شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

خلاصہ قرآن - ٽيويهون سيپارو - ومالي


صبح 06 لڳي 07 منٽ -آچر 17 مئي 2020  73 
image-1


ٽيويهون سيپارو سوره يس جي بقايا 62 آيتن، سوره صافات مڪمل، سوره صاد مڪمل ۽ سوره زمر جي 31 آيتن تي مشتمل آهي
سوره يس جو بقايا حصو:
هڪ ڳوٺ جو ذڪر جنهن ۾ الله سائين ٽي رسول موڪليا پر ڳوٺ وارن اهو چئي سندن تڪذيب ڪئي ته توهان ته اسان وانگر انسان آهيو ۽ الله سائين ڪا به شي نازل نه ڪئي آهي ۽ توهان ڪوڙ پيا ڳالهايو، رسولن وراڻيو ته اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته اسان توهان ڏي رسول ڪري موڪليا ويا آھيون. ڳوٺ جي هڪ نيڪ ماڻهوءَ ڳوٺ وارن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته توهان انهن رسولن جي پيروي ڪيو، اهي توهان کان ڪو اجورو نه ٿا گهرن ۽ اھي سڌي راه تي آهن پر هنن هن جي به هڪ نه ٻڌي ۽ کيس شهيد ڪري ڇڏيائون ۽ هو نيڪ ٻانهو جنت ۾ پهچي به پنهنجي قوم کي ياد ڪري رهيو هو ته ڪاش قوم کي خبر پئي ها ته منهنجي ايمان جي ڪري الله سائين منهنجي مغفرت ڪئي ۽ عزت افزائي ڪيائين. الله جي قدرت جون نشانيون ڳڻايون ويون آهن جن ۾ زمين مان اناج ڦٽائڻ، ان ۾ کجور ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪرڻ ۽ ان ۾ چشما وهائڻ، سج ۽ چنڊ جو پنهنجي پنهنجي مدار ۾ هلڻ، سج جو چنڊ کي نه پهچي سگهڻ (يعني هڪ ٻئي جي مدار ۾ داخل نه ٿي سگهڻ)، سيارن جو پنهنجي پنهنجي مدار ۾ چڪر لڳائڻ ۽ ڀريل ٻيڙي جو سمنڊ ۾ ترڻ شامل آهي.
قيامت جي ڏينهن جي منظر ڪشي ڪئي آهي ته ان ڏينهن ڪنهن تي ڪو ظلم نه ٿيندو جنت وارا جنت ۾ مزا ڪندا ۽ جهنم وارا عذاب ۾ ھوندا، ان ڏينهن الله سندن واتن کي مهر هڻي ڇڏيندو ۽ سندن هٿ ۽ پير سندن عملن جي گواهي ڏيندا. آخر ۾ وري آيتن جو باري ۾ چيو ويو آهي ته اهو واضح قرآن آهي نه ڪه شعر ۽ محمد صلي الله عليه وسلم جن کي اسان نه شعر چوڻ سيکاريو آهي ۽ نه ئي شعر چوڻ کيس سونهين ٿو.
سوره صافات
سوره صافات مڪي آهي ۽ هن ۾ 182 آيتون آهن.
سورت جي شروعات ۾ الله جي وحدانيت ۽ حاڪميت جو ذڪر آهي ۽ ان کان پوءِ انهن ماڻهن جو ذڪر آهي جيڪي بعث بعد الموت کي نه ٿا مڃن، ڪو معجزو ڏسن ٿا ته ٺٺوليون ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته اهو جادو آهي يا چون ٿا ته هن شاعر ۽ مجنون جي ڪري اسان پنهنجا خدا ڇڏيون؟ ته انهن کي جواب ڏنو ويو آهي ته توهان کي ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کي قيامت جي ڏينهن جيئاربو ۽ ان ڏينهن توهان مڃيندا ته توهان وٽ انڪار لاءِ ڪو دليل نه هو. الله سائين جنت جي نعمتن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ جنتين مان هڪ ماڻهو چوندو ته دنيا ۾ منهنجو هڪ دوست هوندو هو جيڪو مونکي ايمان آڻڻ کان جھليندو هو ۽ بعث بعد الموت جي باري ۾ شڪ ڏياريندو هو ته الله کيس چوندو ڇا تون ان کي ڏسڻ چاهيندي ته هو ڪهڙي حال ۾ آهي؟ پوءِ هو ڏسندو ته سندس اهو دوست جهنم ۾ آهي ته الله جو شڪر ادا ڪندو ته هن پنهنجي دوست جو چيو نه مڃيو نه ته اڄ هو به عذاب ۾ هجي ها. نوح عليه السلام جو مختصر ذڪر آهي جنهن کانپوءِ ابراهيم عليه السلام جو بتن کي ٽوڙڻ، پنهنجي اولاد کي الله جي راه ۾ قربان ڪرڻ، الله جو سندس پٽ جي جڳھ تي گهيٽي کي آڻڻ، کيس ٻئي پٽ اسحاق عليه السلام جي پيدائش جي خوشخبري ٻڌائڻ جو ذڪر آهي. جنهن کانپوءِ موسي، هارون، الياس، لوط ۽ يونس عليهم السلام جو ذڪر آهي ته انهن قومن جي تباهي جي آثارن وٽان توهان ڏينهن رات گذرو ٿا پوءِ به عقل نه ٿا ڌاريو؟ ڪي ماڻهو وري فرشتن کي الله جون ڌيئرون سڏين ٿا ته الله کانئن پڇي ٿو ته فرشتن جي خلقت وقت توهان موجود هيا ڇا جو توهان کي خبر پئي ته اهي ماديون آهن، الله جي لاءِ اهو چوڻ وارا ته الله جي اولاد آهي وڏا ڪوڙا آهن. سورت جي آخر ۾ الله سائين نبي سائين جن کي ٻڌائي ٿو ڪاميابي آخرڪار منهنجي رسولن کي حاصل ٿيندي آهي، توهان کي به ٿيندي.
سوره صاد
سوره صاد مڪي آهي ۽ هن ۾ 88 آيتون آهن.
هڪ دفعو قريش نبي سائين جن جي چاچي حضرت ابو طالب وٽ نبي سائين جي باري ۾ شڪايت کڻي آيا، حضرت ابو طالب نبي سائين جن کي گهرائي پڇيو ته تون پنهنجي قوم کان ڇا ٿو چاهين؟ نبي سائين جن وراڻيو صرف هڪڙو ڪلمو يعني لا اله الا الله، ان تي قريش چيو هڪڙو خدا؟ اها ته عجيب ڳالهه آهي، اهڙي ڳالهه اڳ ۾ ته ڪڏهن نه ٻڌي، ڇا وحي اسان سڀني کي ڇڏي رڳو هن تي نازل ٿئي ٿي؟ هي وڏو ڪوڙو ۽ جادوگر آهي. الله سائين فرمايو هي قرآن نصيحت آهي پر اهي ماڻهو تڪبر ۽ مخالفت ۾ ورتل آهن، انهن عذاب نه ڏٺو آهي پر کين ٻڌاء ته انهن کان پهرين ڪيترن ئي قومن کي اسان هلاڪ ڪيو مثال طور قوم نوح، عاد، فرعون، ثمود ،لوط ۽ قوم شعيب، انھن به رسولن کي ڪوڙو ڀانيو ۽ عذاب جا شڪار ٿيا.
دائود عليه السلام جو تفصيل سان ذڪر آهي ته الله کيس حڪمت ۽ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت عطا ڪئي، سندس بادشاهيءَ کي مضبوط ڪيو، جبلن ۽ پکين کي سندس تابع ڪيو، ان هوندي به منجهس ڪا وڏائي نه هئي ۽ الله جي سامهون سر جهڪائيندو هو. سندس پٽ سليمان عليه السلام لاءِ وري هوا کي تابع ڪيائين جيڪا سندس حڪم تي موافق ٿي هلندي هئي ۽ جنن کي به سندس تابع ڪيائين جن کان هو تعمير ۽ غوطه خوري جو ڪم وٺندو هو. صبر ايوب جو ذڪر آهي. ابراهيم، اسحاق، يعقوب، اسماعيل، اليسع ۽ ذوالڪفل عليهم السلام جو ذڪر آهي ته اهي سڀ الله جا منتخب ۽ نيڪ ٻانها هيا. متقين لاءِ جنت جي نعمتن ۽ انڪار ڪندڙن لاءِ جهنم جي عذاب جو بيان آهي. سورت جو اختتام آدم علیہ السلام ۽ إبليس واري واقعي سان ٿئي ٿو جنهن ۾ ابليس آدم کي سجدي کان انڪار ڪيو ۽ الله کيس پنهنجي درٻار مان تڙي ڪڍيو
سوره زمر
سوره زمر مڪي آهي ۽ هن ۾ 75 آيتون آهن.
سورت جي شروعات ان سان ٿئي ٿي ته هي قرآن الله جي طرفان نازل ٿئي ٿو ۽ اي نبي تون خالص الله جي عبادت ڪر. ڪجھ ماڻهو وري الله کي ڇڏي ٻين کي ڪارساز بڻائين ٿا ۽ دليل وري اهو ڏين ٿا ته اسان انهن جي عبادت الله جي ويجهو ٿيڻ لاءِ ڪيون ٿا. الله فرمائي ٿو اهي ڪوڙ ڳالهائن ٿا، الله سندن باري ۾ قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو. الله ان کان پاڪ آهي ته سندس اولاد هجي جنهن جي ذريعي ماڻهو ان تائين پهچن. ان کان پوءِ الله جي وجود ۽ سندس قدرت جو بيان آهي. آيت نمبر 9 علم جي اهميت بيان ڪري ٿي ته علم رکندڙ ۽ نه رکندڙ برابر نه ٿا ٿي سگهن. نبي صلي الله جن کي امر ڪيو ويو آهي ته پاڻ کي مثال بڻائي ماڻهن کي خالص الله جي عبادت ڪرڻ جي تلقين ڪر ۽ کين ٻڌاء ته نبي هوندي به جيڪڏهن مون الله جي نافرماني ڪئي ته عذاب جو مستحق ٿيندس. الله سائين قرآن لاءِ فرمائي ٿو ته هن ۾ هڪجهڙيون ڳالهيون بار بار ذڪر ٿيل آهن جو انهن کي پڙهي ۽ ٻڌي انهن ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي رب جي نافرماني کان ڊڄن ٿا ۽ اهي الله ڏانهن متوجه ٿين ٿا. سيپاري جي آخري آيت ۾ الله اها حقيقت بيان ڪري ٿو ته اي نبي تنهنجن مخالفن تي به موت ايندو ۽ تون به هن دنيا مان پردو مٽائي ويندي ۽ توهان سڀ رب جي آڏو پيش ٿيندؤ

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment