شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

خلاصه قرآن-پنڌرهون سيپارو-سبحان الذي


صبح 05 لڳي 47 منٽ -ڇنڇر 09 مئي 2020  455 
image-1


.هي سيپارو سوره بني اسرائيل مڪمل ۽ سوره ڪهف جي 74 آيتن تي مشتمل آهي
سوره بني اسرائيل
هن جو ٻيو نالو اسراء آهي. هيء مڪي سورت آهي ۽ هن ۾ 111 آيتون آهن. سوره بني اسرائيل جي پهرين آيت هجرت کان هڪ سال اڳ پيش آيل معراج جي واقعي جي باري ۾ آهي. ان کان فورن پوءِ بني اسرائيل جي عروج وزوال جي ڪهاڻي انتهائي جامع انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. قيامت جي ڏينهن هر انسان کي سندس اعمال نامو کليل ڪتاب جي شڪل ۾ ڏنو ويندو ۽ کيس چيو ويندو ته پنهنجا اعمال ڏسي پوءِ پنهنجي لاءِ پاڻ فيصلو ڪر. اي نبي تنهنجي رب جو اهو حڪم آهي ته کانئس علاوه ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪيو ۽ والدين سان سٺو سلوڪ ڪيو، انهن مان ڪو هڪ يا ٻئي پوڙهائپ کي رسن ته کين اف به نه چئو، نه ساڻن تکو ڳالهايو، بلڪ عزت سان ڳالهايو، ساڻن لاءِ رحمت جي ڇانوَ بڻجي وڃو ۽ الله کان دعا گهرندا رهو ته اي الله مٿن ائين ئي رحمت جا وسڪارا ڪر جيئن هنن اسان کي شفقت سان ننڍي کان وڏو ڪيو. مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن کي سندن  حق ڏيو ۽ اسراف کان بچو. ۽ جيڪڏهن توهان وٽ کين ڏيڻ لاءِ ڪجھ نه هجي ته نرمي سان جواب ڏيون. نه ڪنجوسيء کان هٿ روڪيو ۽ نه ئي صفا هٿ کي کليو ڇڏيو (بلڪ درمیاني رستو اختيار ڪيو). بک جي خوف کان اولاد کي قتل نه ڪيو، جيئن توهان کي رزق ڏيون پيا، کين به ڏينداسين. زنا جي ويجھا نه وڃو ۽ نه ڪنهن کي ناحق قتل ڪيو. ڦٻائڻ جي نيت سان يتيم جي مال جي ويجھا نه وڃو ۽ واعدا (۽ معاهدا) پورا ڪيو جو انهن جي باري ۾ قيامت جي ڏينهن پڇا ٿيندي. ماپ تور پوري ڪيو. اهڙي ڳالھ نه چئو جنهن جي توهان کي خبر نه هجي. زمين تي اڪڙجي نه هلو جو ڪيڏي به آڪڙ ڪيو پر توهان جي تڪبر جي ڪري نه زمين چيرجندي ۽ نه جبلن جي اونچائي کي پڄي سگهندؤ. اهي سڀ برائيء جا ڪم آهن ۽ توهان جي رب کي ناپسنديده آهن. منهنجن ٻانهن کي چؤ ته اهڙي ڳالھ ڪن جيڪا چڱي هجي. اسان بني آدم کي عزت بخشي، کين بحر و بر ۾ سفر جا ذريعا ڏنا، کين پاڪيزه شيون عطا ڪيون ۽ گهڻن ئي مخلوقن تي کين فضيلت بخشي. اسان قرآن نازل ڪيو جيڪو شفاء آهي ۽ مؤمنن لاءِ رحمت آهي. ڀلي سڀئي انسان ۽ جن گڏجي پون ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪن تڏهن به ههڙو قرآن نه ٿا آڻي سگهجن. اي نبي هو توکي چون ٿا ته اسان لاءِ زمين مان چشمو ڦٽاء، يا تنهنجي لاءِ کجورن ۽ انگورن جو باغ هجي جنھن ۾ نهرون وهن، يا آسمان مان ڪو ٽڪڙو ڪيرائي ڏيکار، يا الله کي ۽ فرشتن کي اسان جي سامهون آڻي ڏيکار، يا تنهنجي لاءِ سون ۽ چانديءَ جو گهر هجي يا آسمان تي چڙهي ڏيکار ته پوءِ تو تي ايمان آڻينداسين ته کين چؤ ته اهو سڀ ڪجھ الله جي ذات ڪري سگهي ٿي مان ته هڪ پيغام پهچائيندڙ بشر آهيان
.سورت جي آخر ۾ بني اسرائيل جو ٻيهر تذڪرو آهي ۽ ان طرف اشارو آهي ته آخري زماني ۾ موسي عليه السلام جا پوئلڳ هڪ ئي علائقي ۾ اچي آباد ٿيندا
سوره ڪهف
سوره ڪهف مڪي سورت آهي ۽ 110 آيتن تي مشتمل آهي
هن سورت ۾ ٽي اهم قصا بيان ٿيل آهن. هڪڙو اصحاب ڪهف جو قصو، ٻيو موسى عليه السلام جي الله جي هڪ نيڪ ٻانهي سان ملاقات ۽ ٽيون ذوالقرنین جو قصو

:أصحاب ڪهف جو واقعو آيت نمبر 9 کان وٺي 26 تائين آهي جيڪو انتهائي اختصار سان ڪجھ هن طرح آهي
سن 100 عيسوي ۾ رومي سلطنت ۾ واقع ايله شهر جو بادشاھ دقيانوس ظالم ۽ جابر ۽ بت پرست هو ۽ ماڻهن کي بت پرستيءَ تي مجبور ڪندو هو، ان جي بت پرست پاليسي خلاف چند توحيد پرست نوجوانن اعلان بغاوت ڪيو، بادشاھ کين چند ڏينهن جي مهلت ڏني ته پنهنجي موقف کان مڙي وڃن. نوجوانن باهمي مشوري سان طي ڪيو ته ڪجھ ڏينھن لاءِ شهر کان ٻاهر ڪنهن غار ۾ وڃي لڪجي، هنن ائين ئي ڪيو ۽ وڃي هڪ غار ۾ لڪيا. پٺيان بادشاھ سندن تلاش ڪرائي، جڏهن نه ملي سگهيا ته سندن نالا هڪ تختي تي رڪارڊ طور لکرائي ڇڏيائين. غار ۾ الله سائينءَ کين ٽي سؤ سالن تائين سمهاري ڇڏيو، جڏهن اٿيا ته کين ائين لڳو ڄڻ هڪ اڌ ڏينهن لاءِ ستا هجن. هڪڙي ڄڻي کي پيسا ڏئي شهر مان کاڌو وٺڻ لاءِ موڪليائون، ھن جڏهن دوڪاندار کي پيسا ڏنا ته ٽي سؤ سال پراڻا سڪا ڏسي دوڪاندار کي شڪ ٿيو ته شايد هن کي ڪو پراڻو خزانو هٿ آيو آهي، ائين شهر ۾ چوٻول مچي ويو ۽ ڳالھ وڃي وقت جي بادشاه تائين پهتي، نوجوان جلدي جلدي غار ۾ واپس اچي ساٿين کي احوال ڏنو ۽ هنن فيصلو ڪيو ته بقايا زندگي ماڻهن کان الڳ ٿلڳ الله جي عبادت ۾ گذارجي. ماڻهن انهن جي تلاش ڪئي پر کين خبر نه پئي ته ڪهڙي غار ۾ آهن، پوء هنن هڪ غار جي سامهون سندن ياد ۾ عبادت گاہ تعمیر ڪئي.
:هن قصي مان حاصل ٿيندڙ نتيجا
 .الله سائين موت کان بعد زندگي ڏيڻ تي قادر آهي-
.جڏهن دين تي عمل ڪرڻ جي نتيجي ۾ ظلم وجبر جو انديشو هجي ته گوشه نشيني اختيار ڪري سگهجي ٿي-
.باطل نظام خلاف نوجوانن جي اٿي بيهڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي-
(مذهبي عقائد هر ماڻهو تي زوري مسلط نه ٿا ڪري سگجهن (تفسير عثماني ۽ قصص القرآن مولانا حفظ الرحمن-
هن واقعي سان قرآن جي منزل من اللہ هجڻ جي طرف به اشارو آهي ته نبي صلي الله عليه وسلم جن کي جيڪي امي هيا ڪيئن ان واقعي جي خبر پئي جو بيان ڪيائون
سورت جي آيت نمبر 29 تمام اهم آهي جنهن ۾ الله سائين فرمائي ٿو: "اي نبي چؤ ته حق توهان جي رب جي طرفان آهي، هاڻي جنهن کي وڻي ايمان آڻي، جنهن کي وڻي انڪار ڪري... " معنى دين جي معاملي ۾ ڪا به زبردستي ناهي

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment