شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌ جي فڪري سجاڳي


شام 05 لڳي 47 منٽ -جمعو 01 مئي 2020  264 
image-1



سائين جي ايم سيد کي صحيح طرح سمجهندو ته جويو صاحب ۽ سائين جي ايم سيد لازم ملزوم آهن ۽ انهن ٻنهي جي فڪر ۾ تمام گهرائپ آهي. سائين جويي صاحب جو جنهن اسڪول آف ٿاٽ سان تعلق رهيو اهو فرينچ انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مذهب کي رياست کان ڌار ڪيو ويو ۽ قوم رياست / قومي رياستن جو واضح تصور اڀري آيو.

جويو صاحب مارڪس ۽ لئينسٽ به رهيو پر 16 هين صدي کان 18 هين صدي تائين جي فڪري تحريڪن ۾ يورپ ۾ نئين جاڳرتا جي تحريڪ جيڪا مذهبي انتهاپسندي جاگيرداريءَ خلاف ويڙهه هئي ان کان متاثر هو. سائين جويو صاحب ڊائلڪٽيڪل مٽيريل ازم( ماديت پسند ) جو ماڻهو هو. ڊائليڪٽيڪل مٽيريل ازم جو جيڪو بنيادي خاڪو آهي ” رليجن از د اوپينين آف ماسس“ هو، انهي کي ويجهو رکي ٿو. پاڪستان ۾ ليفٽسٽ ۽ نيشنلسٽ عملي سياست جي شروعات سائين جي ايم سيد ڪئي. پاڪستان ۾ عملي طور رجعت پسندي کي قومي نعري سان چئلنج ڪرڻ وارو پهريون ماڻهو سائين جي ايم سيد هو جيڪو مذهب شناس هو، مذهب پرست نه هو.

سائين جي ايم سيد هيومن سوشلسٽ هو جنهن ۾ انسانيت شرافت بنيادي عنصر آهن. سائين جي ايم سيد ڪنهن به مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي غلامي قبول نه ڪئي. سائين جي ايم سيد جو جيڪو تاريخي نظريو آهي، اهو ائڊورڊ گبن جو آهي. ائڊورڊ گبن ۽ ٿامس ڪارلائل چوي ٿو ”هسٽري از نٿنگ بٽ بائيو گرافي آف گريٽ مين.“ سائين جي ايم سيد شعوري يا لاشعوري طور تي ”د ڊڪلائين اينڊ فال آف رومن امپائير“ کان گهڻو متاثر رهيو. سائين جي ايم سيد موجب سنڌ جي تاريخ جي شروع کان وٺي غلط تشريح ڪئي وئي آهي. سائين جي ايم سيد ۽ سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جي جديد تاريخ کي قلم بند ڪيو آهي. 100 کان مٿي ڪتابن جو جديد تاريخ تي انبوه آهي.

1989 ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سائين جي ايم سيد تي ڪيس داخل ڪرايو، جنهن جي جواب ۾ سائين جويي صاحب جي صلاح کانپوءِ ڪورٽ لاءِ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جواب ڏنو ويو. هي ريجوائينڊر آهي جيڪو ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو. ڪورٽ ۾ حاضري واري ڏينهن ۾ جج صاحب عدالت سڳوري مان اٿي ويو. دنيا ۾ جيڪي مقدما ملن ٿا ۽ پڙهڻ لاءِ ميسر آهن، انهن ۾ سقراط جو مقدمو آهي. مذهب جي مخالفت ڪرڻ ۽ ان وقت جي ديوتائن جي مخالفت ڪرڻ.

سائين جي ايم سيد تي به ساڳيا الزام هئا ته هي نوجوانن کي گمراه ڪري ٿو. جناح ديوتا هو، سائين جي ايم سيد سقراط هو. سائين جي ايم سيد ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ“ خود شناسي مطلب پنهنجو پاڻ سڃاتو ته اوهان سنڌ کي سڃاتو جو ذڪر بار بار ورجايو. سائين جي ايم سيد سنڌ جو فريڊم فائيٽر رهيو. سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جي حوالي سان پاڻ سان ٿيل ويساهه گهاتين تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اها ئي سچائي کيس ٻين مسلم ليگي اڳواڻن کان ممتاز ڪري ٿي. جنهن ڪري ان پاڪستاني رياست ۾ 28 سالن کان مٿي جيلن ۽ نظر بندين ۾ گذاري.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment