شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

خلاصہ قرآن - چوڏهون سيپارو - ربما


صبح 05 لڳي 56 منٽ -جمعو 08 مئي 2020  522 
image-1

چوڏهون سيپارو سوره حجر ۽ سوره النحل تي مشتمل آهي.


سوره حجر


سوره حجر مڪي آهي ۽ هن ۾ 99 آيتون آهن. هن سورت ۾ ڪفار مڪه جي مجموعي رويي جو ذڪر آهي ته اهي قرآن مجيد جي منزل من اللہ هجڻ تي شڪ ڪندا هئا ۽ نبي صلي الله عليه وسلم جن کي نعوذ باللہ مجنون چوندا هئا ۽ کائنس مطالبو ڪندا هئا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته پوءِ تو سان گڏ فرشتا ڇو نه ٿااچن (جيڪي اسان کي يقين ڏيارين ته تون الله جو رسول آهين). نبي صلي الله عليه وسلم کي چيو ويو آهي ته توهان انهن کي ڇڏي ڏيو ڀلي پيا موجون ڪن پر جڏهن پڪڙ جو ٽائيم ايندو ته لمحو اڳتي ٿيندو نه پٺتي ۽ اسان فرشتا تڏهن نازل ڪندا آهيون جڏهن ڪنهن قوم کي ڏنل مهلت ختم ٿي ويندي آهي. توهان کان اڳ به رسولن سان اهو سلوڪ ٿي چڪو آهي. هي قرآن اسان نازل ڪيو آهي ۽ اسان ئي ان جي حفاظت ڪنداسين. اڳتي الله سائين پنهنجي قدرت جو اظهار ڪيو آهي ته اسان آسمان کي تارن سان سينگاريو، زمين کي پکيڙيو، ان ۾ جبل کوڙيا ۽ مناسب مقدار ۾ اناج اپايا. زمين ۾ توهان جي ۽ ٻين ڪيترين ئي مخلوقن لاءِ سامان زندگي مهيا ڪيو، اسان وٽ هر شيء جا خزانا آهن پر ان کي معين مقدار ۾ ئي لاهيندا آهيون، پاڻيءَ ڀريل ڪڪر به اسان ئي موڪليون ٿا، اسان ئي زندگي ۽ موت ڏيندڙ آهيون.
انسان کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان ۽ ان کان پهريون جنن کي باھ مان پيدا ڪرڻ جو ذڪر آهي. شيطان جي ان هٺ ڌرمي جو ذڪر آهي ته آدم عليه السلام کي سجدي کان انڪار ڪيائين ڇو جو باھ جي تخليق هجڻ ڪري پاڻ کي آدم عليه السلام کان بهتر سمجهي پيو، الله به کيس سندس تڪبر جي ڪري پنهنجي درٻار مان تڙي ڪڍيو. ابليس مهلت گهري ته الله سائين چيس ته توکي قيامت تائين مهلت آهي پر تنهن جي چئي ۾ منهنجا مخلص ٻانها نه ايندا. ۽ جيڪي تنهنجي چئي ۾ ايندا انهن لاءِ جهنم آهي جنهن ۾ ست دروازا هوندا. متقين لاءِ وري جنت آهي.

ابراهيم ۽ لوط عليهما السلام جو ذڪر آهي ته فرشتا لوط عليه السلام کي سندس قوم مٿان ايندڙ عذاب کان باخبر ڪرڻ کان پهريون ابراهيم عليه السلام وٽان ٿيندا آيا ۽ کيس پوڙهائپ ۾ عالم اولاد عطا ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائيندا آيا. ايڪه وارن (يعني قوم شعيب) ۽ حجر وارن (يعني قوم ثمود) جو انتهائي اختصار سان ذڪر آهي ته اهي نافرماني جي ڪري هلاڪ ٿيا ۽ سندن آثار محفوظ آهن. نبي صلي الله عليه وسلم جن کي فرمايو ويو آهي ته اسان توهان کي هي عظيم ڪتاب ڏنو آهي تنهن ڪري توهان معترضين جي اعتراض جي پرواہ ڪرڻ کان بغير الله جو پيغام پهچايو، اسان کي خبر آهي ته سندن ڳالهين جي ڪري توهان جي سيني ۾ سوڙھ ٿئي ٿي ته پوءِ توهان پنهنجي رب جي تسبيح بيان ڪيو، سجدو ڪيو ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪندا رهو تان جو توهان کي يقين (موت) اچي وڃي.


سوره النحل


سوره النحل مڪي آهي (سواءِ آخري ٽن آيتن جي-جلالين) ۽ هن ۾ 128 آيتون آهن.
هي سورت عمومي طرح سان ڪافرن جي ان سوال جي جواب ۾ نازل ٿي جنهن ۾ هو نبي صلي الله عليه وسلم ۽ مسلمانن کان پڇندا هئا ته ڪٿي آهي اهو عذاب جنهن جو هر وقت توهان ذڪر ڪيو ٿا يا ڪٿي آهي الله جي اها مدد جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو آهي ته الله جواب ۾ پهرين ئي آيت ۾ کين چئي ٿو ته الله جو امر اچي چڪو آهي لھذا تڪڙ نه ڪيو. جنهن کان پوءِ الله سائين پنهنجي وجود ڏانهن اشارو ڪندڙ نشانين کي بيان ڪيو آهي، اهي نشانيون سورت ۾ مختلف جڳهن تي مختلف پيرائين ۾ بيان ٿيل آهن، اسان انهن کي هڪ جڳھ تي گڏ ڪيو آهي.
الله جي وجود جون نشانيون جيڪي هن سورت ۾ بيان ٿيل آهن:

انسان جو نطفي مان پيدا ٿيڻ، جانورن کي پيدا ڪرڻ جنهن مان انسان سواريءَ ۽ باربرداري جو ڪم وٺن ٿا خاص طور تي گهوڙي، خچر ۽ گڏھ جو ذڪر ڪري ٻڌائڻ ته اهي توهان لاءِ سواريءَ جو ذريعو به آهن ته زيب وزينت جو به، ۽ الله سائين اهڙيون ٻيون شيون به پيدا ڪندو جن جي توهان کي ڄاڻ نه آهي (ڄڻ ته 14 سو سال پهريان الله سائين ٻڌائي ڇڏيو ته سواريءَ جا ٻيا به ذريعا پيدا ٿيندا ۽ ائين ئي ٿيو اڄ نقل و حرڪت جا جديد ذريعا ان ڳالھ تي گواه آهن)، آسمان مان پاڻي نازل ڪرڻ جيڪو پيئڻ جي ڪم اچي ٿو ته پوک جي به، زمين مان جيڪي فصل ۽ ميوات حاصل ٿئي ٿو اهو مختلف رنگ جو هوندو آهي يعني زمين ساڳي پر ان جي اپت رنگ برنگي، سمنڊ پيدا ڪيائين جن مان کائڻ لاءِ تر گوشت يعني مڇي، پھرڻ لاءِ قيمتي پٿر ۽ موتي حاصل ٿين ٿا ۽ انهن ئي سمنڊن ۾ جهاز هلن ٿا، زمين کي ڌڏڻ کان بچائڻ لاءِ ان ۾ جبل کوڙيائين، نديون ۽ ان ۾ رستا ٺاهيائين، ستارن ۽ ٻين شين کي توهان لاءِ رستو لهڻ (Navigation) جو ذريعو بڻايائين، ماده جانورن جي پيٽ مان ڇيڻي ۽ رت جي وچ مان ٺهندڙ خالص ۽ لذيذ کير توهان کي پيئاري ٿو، کجين ۽ انگورن مان هڪ پاسي شراب ٺهي ٿو جيڪو نشي جي ڪم اچي ٿو ته ٻي پاسي انهن مان پاڪ رزق به حاصل ٿئي ٿو، ماکيء جي مک جي دل ۾ ڪيئن وجهي ٿو ته جبلن، وڻن ۽ ماڙين ۾ مانارو ٺاهي ۽ ھر قسم جي ميون مان رس چوسي الله جي الهام ڪيل رستن تان گذري واپس ماناري تي اچي ٿي ۽ پوءِ اهو چوسيل رس پيٽ مان ماکيء جي شڪل ۾ ڪڍي ٿي جيڪا مختلف رنگن جي ٿئي ٿي ۽ ماڻهن لاءِ ان ۾ شفاء آهي، ڪيئن نه هو توهان کي پيدا ڪري ٿو ۽ موت ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن کي ايڏي ڊگهي ڄمار ڏئي ٿو جو آخري عمر ۾ هر شي وسري وڃينس ٿي، ڪيئن نه توهان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ۽ انهن مان وري پٽ ۽ پوٽا عطا ڪري ٿو، توهان کي پاڪ رزق عطا ڪيا اٿائين، ڪيئن نه توهان کي مائرن جي پيٽن مان ڪڍي ٿو ته ان وقت توهان کي ڪو شعور نه هوندو آهي پر هن توهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دل پيدا ڪئي هوندي آهي (جن سان توهان ڄاڻ حاصل ڪري شعوري دنيا ۾ داخل ٿيندا آهيو)، پکين کي ڏسو ته ڪيئن نه فضا ۾ اڏامن ٿا کين ڪرڻ کان الله کان سواءِ ڪير روڪي ٿو، ڪيئن نه توهان جي گهرن کي توهان لاءِ آرام ۽ سڪون جي جڳھ بڻايائين (ان ڪري ئي گهر کان پري رهڻ ڪريHome sickness جي بيماري پيدا ٿئي ٿي)، جانورن جي کلن مان توهان کي گهر (خيما) ٺاهڻ سيکاريائين جن کي سفر ۽ حضر ۾ کڻڻ توهان کي سولو لڳي ٿو، ۽ جانورن جي اُن ۽ وارن مان به ضرورت جون شيون ٺاهڻ سيکاريائين، توهان لاءِ ڇانو پيدا ڪيائين، جبلن ۾ غارون ٺاهيائين ۽ توهان لاءِ اهڙا لباس ٺاهيائين جيڪي توهان کي گرمي کان بچائن ٿا ۽ اهڙا لباس جيڪي توهان کي جنگ وقت ڪم اچن ٿا. پوءِ ڇا اهڙي الله کي ڇڏي ماڻهو انهن کي پوڄين ٿا جن ڪجھ نه خلقيو آهي بلڪ پاڻ مخلوق آهن، زنده به نه آهن بلڪ مُردہ آهن ۽ کين اها به خبر نه آهي ته ٻيهر ڪڏهن جيئرا ٿيندا.
مشرڪن جي ان روش جو به ذڪر آهي ته پنهنجي لاءِ ڌيءَ جي اولاد پسند نه ڪندا ھئا ۽ الله ڏي ڌيئرن کي منسوب ڪندا هئا يعني چوندا ھئا ته فرشتا الله جون ڌيئرون آهن.
وچ وچ ۾ الله جي قدرت جو بيان، سندس اڪيلو خدا هجڻ جو ذڪر، ڪافرن جي لاءِ عذاب ۽ مؤمنن لاءِ اجر جو ذڪر، نبي صلي الله عليه وسلم جن جي رسالت جو بيان آهي.
الله سائين امر ڪري ٿو عدل ۽ احسان ڪرڻ جو، مٽن مائٽن جا حق ادا ڪرڻ جو ۽ روڪي ٿو بي حيائيء، برائيء ۽ ڪنهن سان زيادتي ڪرڻ کان.
جيڪو به نيڪ عمل ڪندو چاهي مرد هجي يا عورت ته اسان کيس پاڪ زندگي ۽ سٺن عملن جو اجر ڏينداسين. (هن آيت ۾ اعمال ۽ انهن جي اجوري جي اعتبار سان صنفي برابري جي طرف اشارو آهي).
جيڪي شيون توهان جي لاءِ حلال يا حرام آهن اهي الله سائين ٻڌائي ڇڏيون آهن لھذا توهان پنهنجي طرفان شين کي حلال يا حرام نه قرار ڏيو.
سورت جي آخر ۾ الله سائين نبي سائين جن کي حڪم ڪري ٿو ته پنهنجي رب جي رستي ڏانهن ماڻهن کي حڪمت ۽ سٺي نصيحت سان دعوت ڏي. 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment