا حق ڏيندڙ هوندا هئا. اي انسانو! زمين ۾ ۽ خود توهان جي اندر الله جي وجود جون نشانيون آهن، رڳو ڏسڻ جي ضرورت آهي. 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment