شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

عمر تيوڻو- سور ۽ سرور جو شاعر


شام 02 لڳي 18 منٽ -جمعو 08 مئي 2020  687 
image-1


تخليق ۽ جوهرِ تخليق ٻه جدا شيون آهن. تخليق جو تعلق ويچار سان ٿئي ٿو  جڏهن ته جوهرِ تخليق ويچار جي ڪليت جو اهڃاڻ آهي، جيڪو سڌو يا اڻ سڌو اظهار۾ تبديل ٿيو وڃي. سادن لفظن ۾ چئجي ته خالي ذهن ناڪارا هوندو آهي،  (خالي ذهن مان مراد آهي ته جنهن ڪجهه ڪين پڙهيو). جڏهن ته ڀريل ذهن جو ڪارج سڌي يا اڻ سڌي ريت فائديمند ثابت ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ استعمال، مثبت يا منفي اهو خالق جي پنهنجي چونڊ تي آهي. استاد الهداد ٻوهيو پنهنجي ڪتاب “ادب جا فڪري محرڪ” ۾ لکي ٿو ته ”آنءَ ذاتي سوچ جي بنياد تي سمجهان ٿو ته  انسان جي سوچ جا ٻه محرڪ آهن هڪ سورُ، ٻيو سرور.“ اهڙيءَ ريت تخليق جي جوهر جو نروار ٿيڻ جا به ٻه محرڪ آهن، هڪ سورُ ٻيو سرورُ. انهن جي جاچ وٺبي ته سور جو تعلق پهرين انسان جي پيدائش سان وڃي ملي ٿو ۽ جيڪڏهن سرور تي سوچجي ته اهو عمل ٻي انسان جي پيدائش کان ڳنڍي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سرور جون ڪيفيتون جدا جدا آهن پر سور جي ڪيفيت هڪ ئي آهي البت ان جي مقدار جو احساس گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو. ان گهٽ وڌائيءَ جي ماپ طور لاءِ اسين جيڪڏهن انساني قديم سماج جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي ان ۾ ماڻهو پنهنجي درد جي علاج لاءِ مختلف هيلا هلائيندي نظر ايندو، جنهن ۾ تخليقيت جو مظهر جابجا نروار آهي. مثلن: باهه جو اوچتو ٻري پوڻ ۽ پوءِ تخليقي قوت جي حساب سان ان تي قابو پائڻ، جهنگ ۾ جانورن هٿان سر وڃائڻ ۽ پوءِ بچاءَ جا دڳ لهي غارن ۾ قيام ڪرڻ، ڪچي کاڌي واپرائڻ سان صحت کي نقصان رسڻ ۽ رڌ پچاءَ جي رستي تي وڃڻ وغيره. اهڙيءَ ريت جيئن جيئن سماج ترقي پذير ٿيو تيئن تيئن نيون نيون شيون تخليق ٿيون. جن منجهان انسان پنهنجي سور جو علاج به ڪيو ۽ سرور جا نوان نوان دڳ ڳولهي لڌا. گهرائيءَ سان جاچجي ته سور ۽ سرور جي ورهاست ٻن حصن ۾ ڪري سگهجي ٿي هڪ جسماني ۽ ٻيو روحاني يا ان لاءِ ٻيو اصطلاح خيالي ٺهڪي ٿو اچي. مختلف ايجادن منجهان خيال جي ويجهو جيڪا ايجاد هئي اها هئي موسيقي، جنهن ۾ انسان جي مٽجي وڃڻ، موهت ٿي وڃڻ، هيڻو ٿي وڃڻ واري ڪيفيت جي ڪردار هو. پهرين سريلي آواز انسان کي موسيقيءَ ڏانهن راغب ڪيو ۽ پوءِ سوچ ويچار، غور فڪر سان انسان سرور جي حاصلات لاءِ اهي آلاپ جوڙي ورتا، جيڪي اڳ ڪنهن نه ٻڌا نه سُئا، جيڪي اڄ به نون نون اندازن ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پيا. آلاپن جي ڪارج کي چٽو ڪرڻ لاءِ انسان ٻوليءَ جو سهارو ورتو ۽ موسيقيءَ جي پورائي لاءِ شاعريءَ جو رستو ورتو. شاعري جڏهن آلاپن سان ملي ته پنهنجي سرور جو سبب بڻي. ساڳي ئي جاءِ تي سماج اڪيچار مسئلن جو ميدان پڻ آهي جتي ماڻهو پنهنجي وس آهر مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙي ٿو. ان جاکوڙ، ولوڙ يا کڻي چئجي ته سور جو  اظهار به هن آلاپن وسيلي ڪيو جنهن ۾ پڻ شاعري مددگار ثابت ٿي. اهڙيءَ ريت شاعري اسان جي  سماج جو اٽوٽ حصو بڻجي اڄ به اسان سان نڀائيندي پئي اچي.

       سنڌي ادب جي ڇنڊ ڇاڻ مان اسان کي ادب جي ڪا اوائلي تاريخ ڪانه ٿي ملي پر عربن جي دور کان ڳالهه شروع ٿئي ٿي ۽ انگريزن جي دور کان جديديت ۽ جديديت پڄاڻان ۾ فنا ٿي وڃي ٿي. منجهس جائزو وٺڻ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عربن جي دور جو هڪ شعر جيڪو سنڌي جو آهي، ان تي به عالمن جي ڪا پختي راءِ ڪانه ٿي ملي ۽ پوءِ ڳالهه سومرن جي ڳاهن کان شروع ٿئي ٿي ۽ سماجي تبديلين جي ور چڙهندي مختلف دور اورانگهي جديد فڪر سان ڪلهو ڪلهو ۾ ملائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ٿي. عالمي سطح تي پيش ڪرڻ جهڙي شاعري يا کڻي چئجي ته عالمي سطح تي سور ۽ سرور جو تذڪرو ڪندڙن منجهان ڀٽائي ۽ اياز ملن ٿا باقي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ مختلف شاعر اهڙا ملن جيڪي سور ۽ سرور جي ڪيفيت سان نڀائڻ ۾ سرگردان رهيا آهن. منجهن عمر تيوڻو به هڪ آهي جنهن دورِ حاضر جي سور ۽ سرور کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي.

       عمر تيوڻو موجوده دور سان نڀاءُ ڪندي نظم ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. نظم جي فن جي حوالي کان ڪيترن ئي نظمن ۾ پختگيءَ جو ثبوت ڏنو اٿس جنهن جا ڪيئي مثال هن جي ڪتاب “دراوڙ ميرڙو آهيان” ۾ ملن ٿا مثال طور:-

نانگ مرليءَ تي نچي جيئن
تيئن نچي ٿو هي جهان
مست عالم آ سمورو
مست آ هي ڪهڪشان

لهر پويان لهر اٿندي
سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ آ
هي سرشتي جو سفر آ
هُل آ مانڌاڻ آ
نانگ جي ڦڻ ٿي نچي جيئن
تيئن نچي ٿو من سندم
رقص پيرن جو هنر آ
رقص آ هي زندگي
انگ سارا اپسرا جا
۽ بدن جي بيخودي
ڪيف جي لولاڪ آ
وجد ۽ وجدان ۾
آ زمين ۽ آسمانُ
رقص پوري ڪائنات
رقص ۾ سارو جهان.

       فنون لطيفه ۾ ٽن شين جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. پهرين، راڳ، ٻي شاعري ۽ ٽيون آهي رقص. شاعريءَ جي قدامت تي سوچڻ سان معلوم ٿيندو ته لوڪ گيتن کي نچي ڳايو ويندو هو. اهڙا ڪيئي مثال سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو آهن.پر جديديت پڄاڻان شاعريءَ جي فن ۽ ٽئنيڪ ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي ان حساب سان توڙي جو مٿئين آزاد نظم ڳائي نه به سگهجي پر رقص جو پيغام طور سهڻي نموني پيش ڪري سگهجي ٿو.

       نظم فني اعتبار کان هڪ مالها  مثل آهي جنهن جا مڻيا اهڙيءَ طرز سان پويا ويندا آهن جهڙي ريت ساز وڄت جي ڳڻپ هجي. پوءِ ڪو شاعر ان کي ڪلواڙي ۾ ڪمپوز ڪري ٿو ته ڪو ڌاڌري ۾. نظم ۾ سنڌ اندر آزاد نظم پنهنجي الڳ مقام تي پهچي چڪو آهي. ڪيترائي شاعر آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن پر فني اعتبار کان ڪي چند ئي ان جي ساک برڪرار رکي سگهڻ جي سگهه سارينِ ٿا جن منجهان عمر تيوڻو نمايان آهي.

       عمر تيوڻي جي ڪتاب ۾ پيش ڪيل شاعري وائي، غزل، سانيٽ، گيت ۽ گهڻي ڀاڱي نظم تي ٻڌل آهي. شاعر پنهنجي خيال ۾ ڪڏهن به ڪاٿو نه لڳائي سگهي ته ايندڙ سٽ ڪهڙيءَ صنف کي جنم ڏيندي، البت سٽ جي جنم کانپوءِ اهو ڳالهه شاعر تي چٽي ٿي وڃي ٿي ته هيءَ سٽ ڪهڙي صنف لاءِ کيس راهه هموار ڪري ٿي. وائي لفظ ڪن چواڻي ته هندي لفظ واڻي يا ٻاڻي مان نڪتو آهي. ٻين محققن جو خيال آهي ته وائي لفظ پراڪرت لفظ وايا يا سنسڪرت جي لفظ ورت مان نڪتو آهي. اهڙيءَ ريت عربي جي حوالي کان به هڪ روايت ملي ته لفظ وائي عربيءَ جي لفظ واءِ مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳالهه ٻولهه. وائيءَ جو سرموڙ شاعر ڀٽائي سائينءَ کي تسليم ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته نيم ڪلاسيڪي انداز نئين دور پٽاندر اياز ٻيو اهو شاعر آهي جنهن وائيءَ سان بهترين نموني نڀايو آهي. اياز کانسواءِ به ڪيترن ئي شاعرن وائيءَ ۾ پاڻ موکيو آهي جن ۾ عمر جو پورهيو پڻ شامل آهي مثال طور:-

وائي
پوري منهنجي پنڌ تي
آهي هير هڳاءُ
برسيو بادل ڀونءِ تي.
منهنجي من جي ماٺ کي
ڪيڏو چنگ چڙاءُ.
*
نوري تنهنجي نانوَ سان
منهنجو جيءَ جڙاءُ
*

عمر اداسيون ڪر پري
اچڻو آهين آءُ.

       گائڪيءَ جي حوالي کان غزل بنهه منفرد آهي. جنهن ۾ موسيقيت جي ٺهراءَ جو عنصر موجود هوندو آهي. غزل جي تاريخ تي نظر ڪرڻ سان پتو ٿو پوي ته غزل قصيدي مان تشبيب کي جدا ڪري جوڙيو ويو. جيڪو فارس کان ٿيندي هند ۽ سنڌ تائين پهتو ۽ سهڻي نموني اپنايو ويو. غزل لفظ   معنوي اعتبار کان فيرواللغات ۾ عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ کي چيو ٿو وڃي. غزل نج عروضي صنف آهي. پيش آهي عمر جو غزل:-

غزل
حادثن ۾ سلسلو رهندو اچي.
زندگيءَ ۾ حوصلو رهندو اچي.
مرحبا تنهنجو ملڻ اي جانِ من،
واس جيئن هي واسطو رهندو اچي.
سونهن جي سهڻن ڪتابن ۾ سدا،
نانءُ منهنجو صاحبو رهندو اچي.
ماٿريون رنگين ساڳيون حسن جون،
عشق پنهنجو عاشقو رهندو اچي.
ٿو ٽهوڪيان مور وانگي دوستو،
ماڳ منهنجو ڪاسبو رهندو اچي.

       شاعريءَ ۾ اظهار جا انيڪ روپ اختيار ڪري سگهجن ٿا. مختلف صنفن ۾ لکي سگهجي ٿو. عمر پنهنجي اظهار سانيٽ ۾ پڻ ڪيو آهي. سانيٽ جي وصف کي جيڪڏهن جاچبو ته پتو پوندي ته مغربي شاعريءَ جو هڪ قسم جنهن جي جڙت چوڏهن سٽي آهي. هي صنف پهرين اٽليءَ ۾ موجود هئي، جيڪا اتان انگريزيءَ ۾ هجرت ڪري پهتي جتي ٿلهي ليکي اپنائي وئي. سنڌيءَ ۾ هن صنف جو پهريون ليکاري نارايڻ شيام آهي. نارايڻ شيام جو سانيٽ ڏسو:-

سانيٽ (نارايڻ شيام)
فرصت غنيمت
گلن جو ٻارو، صراحي به وچ ۾ آهه رکي،
اڪيلي سر ئي پيئان جي نه آهي هم صحبت
ٻيو هجي ڪين ڏيان چنڊ کي ئي ٿو دعوت
اهو ۽ مان ۽ سندم پاڇو-ٽن جي محفل ٿي.
وجود پاڇي جو ڪهڙو، وٺي نه چنڊ چُڪي،
مگر وڃائجي ڪهڙي طرح هٿان فرصت؟
پيو پيو هلي، هلندو بهار ڳچ، مدت
ڏنائون جهڙي به صحبت اها قبول ڪبي
فلڪ تان نئڙي ٻڌي چنڊ جيئن، کلان ڳايان،
نچان ته پاڻهي مون ساڻ نچي پاڇو
ايئن انهن سان پيئڻ وقت پاڻ وندرايان
پيئڻ کانپوءِ سڀن جو جدا جدا رستو
۽ سپن-لوڪ ۾ گڏجون وڃي وري جيسين
آننت-شانت ۾ بس ٽي ئي گم رهون تيسين.

سانيٽ اطالوي ٻوليءَ جي لفظ “سُنيٽو” مان ورتو ويو آهي. جنهن جي لغوي معنيٰ ٿئي ٿي ننڍو راڳ. هن صنف ۾ خارجي حالتن جي ابتڙ داخلي ڪيفيتن کي اوليت ڏني ويندي آهي ۽ تصور جي چٽسالي ڪئي ويندي آهي. سانيٽ سان به عمر سهڻو نڀايو آهي:-

سانيٽ
ملون ٿا ملڻ جي مسرت به ڪهڙي

چوڻ ۾ ته منهنجي تون محبوب آهين
سڀن کان تون اوچِي قسم سان چوان ٿو
۽ پنهنجو مان توکي جڙيل اڌ مڃان ٿو
مڃان ٿو ته خوبيءَ ۾ تون خوب آهين

سُمرتيون سموريون لکي مون ڇڏيون هن
اهي ساريون سنهڙي! پڙهي جي سگهين تون
اهي ساريون مونکان وٺي جي سگهين تون
اهي ڳوٺ تنهنجي ڪنڌيءَ تي لکيون هن

جڏهن سک جو صبح ٿيندو عوامي
ها  ملبو جڏهن مور پنهنجا نه مرندا
ها کِلبو جڏهن هرڻ پنهنجا به ڪسندا
جڏهن   سنڌُ پنهنجي نه ڏسندي غلامي

غلاميءَ ۾ سهڻي محبت به ڪهڙي.

       شاعر پنهنجي تحت الشعور جي مدد سان اظهار جا نوان نوان دڳ ڳولهي لهي ٿو. تجربن مان گذري گيت به عروج تي رسيو آهي. گيت جو ڪو ٺهيو ٺڪيو سٽاءُ نه آهي. گيت جي جڙت شاعر جي پنهنجي مرضيءَ تي هوندي آهي. سٽاءُ، موسيقيت ۽ گائڪيءَ ۾ پوري لهڻ واري انداز سان شاعر پنهنجي من آڌار گيت چوندي عام توڙي خاص کي جهومايو ڇڏي. گيت جي تاريخ تي نظر ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته گيت ئي شاعري جي اوائلي صنف آهي جيڪا موسيقيءَ سان گڏ وڌي وڻ ٿي آهي.

       ايئن ئي عمر جي سڄي شاعري گوهرِ ناياب سان ڀري پيئي آهي. شاعري سماج جي سور ۽ سرور جي ٻولن جو   تذڪرو هوندي آهي. جنهن منجهان هر فرد پنهنجي پنهنجي حصي جو سور به ساري ٿو ته سرورُ به ميڙي ٿو. عمر تيوڻي جي نئين آيل ڪتاب “دراوڙ ميرڙو آهيان”  ۾ عمر هڪ پختي شاعر هجڻ جو ڏيک ڏنو آهي. اميد ته اڳيان به ايئن ئي لکي سور ۽ سرور جو فهم پنهنجي شاعريءَ ذريعي عام توڙي خاص تائين پهچائيندو رهندو.

                                                                                                                                                                                                                                                       

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment