شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

خلاصہ قرآن - چوويهون سيپارو - فمن أظلم


صبح 05 لڳي 29 منٽ -سومر 18 مئي 2020  145 
image-1

چوويهون سيپارو سوره زمر جي بقايا 44 آيتن، سوره مؤمن مڪمل ۽ سوره حم السجده جي 26 آيتن تي مشتمل آهي.
سوره زمر جو بقيه حصو:
سيپاري جي شروعات ۾ ٻن قسمن جي ماڻهن جو ذڪر آهي هڪ اهي جيڪي سچائي يعني وحي جو انڪار ڪندا آهن، اهڙن لاءِ جهنم جي وعيد آهي ۽ ٻيا جيڪي تصديق ڪندڙ هوندا آهن، انهن لاءِ جنت جي خوشخبري آهي. انسان کي جڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي ته الله کي پڪاري ٿو پر جڏهن الله طرفان نعمت رسيس ٿي ته چوي ٿو ته اها ته مان پنهنجي علم سان حاصل ڪئي آهي پر کيس خبر هجڻ کپي ته نعمت الله جي طرفان آزمائش هوندي آهي. اي نبي منهنجي ٻانهن مان انھن کي جن پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو آهي چئه ته الله جي رحمت کان مايوس نه ٿيو، الله سڀ گناھ معاف ڪندو آهي، اهو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي، ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن ورو ۽ اُن کان اڳي جو اوهان وٽ عذاب اچي سندس فرمانبردار ٿيو ۽ پيروي ڪيو ان بهترين شي (وحي) جي جيڪا اوھان جي پالڻھار وٽان اوهان ڏي اچي ٿي ان کان پهريون جو توهان تي اوچتو عذاب اچي ۽ خبر به نه پويوَ، ائين نه ٿئي جو قيامت جي ڏينهن هڪڙو ماڻهو پڇتائي ته مون الله جي معاملي ۾ ڪيڏي نه ڪوتاهي ڪئي ۽ ٺٺوليون ڪندڙن مان هئس، يا چئي ته جيڪڏهن الله مون کي هدايت ڏي ها ته مان متقين مان هجان ها، يا حسرت مان چئي ته ڪاش مون کي ٻيهر مهلت ملي ته چڱا ڪم ڪيان! کيس چيو ويندو ته منهنجيون نشانيون برابر تو وٽ آيون پر تو انهن کي ڪوڙو ڀانيو، تڪبر ڪيئي ۽ انڪار ڪندڙن منجهان ٿئين. قيامت جي ڏينهن جهنم وارا جهنم ۾ ۽ جنتي جنت ۾ ٽولن جي صورت ۾ داخل ٿيندا ۽ هر ٽولي جو استقبال سندن شان مطابق فرشتا ڪندا.
سوره مؤمن
سوره مؤمن مڪي آهي ۽ هن ۾ 85 آيتون آهن. هن کي غافر به چئبو آهي. هن سورت کان وٺي سوره احقاف تائين ست سورتن جي شروعات حم سان ٿئي ٿي ان ڪري انهن کي حواميم چيو ويندو آهي ۽ ڪجھ عالمن جو چوڻ آهي ته هنن سورتن ۾ قرآن جو تت سمايل آهي.
جيئن حروفِ مقطعات واري اڪثر سورتن ۾ حروف مقطعات کان فورن پوءِ قرآن جو شان بيان ٿيل هوندو آهي ته ھن سورت ۾ به ساڳيو ئي منهج اختيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هتي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته الله جي آيات جي باري ۾ اهي ئي جهڳڙو ڪندا آهن جيڪي ڪفر ڪندا آهن. فرشتن جو ذڪر آهي ته اهي الله جي عرش کي کنيو بيٺا آهن پاڪائي بيان ڪن ٿا پنهنجي رب جي، مٿس ايمان آڻن ٿا ۽ مؤمنن لاءِ استغفار ڪن ٿا ۽ دعا گهرن ٿا ته اي رب تنهنجي رحمت ۽ علم هر شي تي حاوي آهي پوءِ تون معاف ڪر انهن کي جن توبہ ڪئي ۽ تنهنجي واٽ اختيار ڪيائون ۽ کين جهنم جي عذاب کان بچاء، کين ۽ سندن نيڪوڪار والدين، گهر وارين ۽ اولاد کي ان جنت ۾ داخل ڪر جنهن جو تون ساڻن وعدو ڪيو آهي، کين برائين کان بچاء ۽ جنهن کي تو برائين کان بچايو ته اهو تنهنجي رحمت جي ڇانوَ ھيٺيان اچي ويو ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. قيامت جي ڏينهن الله سائين پڇندو ته اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟ جواب ايندو اڪيلي الله جي، اڄ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي عملن جو پورو بدلو ملندو.
موسي عليه السلام جڏهن فرعون جي درٻار ۾ توحيد جي دعوت پيش ڪئي ته فرعون چيو ته هي توهان جو دين مٽائن ٿو چاهي ۽ زمين ۾ فساد ڪرڻ ٿو چاهي ڇڏيو ته کيس قتل ڪيان ته اتي فرعون جي خاندان جو هڪ فرد جيڪو موسي تي ايمان آڻي چڪو هو پر اڃان ظاهر نه ڪيو هئائين، موسي جي حمايت ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ڇا توهان اهڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ ٿا چاهيو جيڪو الله کي پنهنجو رب مڃي ٿو ۽ هن توهان کي نشانيون به ڏيکاريون آهن، جي ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ جو وبال مٿس ڪرندو پر جي سچو آهي ته پوءِ جن عذابن جي وعيد هو توهان کي ٻڌائي ٿو اهي توهان کي ضرور رسندا. هن کين مختلف طريقن سان سمجهايو ۽ کين اهو به چيائين ته جڏهن رسول توهان جي درميان هوندو آهي ته کيس مڃيندا ناهيو ۽ جڏهن اهو وفات ڪري ويندو آهي ته پوءِ وري چوندا آهيو ته اھڙو رسول وري نه ايندو جيئن يوسف عليه السلام سان ڪيو هيوَ. فرعون ۽ سندس آل ان مؤمن مرد ۽ موسي عليه السلام جي هڪ نه ٻڌي ۽ عذاب جا مستحق ٿيا. الله سائين فرمائي ٿو ته اسان رسولن ۽ مؤمنن جي دنيا ۾ مدد ڪندا آهيون ۽ قيامت جي ڏينهن به سندن مدد ڪنداسين. قيامت جي ڏينهن ظالمن کي سندن ڪو به عذر ڪم نه ايندو.
الله سائين پنهنجي قدرت جون نشانيون جيئن رات کي سڪون واري ۽ ڏينھن کي روشن بڻائڻ، هر شيء سندس خلقيل هجڻ، زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت وانگر ٺاهڻ، انسان کي سهڻي شڪل عطا ڪرڻ، پاڪ رزق مهيا ڪرڻ، انسان کي رحم ماده ۾ مختلف مرحلن ۾ پيدا ڪرڻ، سواريءَ ۽ غذا جي خاطر جانورن کي پيدا ڪرڻ بيان ڪرڻ کان پوءِ پڇي ٿو ته الله جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندؤ؟ ماڻهن کي دعوت ڏني وئي آهي ته زمين ۾ گهمي ڦري ڏسن ته انڪار ڪندڙن جو ڇا حال ٿيو؟ انهن مان ڪي اهڙا به هئا جن عذاب ڏسڻ کان پوءِ ايمان جو اعلان ڪيو پر الله جي سنت رهي آهي ته عذاب ڏسڻ کانپوءِ ايمان فائديمند نه هوندو آهي.
سوره حم السجده
سوره حم السجده مڪي آهي ۽ هن ۾ 54 آيتون آهن. هن جو ٻيو نالو فصلت به آهي. سورت جي شروعات ۾ قرآن ۽ نبي صلي الله عليه وسلم جن جي رسالت جي حقانيت جو بيان آهي جنهن کانپوءِ ڪائنات جي تخليق جي عمل تي روشني وڌي وئي آهي ۽ اهو ٻڌايو ويو آهي ته زمين ۽ آسمان الله جي اطاعت ۾ آهن جيڪو غالب ۽ علم وارو آهي، ڪائنات ۾ موجود نشانين کي ڏسي به جيڪڏهن ڪير ايمان نه ٿو آڻي ته اي نبي کين عاد ۽ ثمود جي انجام کان آگاه ڪر. قيامت جي ڏينهن انسان جي عملن جي باري ۾ سندس ڪن، اکيون ۽ کل شاهدي ڏيندا ته انسان حيران ٿي انهن کان پڇندو ته توهان ڪيئن شاهدي پيا ڏيو ته اهي (ڪن، اکيون ۽ کل) چوندا ته اسان کي الله ڳالهائڻ جي قابل بڻايو آهي جيئن هو ڪنهن به شيء کان ڳالهرائي سگهي ٿو، دنيا ۾ توهان لڪي گناھ ڪندا هيو پر توهان کي اهو اندازو ته هيو ئي نه ته ڪو اهي عضوا به شاهدي ڏيندا (معنى انسان جو پورو جسم سندس اعمال کي رڪارڊ ڪري ٿو، قيامت جي ڏينهن الله سائين اهو رڪارڊ هلرائيندو ۽ سڀ ڪجھ سامهون هوندو). ڪجھ ڪافر وري قيامت جي ڏينهن چوندا اي رب اسان کي انسانن ۽ جنن منجهان اهي ڏيکار جن اسان کي دنيا ۾ گمراه ڪيو تان ته کين پيرن هيٺيان لتاڙيون ۽ کين ذليل ڪيون.
جن الله تي ايمان آندو ۽ ثابت قدم رهيا ته موت وقت فرشتا کين جنت جي خوشخبري ڏيندا. دعوت جو طريقو سيکاريو ويو آهي ته الله جي طرف پڪاريندڙ پاڻ به نيڪ عمل ڪندڙ ۽ اطاعت ڪندڙ هجي، بدي کي نيڪي سان مٽائي ته دشمن به گهاٽو دوست ٿي پوندو ۽ اها خصلت صبر ڪرڻ سان حاصل ٿيندي آهي ۽ جنهن کي حاصل ٿئي اهو وڏي ڀاڳ وارو آهي. شيطان جيڪڏهن بري عمل جو وسوسو وجهي ته فورن الله جي پناه طلب ڪجي. رات، ڏينهن، سج ۽ چنڊ الله جي قدرت جون نشانيون آهن تنهن ڪري سج يا چنڊ جي عبادت نه ڪيو بلڪ ان الله جي عبادت ڪيو جنهن انهن کي خلقيو آهي. قرآن مجيد جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي ته هي زبردست ڪتاب آهي، ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ شفاء آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment