شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

خلاصہ قرآن - پنجويهون سيپارو - إليه يرد


صبح 06 لڳي 14 منٽ -اڱارو 19 مئي 2020  209 
image-1


پنجويهون سيپارو سوره حم السجده جي بقايا 8 آيتن، سوره شورى مڪمل، سوره زخرف مڪمل، سوره دخان مڪمل ۽ سوره جاثیہ مڪمل تي مشتمل آهي.
سوره حم السجده جو بقايا حصو
انسان جو عمومي رويو بيان ڪيو آهي ته هو ڀلائيء جي لاءِ دعا ڪندي ٿڪجي نه ٿو ۽ جيڪڏهن تڪليف پهچيس ٿي ته مايوس ۽ نااميد ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن تڪليف کان پوءِ راحت پهچايونس ٿا ته چئي ٿو اهو ته منهنجو حق هو ۽ مان نه ٿو سمجهان ته قيامت قائم ٿيندي پر جي قائم ٿي به ته رب وٽ منهنجي لاءِ ڀلائي ئي هوندي، نعمت عطا ڪيونس ٿا ته منهن موڙي ٿو ۽ جڏهن تڪليف پهچيس ٿي ته ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهري ٿو. الله فرمائي ٿو ته اسين انسانن کي پنهنجي وجود جون نشانيون ڪائنات ۾ ۽ سندن پنهنجي وجود ۾ ڏيکارينداسين ايسيتائين جو حق انهن لاءِ واضح ٿي وڃي.
سوره شورى
سوره شورى مڪي آهي ۽ هن ۾ 52 آيتون آهن. الله سائين نبي سائين جن کي فرمائي ٿو جيئن اسان توهان ڏي وحي ڪيون ٿا توکان پهرين ڏي به وحي ڪئي ۽ وحي ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته توھان ماڻهن کي قيامت جي ڏينهن کان آگاه ڪريو جنهن جي واقع ٿيڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي. هي دين جيڪو اسان توکي عطا ڪيو آهي، تو کان پهريون نوح، ابراهيم، موسى ۽ عيسى عليهم السلام کي به عطا ڪيوسين ۽ کين ان کي قائم ڪرڻ جو چيوسين. اي نبي کين چئه ته هن دعوت جي بدلي مان توهان کان ڪنهن اجوري جو طلبگار نه آهيان سواءِ ان جي ته رشتيداري جو خيال ڪيو. الله پنهنجي ٻانهن جي توبہ قبول ڪندو آهي، سندن گناهن کي معاف ڪندو آهي، ايمان آڻيندڙ ۽ نيڪ عمل ڪندڙن جي سڏ کي ورنائيندو آهي ۽ کين پنهنجي فضل سان وڌائيندو آهي. توهان کي پهچندڙ تڪليف توهان جي پنهنجي هٿن جي ڪمائي آهي، الله ته گھڻين شين کان درگذر ڪري ٿو. مؤمنن جون صفتون بيان ڪيون ويون آهن ته اهي پنهنجي رب تي توڪل ڪندا آهن، ڪبيره گناھن ۽ بي حيائيء کان پاسو ڪندا آهن، ڪاوڙجندا آهن ته معاف ڪري ڇڏيندا آهن، پنهنجي رب جو حڪم مڃيندا آهن، نماز قائم ڪندا آهن، هڪٻئي سان مشورو ڪندا آهن ۽ الله جي راه ۾ خرچ ڪندا آهن ۽ ظلم جو مقابلو ڪندا آهن. آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جيڪي وڻيس سو خلقيندو آھي، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) ڌيئرون بخشيندو آھي ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پُٽ بخشيندو آھي، يا کين پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) سَنڍ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
سوره زخرف
سوره زخرف مڪي آهي ۽ هن ۾ 89 آيتون آهن. سورت جي شروع ۾ قرآن جي فضيلت، پٺين نبين سان سندن قومن جي رويي ۽ الله جي قدرت جو بيان آهي. جنهن کانپوءِ مڪي وارن جي ان رويي جو ذڪر آهي ته کين ڌي جي اولاد پسند نه هئي ۽ فرشتن کي وري مؤنث سمجهي (الله جون ڌيئرون ڪوٺيندا هئا) ته الله سوال ڪري ٿو ته ڇا فرشتن جي خلقت مهل اهي موجود هيا جو انهن کي سندن مؤنث هجڻ جي خبر پئي؟ بتن جي پوڄا جي باري ۾ جڏهن کانئن سوال ڪيو ويندو هو ته وٽن ان کان علاوه ٻيو ڪو دليل نه هوندو هو ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو. مڪي جا ڪافر چوندا هئا ته قرآن مڪي يا طائف جي ڪنهن وڏي شخصيت تي ڇو نه نازل ٿيو (محمد تي ڇو ٿيو جنهن وٽ ڪجھ به نه آهي؟) ته الله سائين پڇي ٿو ته ڇا اهي الله جي رحمت جو فيصلو ڪندا ته ڪنهن وٽ اچڻ کپي؟ جنهن مال تي اهي ناز ڪن ٿا اهو به کين الله جي طرفان ڏنل آهي. اهڙي قسم جو اعتراض فرعون به موسى جي باري ۾ ڪيو هو ته ڏسو مون وٽ مصر جي بادشاهي آهي، منهنجي اختيار ۾ پاڻيءَ جو سرشتو آهي، پوءِ مان بهتر يا هي حقير( موسى)؟ پوءِ الله کين هميشه لاءِ عبرت جو نشان بڻائي ڇڏيو. نبي صلي الله عليه وسلم جن کي چيو ويو آهي ته توهان وحي (قرآن) کي مضبوطي سان پڪڙيو، بي شڪ توهان سڌي رستي تي آهيو. قيامت جي ڏينهن صرف متقي ئي هڪ ٻئي جا دوست هوندا باقي ٻيون دوستيون دشمنين ۾ تبديل ٿي وينديون. جنت جي نعمتن ۽ جهنم جي عذاب جو بيان آهي. نبي صلي الله عليه وسلم جن کي چيو ويو آهي ته ايمان نه آڻيندڙن کان درگذر ڪر، سگهو ئي کين حقيقت جي خبر پئجي ويندي.
سوره دخان
سوره دخان مڪي آهي ۽ هن ۾ 59 آيتون آهن. قرآن مجيد جو برڪت واري رات ۾ نازل ٿيڻ جو ذڪر آهي. الله جي قدرت جو بيان آهي ۽ شڪ ڪرڻ وارن کي دنيا ۾ ئي دونهين جي عذاب جو انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ آخرت ۾ وري وڏي پڪڙ جو. قوم فرعون جي روش ۽ مٿن آيل عذاب جو ذڪر آهي. قيامت جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي ته ان ڏينهن ڪير ڪنهن جي ڪم نه ايندو ۽ نه ئي ڪنهن جي مدد ٿيندي سواءِ جنهن تي الله پنهنجي رحمت ڪري. سورت جي آخر ۾ جھنمين کي ملندڙ عذاب ۽ جنتين کي ملندڙ نعمتن جي جهلڪ ڏيکاري وئي آهي.
سوره جاثیہ
سوره جاثیہ مڪي آهي ۽ هن ۾ 37 آيتون آهن. هن سورت ۾ زمين ۽ آسمان ۾ موجود الله جي نشانين جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ ڪافرن جي رويي جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته ٺٺوليون ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته صرف هيءَ ئي زندگي آهي، جيئڻ مرڻ اتي ئي آهي ۽ اهو سڄو زماني جو چڪر آهي يا وري چون ٿا ته جيڪڏهن ٻي زندگي آهي ته پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن کي هن دنيا ۾ واپس آڻي ڏيکاريو ته الله سائين جواب ڏئي ٿو ته ٻيهر اٿڻ ۽ گڏ ٿيڻ قيامت ۾ ٿيندو ۽ ان ڏينهن باطل جي پيروي ڪندڙ خساري ۾ ھوندا، ان ڏينهن هر ڪنهن کي سندس اعمال نامو ڏنو ويندو پوءِ ايمان ۽ عمل صالح وارا الله جي رحمت ۾ ھوندا ۽ انڪار ڪندڙ جهنم ۾، نه ان مان نڪري سگهندا نه توبہ جي مهلت ملندن. آسمانن ۽ زمين ۾ وڏائي صرف اللہ کي ئي جڳائي ۽ اهو ئي غالب ۽ حڪمت وارو آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment