شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

موجوده دؤر ۾ سنڌي اَدبي مخزنون


شام 06 لڳي 02 منٽ -آچر 10 مئي 2020  96 
image-1


        قسط پهرين         

   ادب خاص طور سان ڀاشائي اَدب جي حوالي ۾ جڏهن به ڪو اَدبي ميڙ/مذاڪرو ٿيندو آهي ته ڳالهائڻ واري جي نظر اَول حال ۾ مؤجود اُن ڀاشا کي ٻڌڻ وارن جي گھٽجندڙ انگ تي پوندي آهي ۽ هڪُ آٿت ملندو آهي ته ها پنهنجي ڀاشا سان پيار ڪرڻ وارا، ان ۾ ڳالهائڻ وارا، اُن کي سمجھڻ وارا اَڃا به مؤجود آهن، ڀلي اَٿڪ ڪوششون ڪري گڏ ڪرڻا پون ۽ اِهو ڏسي خوشي ٿيندي آهي ته سنڌيءَ جي نئين /نؤجوان پيڙهيءَ سنڌي ساهت ۽ ڪلا جي کيتر ۾ نه فقط پاڻ موکيو آهي، پنهنجي اُپسٿي درج ڪرائي آهي بلڪه هڪ نئين ڄمار-  سيڪنڊ لائين  جنريشن(Second line generation)  به تيار ٿي رهي آهي.

   ‘موجؤده دؤر ۾ سنڌي مخزنون/ رسالا’ -  عام طور وشيه تي ڳالهائڻ وارو پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ لاءِ سُهڻي ڀومڪا ٻڌڻ لاءِ لفظن جي تلاش ڪندو آهي، پر هن پيپر رائيٽر جو چڱو وقت موجوده وقت /دؤر جنهن کي اسان ڊجيٽل / اِنٽرنيٽ ايج /(Internet/Digital age)  دؤر به چئون ٿا. تنهن ۾ سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ اڃان تائين پنهنجي وجود کي جيئن تيئن قائم رکي به ڇپجندڙ نڪرندڙ ۽ هر سنڌي پاٺڪ جي هٿن تائين پهچندڙ سنڌي مخزنن کي تلاش ڪرڻ ۽ اُنهن جي باري ۾ سوچڻ تي ئي خرچ ٿي ويو ۽ هڪ وڏي سوچ ويچار کانپوءِ جيڪو پهريون اکر وات مان نڪتو اُهو هو شاباس. شاباس هجي اهڙي جذبي کي اَهڙن هٿن کي، اَهڙن پيرن کي جيڪي پنهنجي ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ اڃان به هلن پيا حالتن سان مقابلو ڪندي. (دؤر پيا بدلجندا آهن ۽ حالتون به. هر دؤر ۾ هر حالت جو مقابلو ڪندي جيئڻ جو جذبو آهي ته هيءُ جھان هر اُن ماڻهوءَ جو آهي جيڪو حالتن تي حڪومت ڪري ڄاڻي) ۽ ساهتڪار / پترڪار اَهڙن ماڻهن مان هڪُ هوندا آهن، جيڪي ساماجڪ چنتائن کان سڀني کان اول روبرو ٿيندا آهن ۽ پنهنجين لکڻين کان آگاه ڪرڻ سان گڏوگڏ راهه به ڏيکاريندا هلندا آهن. اِتي ئي هِڪُ ليکڪ سوچڻ لاءِ مجبور ٿو ٿئي ته پنهنجي ڳالهه جنتا تائين ڪيئن پهچائي ۽ اِها سوچ ئي هِڪ ڀاشائي رسالي   مخزن جي جنم جو ٻج وجھي ٿي، پوءِ اُهو پنهنجي وقت/دؤرجو شاندار ادبي رسالو ‘مومل’ هجي يا اڄ جي ڊجيٽل دؤر ۽ انٽرنيٽ ايج جون ليڊنگ سنڌي ادبي آن لائين سائيٽس ‘سنڌ سلامتڪتاب گھر’ (Sind Salamat book. Com)  ۽ سنڌي گلاب ڊاٽ ڪام. اِن حوالي ۾ ‘مومل’ رسالي جي (سال 67-1966) هِڪ انڪ ۾ سمپادڪ سُندراڻي هري پنڪج جي سمپادڪيه / ايڊيٽوريل ۾ لکيل شروعاتي سِٽون اوهان سان شيئر ڪرڻ چاهيندُس، جيڪي موجوده دؤر ۾ سنڌي مخزنن جي اِشاعت کي زنده رکڻ ۾ ايندڙ نسل/دؤر لاءِ پريرڻادائي/حوصلاڪن ثابت ٿي سگھن ٿيون.

    “اڄ هيءُ وڏي سائيز ٽِن سون  (300 Pages) کان به وڌيڪ صفحن واري ‘مومل’ سامهون رکان ٿو ته اُنهن اديب دوستن (شري جيوت جوت ۽ لعل موٽواڻيءَ) لاءِ عزت سان گڏ پيار به اُمڙي ٿو اَچي، جو هُنن ساٿين سال 52-1953ع ۾ هِڪ ڪاپيءَ تي هٿ سان رچنائون لکي ڏهن پندرهن ميمبرن ۾ پڙهڻ لاءِ ڦيرائڻ جي هڪ نئين رٿ جو پايو وڌو ۽ پوءِ جڏهن هِڪ ميمبر جي بي پرواهيءَ سبب اُها هٿ لکيل ڪاپي گم ٿي ويئي ته دوست ڪُجهھ سوچ ۾ پئجي ويا. نيٺ اِن جو حلُ ڳولهي ڪڍيائون ۽ هِڪ ننڍي سائيز جي سوَ کن (100 Pages) صُفحنواري مومل ڇپائي سنڌي ادب کي اهڙي سوکڙي ڏنائون جو هينئر وڌي هِن روپ تائين پهتي آهي ...” ‘مومل نمبر (66-77) 1967-67   

    سنڌي ادبي رسالا - سروپ / ڪانسيپٽ

     پيپر جي شروعاتي نوٽس/صفحن مان اِهو ته ڪليئر ٿي وڃڻ گھرجي ته هِتي سنڌي رسالن جي اِتهاس يا اُنهن جي فهرست يا ڪا مخزن ڪڏهن شروع ٿي، اُن جي اِشاعت جو سلسلو ڪيئن شروع ٿيو؟ ڪيرُ سمپادڪ رهيا يا اُنهن جي ڪَور اِسٽوري ڊسِڪي ڪرڻ هِن وشيه جو پريوجن / مقصد ۽ دائرو ڪونهي.

    هڪ ادبي مخزن جو سروپ، معيار، ٻولي/ڀاشا - مخزن جي ڪانسيپٽ کي ڌيان ۾ رکندي هڪ -  آئيڊيل ادبي مخزن جي اهم نقطن تي پهرين ضرورت آهي ڪُجهھ سوچ ويچار ڪرڻ جي - پوءِ اَسان ويچار ڪريون ته موجودهحالتن/مسئلن کي مُنهن ڏيندي ادبي مخزنن جي هوريان هوريان بند ٿيندڙ سلسلي کي  ڪيئن جھلي سگھجي ٿو. هِن انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل ٿيندڙ سماج ۽ دؤر ۾ (پر جيڪو سڀني کان وڏو مسئلوآهن هن دؤرجو اُهي آهي، ادبي مخزنن جي پاٺڪن کي پيدا ڪرڻ. اڄ ڪنهن به ڀاشائي اِداري رسالي لاءِ اِهو هِڪُ وڏو چئلينج آهي. پوءِ اُها مخزن، اي مخزن هُجي يا وري هٿ ۾ ملندڙ ڪونج، رچنا، سپون يا سنڌو جوت - خير، اِن پائينٽ تي وري موٽنداسين. لاڳاپيل مسئلن کي ڊسڪس ڪندي.)

    جڏهن ته منهنجو سنڌي ادبي رسالن جي جلد سان ڪو ڊگهي عرصي وارو جڙاوَ يا پيشيورانه انڀوَ نه رهيو آهي ۽ نه وري اِن حلقي ۾ ڪنهن قسم جي مهارت Eypertize جي مان دعويٰ ڪرڻ جي ڪا اهڙي ڳالهه ڪريان. ساهتيه جي هڪ وديارٿيءَ پاٺڪ طور ۽ گذريل ڪُجھه عرصي کان سنڌي اڪادمي، دهليءَ جي ادبي مخزنن ‘سنڌو جوت’ سان جُڙي جيڪو انڀوَ ۽ ڄاڻ  -سمپادڪ جي ناتي گڏ ٿيا آهن  اُهو ٻُڌائي ٿو- “حالتون ڏکيون ضرور آهن، اڃان به ٿينديون خاص ڪري ڀاشائي ادب لاءِ. پر جيڪڏهن ڪميٽمينٽ/سمرپڻ جي ڀاونا سان ڪمُ ڪجي ته ڪنهن به حالت کي مُنهن ڏيئي سگھجي ٿو،بس وقت ۽ حالتن موجب بدلڻ جي ضرورت آهي.”

موجوده دؤر-

سنڌي اَدبي رسالا مخزنون : سروپ / ڪانسيپٽ ۽ اِسٿتي

    سنڌي ادبي رسالن جا ورق اُٿلائيندي اڄ به جڏهن ڪو پاٺڪ ساهتڪار پنهنجي ڪتابن جي خزاني مان   (Acehivers)- ‘نئين دنيا، سنڌو، مهراڻ، سُهڻي، رابيل، آکاڻي، ساهت ڌارا، سنڌو ڌارا، مُرڪ، پرهه ڦٽي، ساهتڪار ۽ رچنا، ڪونج ۽ سپون جا پراڻا پرچا کڻي پڙهڻ وِيهندو ته اُهي ڪير ايترو جلدي ڪونه ڇڏيندا، هر پني جو هر حرف ڪٿي پڙهڻ کان ڇڏائجي نه وڃي - ۽ کيس ور ور ڪري پڙهڻ لاءِ آماده ڪندو - اِهوئي هڪ اَدبي رسالي جو ڪانسيپٽ/  سروپ آهي، جنهن کي اُن مخصوص ماڻهوءَ جي آڊئيلاجي / ويچارڌارا طئه ڪندي آهي. آڪار روپ ڏيندي آهي ۽ پنهنجي ڇاپ اُن ڀاشائي ادب تي اَهڙي ڇڏيندي آهي جو ادب جي تاريخ لکجڻ وقت اُها جوڳي جاءِ حاصل ڪري، ايندڙ دؤر ۽ نسلن لاءِ مشعل راه جو ڪمُ ڪندي آهي. پنهنجي ذاتي انڀوَ مان ايترو چئي سگھان ٿو- اڄ جي دؤر جي ساهتڪار/ سمپادڪ کي گھڻو ڪُجهھ ملي ٿو سکڻ لاءِ اِن خزاني مان ۽ (خاص ڪري پنهنجي ٻولي، اُن جو استعمال ۽ فنائتو اِظهار - ادب - ڪلا يعني فن ۽ فنائتو اِظهار ڪلا جي ڪنهن به روپ ۾، تنهنڪري ادب فن برائي ادب ۽ فن ئي هوندو آهي، سماج ۽ دنيا ته اُن فنائتي اِظهار جو ماڌيم/ وشيه ۽ ذريعو بڻجندا آهن) هر دؤر ۾.

    هر دؤر جون حالتون ۽ ضرورتون الڳ ٿين ٿيون ۽ ڇپجندڙ رسالي جو نظريو به الڳ ٿئي ٿو. پر ادب جي حوالي ۾ جيڪا مکيه ڳالهه آهي، ادب جو معيار. جن سنڌي ادبي رسالن ادب جي معيار ۽ صحتمند ادبي لاڙن کي قائم رکيو، مينٽين رکيو ۽ سنڌي ادب ۾ نه فقط پنهنجي هڪ جاءِ جوڙي بلڪهڀاشائي ادب ۾ هڪ مثال ۽ مقام قائم ڪيو. مٿي ذڪر ڪيل رسالن کانسواءِ ٻيا ڪيترائي معياري رسالا آهن، جيڪي هن وقت ذهن ۾ يڪدم نٿا اَچن. جن پنهنجي دؤرن جي ادبي لاڙن کي اوليت ۽ هٿي ڏئي سنڌي ادب کي نه رڳو ڀارتي ۽ دنيا جي ادب سامهون بيهي سگھڻ جي سگھه ۽ وشواس ڏنو بلڪه سنڌي ڀاشا کي به مالا مال ڪندا رهيا. ڪنهن ادبي رسالي لاءِ اِهو تڏهن ممڪن ٿي سگھندو آهي، جڏهن اُن رسالي/ مخزن سان ادبي نظريي ۽ قد بت وارا معتبر ليکڪ/ساهتڪار سمپاديا سرپرست جي حيثيت سان جڙيل هجن. سنڌي ادب جي خوشقسمتي آهي ته اهڙن ادبي رسالن سان ساڌو هيرانند (سرسوتي)، اي. جي. اُتم (نئين دنيا) ڪيرت ٻاٻاڻي (سنڌو ڌارا) ڦتن پُرسواڻي، گوبند مالهي (مُرڪ)، سندر اگناڻي، واسديو سنڌو ڀارتي، لڇمڻ ڀمڀاڻي (سُهڻي) آنند کيماڻي، لعل پشپ، هريڪانت (رابيل، آکاڻي، پرهه ڦٽي)، هري موٽواڻي (ڪونج) لکمي کلاڻي، ستيش روهڙا، پريم پرڪاش (رچنا) ۽ ٺاڪر چاولا (سپون) جھڙا ساهتڪار جڙيا رهيا ۽ ڪي اڃان به سرگرميءَ سان پنهنجو وقت سنڌي ادب کي ڏئي رهيا آهن باوجود حالتن ۽ عمر جي تقاضائن جي ادبي معيار واري مخزن ڪونج، رچنا ۽ سپون جي اشاعت موجوده دؤر ۾ اڄ به پنهنجي معيار ۽ وقار سان جاري  آهي باوجود ڪِن مالي ۽ حالي مشڪلاتن جي. اِنهن جي پٺيان سنڌي ادب جي سڄاڻ ساهتڪار  (Mobile Encyclopedia) صاحب بجاڻي ۽ نند ڇڳاڻيءَ جا وڏا وڙ آهن. سنڌي ادب ۽ رسالن لاءِ انهن جو سمرپت جيون نئين پيڙهيءَ لاءِ هڪ پريرڻا آهي. شوڀا لعلچنداڻيءَ وراثت ۾ مليل ادبي ۽ سڀيتڪ سوجھ - ٻوجھ سان نه فقط سپون ۽ هفتيوار هندواسيءَ کي نيمائتي ۽ معياري سطح قائم رکندي شايع ڪرڻ جي ذميواري بخوبي انجام ڏئي رهي آهي، بلڪ سيتا سنڌو ڀون ۾ باقاعده هر مهيني ادبي ۽ سانسڪرتڪ ميڙ ۽ محفلون مچائي رام پنجواڻي ٺاڪر ۽ پارو چاولا جي ورثي کي سانڍيندي نڀائيندي سنڌيت کي نه رڳو قائم دائم رکيو آهي بلڪه نئين پيڙهي جي ساهتڪارن/ ڪلاڪارن لاءِ هڪ منچ به تيار ڪري ڏنو آهي. اِها هِڪ اِسٿاپت ڀاشائي اداري / رسالي جي پنهنجي ٻولي ۽ سنسڪرتيءَ کي وڌائڻ - ويجھائڻ جي ذميواري به بڻجي ٿي. (هلندڙ)

0hln

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment