شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

خلاصہ قرآن - اوڻويهون سيپارو - وقال الذين


صبح 05 لڳي 18 منٽ -اربع 13 مئي 2020  249 
image-1


اوڻويهون سيپارو سوره فرقان جي بقايا 57 آيتن، سوره الشعراء مڪمل ۽ سوره نمل جي 59 آيتن تي مشتمل آهي.

سوره فرقان جو بقيه حصو
پٺيان ذڪر هو ته ڪجھ ماڻهو رسول تي اجايا سجايا اعتراض پيا ڪندا هئا، سيپاري جي شروعات وري ان سان ٿي پئي ته ڪجھ ماڻهو وري تڪبر ۽ سرڪشي جي بناء تي چون ٿا ته اسان تي فرشتا ڇو نه ٿا نازل ٿين يا اسان رب کي ڇو نه ٿا ڏسون؟ الله جواب ۾ چئي ٿو ته جنهن ڏينهن فرشتن کي ڏسندا ته ان ڏينهن مجرمن لاءِ ڪا خوشخبري نه هوندي ۽ ان ڏينهن ظالم هٿن کي چڪ هڻندو ۽ چوندو ڪاش رسول جو ٻڌايل رستو وٺان ها، ڪاش فلاڻي جي سنگت ۾ نه هجان ها جنهن مونکي سڌي راه تان هٽرايو. قيامت جي ڏينهن رسول دانهيندو ته اي رب منهنجي هن قوم قرآن کي ڇڏي ڏنو. الله جون نشانيون ٻڌايل آهن ته ڪيئن نه پاڇو سج جي روشني ۾ گهٽي وڌي ٿو، اهو ئي آهي جنهن رات کي توهان لاءِ ڍڪ، ننڊ کي آرام ۽ ڏينهن کي اٿڻ جو ٽائيم بڻايو، اهو ئي آهي جيڪو مينهن کان اڳ هوائون گھلائي ٿو ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي لاهي ٿو ۽ مئل زمين کي ان سان جيئاري ٿو ۽ جانورن ۽ انسانن کي پيئاري ٿو، اهو ئي آهي جيڪو ٻن سمنڊن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو هڪ لذيذ مٺو ۽ ٻيو ڪوڙو ۽ کارو ٻنهي جي درميان هڪ پردو حائل رهي ٿو، اهو ئي آهي جنهن انسان کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ۽ سندس لاءِ خاندان ۽ ساهرا ٺاهيائين. هاڻي اهڙي خدا کي ڇڏي ڪافر اهڙن بتن جي پوڄا ڪن ٿا جيڪي کين نه فائدو رسائي سگهن ٿا ۽ نه نقصان.
سورت جي آخر ۾ الله جي ٻانهن جون صفتون بيان ڪيون ويون آهن ته اهي زمين تي نهٺائي سان هلن ٿا، جاهلن سان الجهن نه ٿا بلڪ سلام ڪري اڳتي وڌي وڃن ٿا، راتيون سجدي ۽ قيام ۾ گذارين ٿا، جهنم جي باھ کان الله جي پناه گهرن ٿا، نه اسراف ڪن ٿا نه ڪنجوسي بلڪ وچٿري راه وٺن ٿا، الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي نه ٿا پڪارين، نه ڪنهن کي قتل ڪن ٿا، نه زنا ڪن ٿا، ڪوڙي شاهدي نه ڏيندا آهن، واهيات ڳالھ وٽان عزت سان گذري وڃن ٿا، سندن رب جون آيتون مٿن نصيحتن پڙهجن ٿيون ته انڌا ٻوڙا ٿي نه ٿا ڪرن ۽ جيڪي الله کان دعا گهرن ٿا ته اي رب بڻاء اسان جي گهر وارين کي ۽ اولاد کي اسان لاءِ اکين جو ٺار ۽ اسان کي متقين جو امام بڻاء. اهڙين ماڻھن لاءِ جنت آهي جنھن ۾ کين سلام پيش ٿيندو.

سوره الشعراء
سوره الشعراء مڪي سورت آهي ۽ هن ۾ 227 آيتون آهن.
نبي صلي الله عليه وسلم جن کي هر وقت غم لاحق هوندو هو ته مڪي جا ماڻهو ايمان ڇو نه ٿا آڻن ته الله سائين هن سورت ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن کي تسلي ڏئي ٿو ته اسان هي قرآن ان لاءِ نه نازل ڪيو آهي ته توهان پنهنجي جان کي هلاڪت ۾ وجهو، اسان چاهيون ها ته آسمان مان ڪو معجزو نازل ڪيون ها ۽ پوءِ سندن لاءِ اطاعت کا سواءِ چارو نه هجي ها(پر اها الله جي سنت نه آهي بلڪ الله هدايت جو رستو ڏيکارڻ لاءِ انبياء موڪليندو آهي) جنهن کانپوءِ پٺين قومن جا مثال ڏئي سمجهايو ويو آهي ته اهو ڪو پهريون دفعو نه آهي بلڪ اڳ ۾ به قومون انڪار ڪنديون رهيون آهن ۽ الله جي غضب جو شڪار ٿينديون رهيون آهن. شروعات موسي عليه السلام ۽ فرعون واري واقعي کان ڪئي وئي آهي جيڪو اڳ ۾ ڪافي دفعا گذري چڪو آهي ۽ اسان ان جو سبب به ٻڌائي آيا آهيون ته ڇو موسى عليه السلام ۽ بني اسرائيل جو ذڪر قرآن ۾ سڀ کان گهڻو آهي. ان کان پوءِ ابراهيم عليه السلام جو ذڪر آهي ته ان پنهنجي قوم کان پڇيو ته توهين اهڙن خدائن جي پوڄا ڇو ٿا ڪيو جيڪي نه توهان جي ڳالھ ٻڌن ٿا ۽ نه ئي توهان کي ڪو نفعو نقصان رسائي سگهن ٿا؟ ته انهن وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو جواب نه هو ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو هو تنهن ڪري اسان به ائين ڪيون ٿا. نوح عليه السلام ۽ سندس قوم جو ذڪر آهي، ھن قوم ۾ تڪبر جي بيماري هئي ۽ هنن تي سيلابي طوفان جو عذاب آيو. هود عليه السلام جي قوم عاد کي وري پنهنجي تعميراتي فن تي ناز هيو ۽ غريبن تي ظلم و ستم ڪندا هئا، هنن تي تيز آنڌي جو عذاب آيو. قوم ثمود ڏانهن صالح عليه السلام کي موڪليو ويو، هي قوم جا ماڻهو به قوم عاد وانگر فن تعمير جا ماهر هئا ۽ وحي وغيره کي نه مڃيندا هئا ۽ پيغمبر کي چيلينج ڪندا هئا، هنن کي هڪ زوردار ڌماڪي سان هلاڪ ڪيو ويو. قوم لوط ۾ وري اغلام بازي جي بيماري هئي ۽ هنن تي پٿرن جو مينهن وسايو ويو ۽ سندن بستي اونڌي ڪئي وئي. ايڪه (مدين) وارن ڏانهن وري شعيب عليه السلام کي موڪليو ويو هو، هنن ۾ ماپ تور ۾ ٺڳي ڪرڻ جو مرض هو ۽ هنن کي زلزلي سان هلاڪ ڪيو ويو. سورت جي آخر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجھ اهڙيون ئي حرڪتون مڪي وارا به ڪري رهيا آهن جو اهي نبي صلي الله عليه وسلم جن جي ذات ۽ قرآن تي اعتراض واري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته ڪٿي آهي عذاب ته کين ٻڌائي ڇڏ ته جيڪڏهن عذاب آين ته پوءِ مهلت ختم ٿي ويندن ۽ پڇتائيندا. آخر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جن کي حڪم ٿيل آهي ته پنهنجي ويجهن عزيزن تائين الله جو پيغام پهچاء ۽ جيڪڏهن اهي نافرماني ڪن ته کين چئه ته مان بري آهيان توهان جي عملن کان يعني مون سان قرابت داري توهان کي بچائي نه سگهندي جيڪڏهن توهان جا پنهنجا عمل صحيح نه هوندا ته.


سوره النمل
سوره النمل مڪي سورت آهي ۽ هن ۾ 93 آيتون آهن.
هي قرآن ۽ واضح ڪتاب جون آيتون آهن جيڪي مؤمنن لاءِ هدايت ۽ بشارت آهن جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪات ڏين ٿا ۽ آخرت تي يقين رکن ٿا. موسي عليه السلام ۽ کيس ڏنل معجزن جو ذڪر آهي ۽ اهو به ته سندس قوم انهن معجزن کي جادو چيو. دائود ۽ سليان عليهما السلام جو ذڪر آهي ته اسان کين علم ڏنو. سليمان عليه السلام پکين جي ٻولي ڄاڻيندو هو، جنن ،انسانن ۽ پکين جا لشڪر سندس تابع هئا ۽ سفر ۾ انهن کي گڏ کڻي گهمندو هو. هڪ دفعو ائين ئي پنهنجي لشڪر سان ڪِولين جي وادي وٽان گذري رهيو هو ته هڪ ڪِول ٻين کي خبردار ڪيو ته ٻرن ۾ گهري وڃو نه ته سليمان جي لشڪر جي ھيٺيان چيڀاٽجي ويندؤ (الله سائين ڪِول جهڙي ننڍڙي جاندار کي به اھا سمجھ عطا ڪئي آهي ته خطري جي مقابلي ۾ تدبير ڪري) سليمان عليه السلام ڪِول جي ڳالھ ٻڌي مسڪرائي ڏنو ۽ رب کان شڪراني جي توفيق گهريائين.


قصه هدهد
چرندن ۽ پرندن جي گڏجاڻي دوران هڪ دفعو سليمان عليه السلام ڏٺو ته هدهد پکي غائب آهي ته ان جو پڇاڻو ڪيائين. ڪجھ عرصي کان پوءِ هدهد پکي آيو ۽ ٻڌايائينس ته ملڪ سبا ويو هئس، اتي ڏٺو ته مٿن هڪ عورت حڪومت ڪري پئي، سندس وڏو محل آهي ۽ اهي الله کي ڇڏي سج کي سجدو ڪن ٿا، سليمان عليه السلام چيو چڱو ڏسون ٿا تون سچ ٿو ڳالهائين يا ڪوڙ؟ هي خط کڻي وڃ ۽ انهن تائين پڄاء. خط جڏهن راڻي وٽ پهتو جنهن ۾ لکيل هو ته "هي خط سليمان جي طرفان آهي شروع الله جي نالي سان جيڪو رحم ڪندڙ ۽ ٻاجهارو آهي، ته اسان تي سرڪشي نه ڪيو ۽ مسلمان ٿي وڃو". راڻي خط پنهنجي مشيرن کي پڙهي ٻڌايو ۽ کائن مشورو گهريائين، هنن چيو اسان طاقت وارا ۽ جنگجو آهيون باقي جيئن تون حڪم ڪرين. راڻيءَ چيو ته بادشاھ جڏهن ڪنهن علائقي ۾ داخل ٿيندا آهن ته ان کي تباھ و برباد ڪندا آهن ۽ ماڻهن جي عزت تارتار ڪندا آهن ان ڪري پھريون انهن ڏي ڪجھ تحفا موڪليون ٿا پوءِ ڏسون ته ڇا ٿا ڪن؟ سليمان عليه السلام وٽ راڻي جو نمائندو تحفا کڻي پهتو ته سليمان عليه السلام کيس چيو ته مونکي الله جو ڏنل گهڻو ڪجھ آهي، توهان پنهنجن تحفن سان خوش هجو. سليمان عليه السلام پاڻ سان ويٺل ماڻهن کي چيو ته توهان مان ڪير راڻي جو محل هتي آڻي ڏيندو؟ هڪ وڏي جن چيو ته مجلس ختم ٿيڻ کان پهرين پهرين مان محل حاضر ڪندس ۽ اتي ويٺل هڪ صاحب علم وري چيو ته تنهنجي ڪنڌ ورائڻ کان پهرين محل کي آڻي حاضر ڪندس ۽ ائين ئي ڪيائين، سليمان عليه السلام ڪنڌ ورايو ته محل کي اتي موجود ڏٺائين ۽ رب جو شڪر ادا ڪيائين. هوڏانهن راڻي اهو ڄاڻي ته ھي ڪو دنيا پرست بادشاھ نه پر ڪو نيڪ ٻانهو اهي، ساڻس ملاقات لاءِ نڪري پئي. سليمان عليه السلام پنهنجن ماڻهن کي چيو ته راڻي جي محل ۾ ٿوري ڦير ڦار ڪري کائنس پڇو ته ڇا تنهنجو محل به اهڙو آهي؟ ته ھن جواب ڏنو اھڙو ئي لڳي ٿو، ان کان پوءِ کيس محل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چيو ويو، راڻي کي لڳو ته ھيٺيان پاڻي آهي ته پنهنجا پاچا مٿي ڪرڻ لڳي ته سليمان عليه السلام کيس چيو ته اهو فرش شفاف شيشي جو ٺهيل آهي (حضرت سليمان عليه السلام اهو سڀ ڪجھ ان لاءِ ڪري رهيو هو ته راڻي کي محسوس ڪرائي ته هن کي دنيا جي ڪابه لالچ نه آهي بلڪ هو سندس مسلمان ٿيڻ گهري ٿو) ۽ کيس اسلام جي دعوت ڏنائين ته هن مڃي ورتي ۽ چيائين مون پاڻ کي سڀني جهانن جي پالڻهار الله جي حوالي ڪيو.
سيپاري جي آخر ۾ قوم ثمود ۽ قوم لوط جو ذڪر آهي. 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment