شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

خلاصه قرآن-ارڙهون سيپارو-قد افلح


صبح 03 لڳي 42 منٽ -اڱارو 12 مئي 2020  192 
image-1

ارڙهون سيپارو سوره مومنون، سوره النور ۽ سوره الفرقان جي 20 آيتن تي مشتمل آهي.


سوره المؤمنون
سوره المؤمنون مڪي آهي ۽ ان ۾ 118 آيتون آهن. سورت جي شروعات ۾ مؤمنن جون هيٺيون صفتون بيان ڪيون ويون آهن
-نمازن ۾ خشوع و خضوع اختيار ڪندڙ
-فضول ڳالهين کان پاسو ڪندڙ
-پاڪائي اختيار ڪندڙ
-پنهنجن شرم گاهن جي حفاظت ڪندڙ
-امانتن جي حفاظت ڪندڙ ۽ وعدن ۽ معاهدن کي پورو ڪندڙ
-نمازن جي حفاظت ڪندڙ
اهڙا نيڪ مؤمن جنت جا وارث آهن.
بعث بعد الموت جي يادگيري لاءِ انسان کي سندس پهرين پيدائش جي طرف توجه ڏياريو ويو آهي (آيت نمبر 14). ان سلسلي ۾ ماء جي پيٽ ۾ پلجندڙ جنين جا مختلف مرحلا (Human embryonic development)  بيان ڪيا ويا آهن جيڪي جديد طبي سائنس جي موافق آهن. نوح عليه السلام جو قصو قدري تفصيل سان، جڏهن ته موسى ۽ هارون عليهما السلام جو اختصار سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ٻنهي جي قومن جو هڪ مشترڪه اعتراض نقل ڪيو ويو آهي ته انهن پنهنجي نبيء کي چيو ته توهان ته اسان وانگر انسان آهيو، پوءِ توهان جي پيروي ڪيئن ۽ ڇو ڪيون؟ الله سائين پنهنجي قدرت جون نشانيون (جيئن انسان کي ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت عطا ڪرڻ، کيس مٽي مان پيدا ڪرڻ ۽ مرڻ کان پوءِ ان ۾ دفنائڻ، زندگيءَ ۽ موت جو سرشتو جاري ڪرڻ، ڏينهن رات جي اچ وڃ، زمين ۽ جيڪي ڪجھ ان ۾ آهي سندس قبضہ قدرت ۾ ھجڻ، ستن آسمانن ۽ عرش عظيم جو مالڪ هجڻ، سندس هٿ ۾ بادشاهي هجڻ)، ٻڌائڻ کان پوءِ انساني عقل کي اپيل ڪندڙ اهو جملو چئي ٿو ته ڏسو جيڪڏهن انهن سڀني مظاهر جا خدا الڳ الڳ هجن ها ته انهن جي پاڻ ۾ ويڙه جاري رهي ها ۽ ھر ڪو پنهنجي ملڪيت کي کڻي سسٽم مان الڳ ٿي وڃي ها ۽ ائين ڪائنات جو موجوده متناسب ۽ متوازن نظام درهم برهم ٿي وڃي ها.     
سورت جي آخر ۾ وري بعث بعد الموت ۽ قيامت جا احوال ڏنا ويا آهن ته جڏهن انسان ملڪ الموت کي سامهون ڏسندو آهي ته چوندو آهي ته اي رب مون کي موٽاء ته ڪجھ نيڪيون ڪري وٺان پر ائين نه ٿيندو آهي، اهو عالم برزخ ۾ هليو ويندو آهي ۽ قيامت جي ڏينهن وري اٿندو، پوءِ ان ڏينهن سٺن عملن وارا ڪامياب ۽ برن عملن وارا ناڪام ليکبا. سزا ڀوڳيندڙ چوندا اي رب اسان کي هتان کان ڪڍ ۽ جي ان کان پوءِ به ساڳيا برا ڪم ڪياسين ته پوءِ بي شڪ اسان ظالمن منجهان هونداسين ته الله سائين وراڻيندو ته ان کان اڳ دنيا ۾ جڏهن منهنجا ٻانها مون کي پڪاريندا هئا ته توهان انهن تي ٺٺوليون ڪندا هيا ۽ مٿن کلندا هيا، اڄ اهن پنهنجي صبر جي ڪري ڪاميابي ماڻي. اي انسانو! ڇا توهان اهو خيال ڪري ويٺا آهيو ته اسان توهان کي بي مقصد پيدا ڪيو آهي ۽ توهان اسان ڏي نه موٽندؤ؟ اصل حقيقت قيامت جي ڏينهن ظاهر ٿيندي جڏهن توهان کي دنيا ۾ گذاريل عرصو هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو به هڪ حصو لڳندو پر حقيقت ۾ اهو ان کان به گهٽ هوندو، ڪاش ان جو ادراڪ توهان کي دنيا ۾ ئي ٿي چڪو هجي ها.


سوره النور
سوره النور مدني سورت آهي ۽ ان ۾ 64 آيتون آهن.
سورت جي شروع ۾ زاني مرد ۽ عورت جي شرعي سزا جو ذڪر آهي. گڏوگڏ اهو به بيان ٿيل آهي ته جيڪڏهن ڪير ڪنهن تي تهمت هڻي ته اهو به سزا جو مستحق آهي. ان ئي ضمن ۾ حضرت عائشه رضي الله تعالى عنها تي لڳل تهمت ۽ الله جي طرفان سندس معصوميت جي اعلان جو بيان آهي. جيڪي ماڻهو پاڪدامن، بي خبر مؤمن عورتن تي تهمت هڻن ٿا انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت وسي ٿي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي، قيامت جي ڏينهن سندن زبانون، هٿ ۽ پير سندن عملن جي شاهدي ڏيندا ۽ ان ڏينهن کين پوري سزا ملندي. پرائيويسي متعلق احڪام ڏنل آهن ته پراين گهرن ۾ بغير اجازت داخل نه ٿيو، ۽ ڪير توهان کي اجازت نه ڏئي ۽ موٽي وڃڻ لاءِ چئي ته موٽي وڃو. آيت 30 ۽ 31 ۾ پردي جا احڪام بيان ٿيل آهن ۽ عورتن کي تفصيلي حڪم ڏيڻ کان پھريون مردن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اهي نظرون جهڪائي رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن. شيخ عودوي پنهنجي سنڌي تفسير ۾ لکي ٿو ته پردي جو حڪم صرف عورتن لاءِ نه آهي بلڪ مردن لاءِ به آهي. فقر جي خوف کان نڪاح کي ترڪ نه ڪيو.
زمين ۽ آسمان ۾ موجود هر شيء ۽ پکي الله جي تسبيح بيان ڪن ٿا، هر ڪنهن کي پنهنجي نماز ۽ تسبيح جي طريقي جي خبر آهي. الله سائين هر قسم جا جاندار پاڻيءَ مان پيدا ڪيا، انهن مان ڪي پيٽ سر رڙهن ٿا، ڪي ٻن ٽنگن تي هلن ٿا ته ڪي وري چئن ٽنگن تي. مؤمنن کي جڏهن ڪنهن فيصلي لاءِ الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ته کين چوڻ کپي ته اسان ٻڌو ۽ اطاعت ڪئي، اهڙا ماڻهو ئي ڪامياب آهن. اڳتي ڪجھ معاشرتي آداب آهن جيئن ننڍن ٻارن لاءِ حڪم آهي ته ٽن وقتن تي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کان پهريون اجازت وٺن ته جيئن پرائيويسي متاثر نه ٿئي هڪ عشاء کان پوءِ، ٻيو فجر کان پهريون ۽ ٽيون ظھر کان پوءِ. ويجهن عزيزن جي گهران کائڻ پيئڻ جي اجازت ۽ جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿجي ته سلام ڪرڻ جو بيان آهي.


سوره الفرقان
سوره الفرقان مڪي آهي ۽ 77 آيتن تي مشتمل آهي. سورت جي شروع ۾ اللہ سائين پنهنجي پاڪائي ۽ قدرت بيان ڪئي آهي ته زمين ۽ آسمان سندس ملڪيت آهن، نه سندس ذات ۾ ڪو شريڪ آهي نه بادشاهيءَ ۾، ۽ هر شيء جو خالق آهي. جن کي هي خدا بڻايو ويٺا آهن اهي ڪجھ خلقين ته نه ٿا الٽو پاڻ مخلوق آهن، نه پنهنجي نفعي ۽ نقصان جا مالڪ آهن نه ئي زندگيءَ ۽ موت تي ۽ نه ئي ٻيهر زنده ڪرڻ تي سندن ڪو اختيار آهي. ڪجھ ماڻهو وري قرآن تي اعتراض وارين ٿا ته اهو ان محمد ڪجھ ماڻهن جي مدد سان پاڻ گهڙيو آهي يا ٻيا وري چون ٿا ته اهي پراڻي دور جا قصا ڪهاڻيون آهن. اي محمد چئين ته اهو ان ذات نازل ڪيو آهي جنهن وٽ زمين ۽ آسمان جا ڳجھ آهن ۽ مغفرت ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. ڪي وري رسول جي ذات تي اعتراض ڪن ٿا ته هي ڪهڙو رسول آهي جيڪو ماني کائي ٿو، بازارن ۾ گهمي ٿو، ان سان گڏ ڪو فرشتو ڇو نه آهي يا ان ڏي ڪو خزانو ڇو نه ٿو نازل ٿي يا ڪو باغ ڇو نه اٿس جنهن مان کائي پيئي؟! اي نبي! الله سائين چاهي ته تو لاءِ ان کان به بهتر باغ ۽ محل ٺاهي پر اصل ۾ اھي آخرت جي انڪار جي ڪري اھڙيون ڳالھيون ڪن ٿا ۽ جڏهن قيامت جو ويجهي کان مشاهدو ڪندا ته ان وقت چوندا ڪاش اسان کي موت اچي وڃي. ان وقت کين چيو ويندو ته هڪ موت نه پر ڪئي موتن جي سڌ ڪيو پر ٿيندو ڪجھ به نه. اي نبي! تون غمگين نه ٿي اسان تو کان پهريون به جيڪي رسول موڪليا هئا سي به کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارن ۾ گهمندا ھئا، توهان صبر ڪيو الله سڀ ڪجھ ڏسي پيو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment