شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

موجوده دؤر ۾ سنڌي اَدبي مخزنون


شام 05 لڳي 14 منٽ -اڱارو 19 مئي 2020  243 
image-1

    

قسط ٻين   

حقيقت ۾، معياري ادب / ساهتيه سرجن، نون ادبي لاڙن ٻوليءَ جي پاٺڪن سان روبرو ڪرڻ کانسواءِ هِڪ وڏو ۽ اهم ڪاريه آهي. نئين پيڙهيءَ جي پرتيڀائن (Promising) کي همٿائي، اڳتي آڻڻ ۽ پنهنجي ڀاشا ۾ اِظهار ڪرڻ لاءِ هِڪُ پليٽفارم مهيا ڪرائي ڏيڻ ڀاشائي ساهتيه کي اپ ڊيٽ ۽ ترو تازا رکڻ لاءِ، ڇو ته نئين پيڙهي لازمي طور ڪا نئين ڳالهه ۽ نئون اِظهار کڻي ايندي آهي. اِن ڏس ۾ ڪونج ۽ رچنا جو خاص طور هِڪُ سوچ ۽ طريقو رهيو آهي. خاص ڪري ‘رچنا’ اِن لحاظ کان هڪ الڳ ادبي مقام حاصل ڪيو. ڪنهن دؤر ۾ هريش واسواڻيءَ جو ڪالم ‘ڌارا’، نامديو تاراچنداڻيءَ جو ‘سچ چوڻ جي ڇوٽ مڪت چنتن’، ستيش روهڙا جي ڪَٿَ جي ڪَٿَ جھڙا ڪالم سنڌي ادب ۽ ادبي رسالن جي معيار کي نيُن اونچاين تي کڻي ويا. رچنا ۾ ڇپجندڙ ساهتيه جي ڪوالٽيءَ سان ڪڏهن سمجھوتو نه ڪيو ويو. اِن ڪري هُن کي شڌ ساهتڪ رسالي جو درجو ملي سگھيو، ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾. (حالانڪه اِهو رسالو به شاهوڪارن جي مالي مدد ۽ اِشتهارن جي سهاري ئي هلندو آيو آهي) مخزن جي ادبي قد ۽ گليمر سان متاثر هر ننڍو وڏو سنڌي ساهتڪار اِنتظار پيو ڪندو آهي ته ‘رچنا’ جي ڪور تي سندس فوٽو ڪڏهن ٿو ڇپجي. ويٽنگ لسٽ ۾ ڪڏهن وارو ايندو. مخزن کي پاپولر بڻائڻ جو اِهو هِڪُ عام رواجي طريقو آهي. عام طور خصوصي ادبي مخزنون ڪنهن به ڀاشا جون، اِن طرح جي روٽين ۽ طريقن کان پرهيز ڪنديون آهن ۽ سندن فوڪس فقط لِٽرري ڪنٽيٽ (content) تي هوندو آهي. اِها ڳالهه محسوس ڪندي يا خبر نابي ڪنهن ڪارڻ سان، مخزن اِها روايت في الحال بند ڪئي آهي (ايڊيٽر مڪيش تلوڪاڻي) (حالانڪه اِن ۾ ڪا اهڙي هروڀرو ڊسلائيڪ / ناپسنديد ڳالهه ڪانهي پر هڪ لٽرري مخزن جو ادبي لاڙو ڪٿي ٿورو ڊائيورٽ ٿي ٿو وڃي. خاص ڪري ڀاشائي ادب جي حوالي ۾. ڪنهن به وڏي سرڪاري / غيرسرڪاري ڀاشائي اِداري طرفان شايع ٿيندڙ ادبي توڙي غير ادبي رسالن ۾ اِها روايت نه رهي آهي - صرف ادب / لٽريچر جي انٽريسٽ ۾) حالانڪه ڪونج، سپون ۽ ٻيون مخزنون به ڪور تي تصويرون وڏي سائيز جون ۽ شخصيت پرچا شايع / ڪڍندا رهيا آهن، سُٺي ڳالهه به شايد سندن پيشور مجبوري به. راجيه سرڪار /سرڪاري ادارن طرفان شايع ٿيندڙ رسالن ۾ سنڌو جوت (دهلي اڪادمي)، رِهاڻ (راجسٿان ساهتيه اڪادمي)، ادبي چمن (گجرات سنڌي ساهتيه اڪادمي)، مشعال (مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪادمي) جھڙي سنڌي ادب جي ترجماني ڪندڙ پرچا/ رسالا شايع ٿين ٿا. اِن کانسواءِ اين سي پي ايس ايل NCPSL ڀارت سرڪار جي زير-  سايي ساليانو ‘مهڪ’ نالي ادبي رسالو به شايع ٿيندو آهي. ‘سنڌو جوت’ ٽماهي کي ڇڏي گھڻو ڪري سڀ ساليانو پرچا نڪرندا آهن. ۽ سنڌي ادب جي موجوده دور جي پنهنجي پنهنجي ڍنگ سان ترجماني ڪن ٿا. اِنهن سڀني کي سرڪاري اِمداد / خرچ سان هلايو وڃي ٿو، اِنڪري اِهي پرچا نيمائتا نڪرن ٿا. پر رچنا، ڪونج سپون ۽ سنڌو جوت جي پاٺڪن وانگر اِنهن رسالن جا پاٺڪ اُنهن جي نڪرڻ / شايع ٿيڻ جو اِنتظار ڪندا هُجن اِئين نظر نه آيو آهي.

   تنقيدي نظريي سان جيڪڏهن تجزيو ڪرڻو آهي ته ڪوبه ادبي رسالو جيڪڏهن پاٺڪن جي نگاه ۾ پنهنجي جاءِ جوڙيندو آهي ته اُن جي پٺيان هڪ ادبي سوچ، نظرير ۽ ادب لاءِ هڪ ڪميٽمينٽ جو ڀاوُ ڪمُ ڪندو آهي پوءِ اُهو رسالو سرڪاري هجي يا غيرسرڪاري / ادارائي - مهاراشٽر سنڌي اڪادمي جي ‘ساهتڪار’ نالي سالياني ادبي رسالي جو مثال کڻي سگھجي ٿو، حالانڪه اُن جا پرچا ڪي ٿورائي نڪتا ۽ پوءِ ترت بند ٿي ويا. ڪي سبب هوندا ظاهري خود سرڪاري -  اُن پرچي جو ادبي معيار اونچو هو مال رومال ٻنهي لحاظ کان سانڍڻ جھڙا پرچا هئا.  ساڳيءَ ريت سنڌي اڪادمي دهليءَ جي ٽماهي ‘سنڌو جوت’ اَدبي لحاظ کان پنهنجي معيار کي بلند ۽ برقرار رکندي اپ - ڊيٽيڊ (Updated)  سنڌ / هند جي ادب سان گذريل 25 سالن کان باقاعده ڇپجي رهي آهي. سنڌي پاٺڪن جي بي اِنتها پيار سان (ڪڏهن 20 15 ڏينهن ليٽ به ٿي ويندي آهي ته پاٺڪن جا فون پڻ اَچڻ شروع ٿي ويندا آهن)  اِئين ڪونهي ته ادبي رسالن جا بانيڪار  ايڊيٽر ادب جي معيار کان ناواقف هجن، خاص ڪري موجوده دؤر جي ادبي لاڙن / رُجحانن کان، پر ڳالهه صرف ادبي سوچ جي آهي. اُن ڪري ئي اُهي رسالا نه صرف اڄ به زنده آهن بلڪه صحتمند سنڌي ادب جي ڀارتي ڀاشائن ۾ ترجماني به ڪري رهيا آهن (چوڻ جي مُراد اِها آهي ته صرف رسالي جو ڇپجندو رهڻ ئي زنده رهڻ نه آهي. جيڪڏهن اُهي پاٺڪ جي، ادب جي گُهر پوري نٿو ڪري ته صرف ڳڻپ ۾ آڻي / شماري پاڻ کي خوش ڪري سگھجي ٿو.) خير، وري به اِها هِڪ سُٺي ڳالهه آهي ته جيڪي به ٿورا گھڻا سنڌي ادبي رسالا سرڪاري اِمداد حاصل يا غير سرڪاري، هيل تائين نيم سان يا اوير -  سوير ڇپجي رهيا آهن ۽ پاٺڪن تائين پهچي رهيا آهن، سنڌي ٻولي جي ڀاشائي حالتن کي ڏسندي (اِهو به هِڪُ شاباسيءَ جو ڪمُ آهي. اِها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي آهي، سمپادن جو ڪمُ ڏسندي ۽ جيڪي سالن کان اِن ڪم سان جڙيل آهن تِن کي ته دنڊوت پرڻام، اُهي صاحب اوارڊ جا حقدار آهن) خاص ڪري سالن کان نڪرندڙ ڪونج، رچنا، سپون، هندواسي (حالانڪه اِها پوريءَ طرح سان ادبي نه آهي. سڀيتڪ - سنڌيت جي سرگرميون به هن ۾ شامل رهن ٿيون) سنڌو، (سنڌو يوٿ سرڪل - اُلهاسنگر)، ڇوليون ساليانو  (جنتا ساهتيه سنگم - گانڌيڌام طرفان ڇپجندڙ) جهڙين مخزنن جي بانيڪارن ۽ جڙيل ليکڪن / سمپادڪن کي سلام. سندن سمرپڻ ڀاوَ - ۽ ٻوليءَ سان صحبت جي جذبي لاءِ، حالانڪه ‘ڇوليون’ مخزن جو گذريل ٻن ٽن سالن جو پرچو مُنهنجي هٿن تائين ڪونه پهتو آهي. اِهي مخزنون سنڌي ادب جي پنهنجي پنهنجي ملامتي تي فوڪس رکندي. ادبي لحاظ کان پاٺڪن جي اُڃ ۽ ضرورتن کي پورو ڪري رهيون آهن. نون توڙي مڪاني ليکڪن / شاعرن کي اُسرڻ / اُڀرڻ لاءِ هڪُ منچ / موقعو مُهيا ڪري کين قومي سطح تي پيش ڪرڻ، سنڌي شخصيت جي خصوصي پرچا ڪڍڻ، نه صرف ادبي، بلڪ سماج جي هر طبقي سان واڳيل قدآور شخصيتن جا پرچا ڪڍي سنڌي جاتيءَ کي گروَ محسوس ڪرائڻ. جشن واسواڻي، رام ڄيٺملاڻي، لعل ڪرشن آڏواڻي، رام پنجواڻي لنبي - فهرست آهي. شخصيت پرچن جي خاص ڪري ڪونج ۽ سپون اِن قسم جي ڪاريه ۾ اڳرو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ادبي وواد / سامگريءَ کانسواءِ هر قسم جي ادبي سوچنا ۽ وهنواري ڪاروبار به اهڙين مخزنن جي خاصيت آهي. ڪونج ۽ سپون جا ته (پنجاه) گولڊن جبلي انڪ به اچي ويا آهن.

    (انهن) سنڌي مخزنن ۾ معياري ادب، ادبي لاڙن جي جيڪا اڳ ۾ ڳالهه ڪئي پئي اسان، اِن حوالي ۾ جيڪا ڳالهه رسالن کي پڙهندي ڪِرٽيڪلي، محسوس ٿيندي آهي ۽ اکرجندي به آهي، اُها آهي ادبي رسالي جي ساج - سجا  (Layout)، ادبي سامگريءَ جو انتظام اندرين صفحن ۾ رسالي جي ڇپائي متعلق ٿيل لاپرواهيون جن ۾ پروف وغيره جون چڪون ته تمام ڪامن ٿي پيون آهن ۽ ادبي مواد جي وشوسنيتيا  -ڪُجهھ اَهڙيون ڳالهيون آهن، جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. مختصر ۾ اِنهن کي ڊسڪس ڪري انڊرلائين ڪرڻ جو مقصد / مُراد فقط ايتري آهي، هِڪ اِسٿاپت ساهتڪ مخزن جي اِميج کي وڌيڪ دُهرم نه رسي جو اِهو ايڊيٽر جو فرض به آهي ۽ حق به پنهنجي رسالي کي بهتر کان بهترين وڌندو ڏسي. هڪ ڀاشائي رسالي جي روپ ۾ - اِها ڳالهه مان اِنڪري زور ڏيئي چئي رهيو آهيان جو اُنهن ۾ جيڪو ڪُجهھ ڇپجي ٿو - ايندڙ پيڙهي اُنهن تي يقين ڪندي ۽ اُهي اُنهن جا مثل - راه به بڻجندا. جيئن اڄ اسان وقت به وقت مهراڻ، نئين دنيا، ڪونج، رهاڻ وغيره جا پراڻا پرچا ريفر ڪندا آهيون ضرورت پوڻ تي.

      (هن وقت مڪاني سطح تي به ڪي ايڪڙ - ٻيڪڙ نوٽ وٺڻ جھڙا ادبي رسالا نڪرن ٿا، جن ۾ ڇوليون (گانڌيڌام) ۽ ‘سنڌ’ (سنڌو يوٿ سرڪل اُلهاسنگر) جو ذڪر خاص طور ڪري سگھجي ٿو. رسالن کي ڏسي محسوس ٿئي ٿو سمپادڪ ۽ جڙيل ماڻهو چڱي محنت ڪن ٿا. سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه کي جيئاري رکڻ جي. اِنهن رسالن ۾ ڪوتا - ڪهاڻي ۽ ٻي ادبي سامگري عام طور ته سطحي نظر اچي ٿي پر وچ وچ ۾ ڪو سٺو لٽرري پيس پڙهڻ لاءِ ملي ٿو وڃي ته ذائقو اَچڻ لڳي ٿو/ ٺهي ٿو وڃي.

 ڇوليون (ڊسمبر 2014) جي هڪ پرچي ۾ ڪوتائن واري سيڪشن ۾ تمام سُٺيون ڪوتائون ڏنل آهن - خاص ڪري نئين پيڙهيءَ جي ڪوين جون - ۽ هڪ اڌ ٻي ڀاشا جي انواد ڪيل - پرڪرپشن، خواهيون ڀرم (سيما ڀمڀاڻي) تلاش (منجو ميرواڻي) تڙڦ (مڪيش تلوڪاڻي) - ڪوتائون پڙهندي نظر پئي اُن ئي صفحي تي ڇپيل - ‘شرڌانجلي ۽ لک لک واڌايون’ جهڙين سوچنائن تي - پڙهيل ڪوتائن جو ذائقو ۽ اُن جو اثر اُنهن سوچنائن ۾ گُم ٿي ويو. هِن ئي پرچي ۾ ‘ٽئگور جي ڪاڻين جو سنڌي انواد ۽ اُن جو اثر’ ليکڪا - روشني روهڙا جي نالي سان ڇپيل آهي. ليک تمام سٺو معلوماتي ۽ تجزياتي آهي خاص ڪري ٽئگور جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ جي برجستا ليکڪن طرفان ڪيل انواد ۽ اُنهن جي ويچارن ۽ تجزيي سان - جنهن طرز - بياني - انداز ۽ اختياريءَ سان اِهو رائيٽ لکيو ويو آهي، يقينن هڪ انڀوي سُڄاڻ ۽ گھڻ پڙهيل ليکڪ جو ڪاريه آهي. خوشي ٿي اِهو ڄاڻي ته نئين پيڙهيءَ جي سنڌي ليکڪا روشني روهڙا جو ايترو گھرو مطالعو آهي ڀارتي  /سنڌي ادب جو- ها اِهو ڪنفرم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هِن نئين پيڙهيءَ جي ليکڪا کي - عربي سنڌي لپي، ڊڪشن ۽ محاوري تي پوري مهارت حاصل آهي، جنهن مهارت سان اِهو ليک لکيل آهي. مخزن جي ايڊيٽر کي اِنهن ڳالهين جو خيال رکڻ جي ضرورت آهي، سنڌي ادب جي صحيح ۽ بهتر ترجماني لاءِ. اَهڙيون ڳالهيون مڪاني سطح جي ادبي توڙي غيرادبي رسالن ۾ نظر اينديون آهن. هڪ مجبوريءَ جي روپ ۾- پر وري جيترو ذميواريءَ سان ڪم ڪري سگھون ته سٺو.

   سنڌو (اُلهاسنگر) جو ادبي معيار به نوٽ وردي (Note worthy) آهي، اِن رسالي جي 2014 شماري ۾- ننڍا ننڍا مثال آهن هِڪ ٻه صرف پنهنجي ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ، نامديو تاراچنداڻيءَ جو سمالوچناتمڪ / تنقيدي ليک ‘اَرجن حاسد جون ڪوتائون’ ڪوتا جي بهترين سمالوچنا ۾ شمار ٿئي ٿو. اَهڙي قسم جا ليک رسالي جي ادبي قد کي بيشڪ وڌائين ٿا ۽ اِهو شڌ ريگيولر ساهتڪ مخزن جو مئٽر آهي - جتي اِن ليک کي پڙهڻ لاءِ - شڌ سمالوچنا کي پڙهڻ لاءِ پاٺڪن جو هڪُ ورگ آهي ۽ اُهي انتظار ڪندا آهن. باقي اهڙن رسالن ۾­ سنڌو، هندواسي مڪاني ماڻهن / ليکڪن جي تصويرن / سرگرمين سان ڀريل پيج ۽ اِشتهارن جا پيج ڏيڻ - اِنهن جي ضرورت آهي  -رسالي جي حياتيءَ لاءِ. باقي ادبي ذائقي کي ته ٿورو  گھڻو سهڻو ئي پوندو.

  خير وري به شاباس آهي رسالن جي بانيڪارن / ايڊيٽرن کي پنهنجي ٻوليءَ جي جيئاپي لاءِ پاڻ پتوڙي به ادبي ذائقي کي برقرار رکيو ويٺا آهن. سنڌيءَ جي نئين / نوجوان پيڙهيءَ کي پڻ سنڌي ادب سان جوڙي سگھيا آهن. رسالن جي ديوناگري لپيءَ ۾ به ڇپجڻ سان نئين پيڙهيءَ ۾ اُتساه جاڳيل آهي جو هو پاڻ کي ديوناگري لپيءَ ۾ وڌيڪ ڪمفرٽيبل محسوس ٿا ڪن، حالانڪه ڪي عربي لپيءَ جي اهميت کي سمجھندي عربي لپيءَ ۾ پڙهڻ-  لکڻ سکي رهيا آهن ۽ اڪادميون ۽ خانگي اِدارا اِن ڪاريه ۾ چڱو ڪارائتو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اَهڙيءَ ريت سنڌيءَ جي نئين پيڙهيءَ جي ليکڪن -  ڪوين جي سٿ تيار ٿي رهي آهي. سرڪاري ادارن جي گھڻي ڀاڱي رسالن کانسواءِ ‘پراڻي رچنا’ مخزن به گذريل ڪُجھه عرصي کان ڪُجهھ پيج ديوناگريءَ ۾ شايع ڪندي آهي. ‘سنڌو جوت’ (دهلي اڪادمي) ٻنهي لپين ۾ ڇپجندي آهي ۽ ٻارن جي مخزن ‘جھرمر’ به سنڌي ٻال ساهتيه ۾ هِڪُ اسٿان جوڙيو آهي -  مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪادمي جي سنڌو مشعال ۽ راجسٿان سنڌي ساهتيه اڪادميءَ جي سالياني مخزن رهاڻ به ٻنهي لپين ۾ شايع ٿي رهي آهي. ڪونج اڃا به عربي لپيءَ ۾ شايع ٿيندي پئي اَچي. هن سال شاهي ڊائمنڊ جُبلي انڪ کي شايع ڪرڻ جي ويجھو آهي ۽ (ڪونج جي بانيڪارن ايڊيٽر (نند ڇڳاڻيءَ) کي سلام. ڪيئن به ڪري اِنهن رسالن، بند ٿي ويل سنڌي ادبي رسالن جي ڀيٽ ۾ نه فقط پاڻ کي جيئاري رکيو آهي) بلڪ ڪونج هر دؤر ۾ يادگار ۽ ادبي شعور جا پرچا شايع ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. سنڌي ادب جي نئين پيڙهي به تيار ڪئي آهي. (هلندڙ)


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment