شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

خلاصہ قرآن - ڏهون سيپارو - واعلموا


صبح 05 لڳي 19 منٽ -سومر 04 مئي 2020  473 
image-1

ڏهون سيپارو سوره أنفال جي بقايا 35 ۽ سوره توبہ جي 93 آيتن تي مشتمل آهي. سيپاري جي شروعات ۾ مال غنيمت جا احڪام بيان ڪيا ويا آهن. غزوه بدر جي حوالي سان ٻڌايل آهي ته ڪيئن نه الله سائين توهان جي مدد ڪئي جو هڪ وڏي لشڪر جي مقابلي ۾ توهان کي فتح نصيب ڪيائين، سندن وڏي تعداد کي توهان جي نظرن ۾ گهٽ ڪري ڏيکاريائين ۽ توهان جي گهٽ تعداد هنن جي نظر ۾ وڌائي ڏيکاريائين (يعني مسلمانن جو جذبو ايترو بلند هو جو پاڻ کان ٽيڻ تي لشڪر کان ڪو خوف نه هين جڏهن ته مڪي وارا وري ايترا ڊنل هيا جو مسلمانن جو گهٽ تعداد پاڻ کان وڌيڪ لڳي رهيو هئن). مسلمانن کي الله سائين هدايت ڪري ٿو ته جڏهن ڪنهن دشمن سان مقابلي ۾ اچو ته ثابت قدم رهو، الله کي ياد ڪيو، ان جي ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪيو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو نه ته ڪمزور ٿي ويندو ۽ توهان جو رعب ختم ٿي ويندو. الله سائين ڪنھن قوم کي ڏنل نعمت نه کسيندو آهي جيسيتائين اها قوم پاڻ اهڙا ڪم نه ڪرڻ شروع ڪري ڏي جيڪي زوال نعمت جو سبب بڻجن ٿا. دشمن سان مقابلي لاءِ دنياوي ساز و سامان مهيا ڪري رکو ۽ ڪير صلح لاءِ آماده آهي ته توهان به صلح طرف وڌو. سورت جي آخر ۾ مهاجرين ۽ أنصار جي تعلق ۽ ان سان جڙيل وراثت جا حڪم بيان ڪيا ويا آهن.

سوره توبہ

هن کي سوره براءه به چئبو آهي. هيءمدني سورت آهي ۽ 129 آيتن تي مشتمل آهي. سورت جو گهڻو حصو مڪي وارن طرفان ساڻن ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ سن 9 هجريءَ ۾  شام جيعيسائين سان لڳل جنگ تبوڪ جي باري ۾ آهي. نبي سائين جن جي حيات مبارڪه کي ڏسجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته مديني ڏانهن ھجرت ڪرڻ کان پوءِ ڪو سال اهڙو نه هيو جنهن ۾ ڪفار مڪه يا ٻين قومن سان ننڍي يا وڏي پئماني تي جنگ نه ٿي هجي، ان دوران ڪيئي معاهدا به ٿيا جن مان ڪجھ جي خلاف ورزي ٿي ۽ مسلمانن کي هر طرح سان تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هي سورت اهڙي پر آشوب دور ۾ نازل ٿي ان ڪري ان ۾ ڪجھ سخت قسم جا جملا استعمال ٿيل آهن. نبي سائين جن اصلا صلح پسند هئا ۽ جنگ ڪرڻ کي پسند نه ڪندا هئا، اڪثر جنگيون دفاع ۾ وڙهيا يا وري ڪنهن امن معاهدي جي اڳين فريق جي طرفان خلاف ورزي جي صورت ۾ کين هٿيار کڻڻو پوندو هو، معاهدي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ به فورن هٿيار نه کڻندا هئا بلڪ اڳين فريق کي مڪمل موقعو ڏيندا هئا. هن سورت ۾ به چيو ويو آهي ته معاهدي جي خلاف ورزي جي صورت ۾ مخالف ڌر کي 4 مهينن جي مهلت ڏيو، ۽ مشرڪن مان ڪير پناه گهري ته کيس پناه ڏيو تان ته هو الله جو ڪلام ٻڌي ۽ پوءِ کيس سلامتيءَ واري جاءِ تائين پهچايو. جيڪڏهن هو توبہ ڪن، نماز قائم ڪن ۽ زڪات ڏين ته پوءِ اهي توهان جا ديني ڀائر آهن.

حاجين کي پاڻي پياريندڙ، مسجد حرام جي تعمير ۽ ان جو نظم ونسق سنڀاليندڙ ان وانگر نه ٿو ٿي سگهي جيڪو الله ۽ آخرت تي ايمان رکندڙ هجي ۽ الله جي راه ۾ جدوجهد ڪندڙ ھجي. هوازن قبيلي سان سن 8 هجريءَ ۾ لڳل جنگ حنين جو تذڪرو آهي ته ڪيئن نه الله سائين ان ۾ توهان جي نظر نه ايندڙ لشڪرن ذريعي مدد ڪئي. ڪجھ ماڻهو آهن جيڪي ماڻهن جا مال ناجائز هڙپ ڪن ٿا، ماڻهن کي الله جي راه کان روڪين ٿا، سون ۽ چاندي جا ڍير گڏ ڪن ٿا ۽ الله جي راه ۾ خرچ نه ٿا ڪن ته کين ٻڌاء ته قيامت جي ڏينهن اهو سون ۽ چاندي گرم ڪري ان سان سندن پيشانين، پاسن ۽ پٺن کي ڏنڀ ڏنا ويندا ۽ چيو ويندو ته ھي اٿو جيڪو توهان پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو هو. مديني ڏانهن هجرت جي دوران نبي صلي الله عليه وسلم جن جو غار ثور ۾ ترسڻ ۽ اتي الله جي مدد پهچڻ جو ذڪر آهي . مصارف زڪات ٻڌايا ويا آهن  (آيت نمبر 60)  منافقن جون نشانيون ٻڌايون ويون آهن ته اهي برائي جو حڪم ڏيندا آهن، نيڪيء کان جهليندا آهن، پنهنجا هٿ خير جي ڪمن کان روڪي رکن ٿا ۽ الله کي وسارين ٿا. انهن جي مقابلي ۾ مؤمن آهن جيڪي نيڪي جو حڪم ڏين ٿا، برائيء کان روڪين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، زڪات ڏين ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪن ٿا. سيپاري جو آخري ڏيڍ رڪوع غزوه تبوڪ جي باري ۾ آهي جيڪو يارهين سيپاري ۾ به جاري آهي ۽ سورت جي اختتام تائين هلي ٿو، ان ڪري ان جو احوال يارهين سيپاري ۾ ان شاء الله.


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment