شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

عرفان خان- موت جي موسم ۾ ڇڻيل گل


شام 07 لڳي 28 منٽ -اربع 29 اپريل 2020  378 
image-1

 

2020ع سال ڌرتيءَ جي هن گولي تي رهندڙ انسان ذات لاءِ عجيب ڪرڀ، غم، ڏک ۽ تڪليفن وارو سال ثابت ٿي رهيو آهي، ڪورونا جي صورت ۾ موت جو راڪاس ڌرتي مٿان بي خوف ۽ خطر رقص ڪري رهيو آهي، هر ماڻهو ڊپ واري ڪيفيت ۾ پاڻ بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر پيو اچي. اهڙي حالت ۾ جتي هر روز هزارين ماڻهن جي موت جون خبرون ٽي وي چينلن جي هر نيوز بليٽن جي شروعاتي خبر آهن، ان هوندي به عرفان خان جو موت هڪ صدمي واري ڪيفيت کان گهٽ ناهي.

عرفان خان پنهنجي زندگيءَ جو آخري انٽرويو ”ممبئي مرر“ اخبار کي ڏنو هو، جنهن ۾ سندس بيماريءَ کان پوءِ واري وقت لاءِ هن ڪجهه هن ريت چيو هو ته ”مون لاءِ هي دور رولر ڪوسٽر جي سواري وانگر هو، جنهن ۾ ڪجهه رناسين ۽ گهڻو کلياسين، ان دوران آئون هڪ خوفناڪ بي چيني مان گذرندو رهيو آهيان، پر مون ان کي قابو ڪري ورتو، مون پنهنجي پيارن لاءِ زندگي گذاري، سڀ کان سٺو وقت اهو هيو جو مون پنهنجي پٽن سان گڏ گذاريو.“  

2017ع ۾ جڏهن سندس فلم ”هندي ميڊيم“ ريليز ٿي جنهن ۾ ساڻس گڏ پاڪستاني اداڪاره صبا قمر ليڊ رول ڪيو هو، ان فلم جي ڪهاڻي توڙي عرفان جي اداڪاريءَ کي تمام گهڻو ساراهيو ويو هو. ان فلم جي ڪاميابيءَ کي ڏسندي ئي ان فلم جي سيڪوئل طور 2018ع ۾ ”انگلش ميڊيم“ نالي سان فلم شروع ڪئي وئي، جنهن دوران عرفان خان کي ڪينسر جي تشخيص ٿي. شروع ۾ سندس بيماري جي حوالي سان ڪافي ڳالهيون ٿيون، بيماري دوران عرفان خان جنهن ڪرڀ ۽ تڪليف کي ڀوڳيو، ايتري قدر جو جڏهن کيس احساس ٿيڻ لڳو ته شايد هاڻي هو زندهه رهي نه سگهندو ته هن پنهنجي دوستن ۽ مداحن لاءِ هڪ خط لکيو، جنهن ڪافي مقبوليت ماڻي، جنهن ۾ هن لکيو هو ته ”مون ۾ جنهن بيماري جي چڪاس ٿي آهي، تنهن جو نالو مون لاءِ بلڪل نئون آهي، شايد آئون ان بيماريءَ جي شڪار ٿيندڙ ڪجهه ماڻهن مان آهيان، آئون هڪ الڳ ئي دنيا ۾ هئس، تيز رفتار ٽرين جي سواري ڪري رهيو هئس. ڪيترن ئي خوابن، اميدن ۽ منصوبن سان گڏ، اوچتو منهنجي ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو، مون ڪنڌ ورائي ڏٺو، اهو ٽڪيٽ چيڪر هو، چيائين تنهنجي منزل اچڻ واري آهي، مهرباني ڪري لهي وڃ! آئون پريشان ٿي ويس، چيم نه نه! منهنجي منزل اڃان ناهي آئي. بس ائين ئي ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن!“ ان خط ۾ هن پنهجي مداحن جي دعائن جي حوالي سان به لکيو ته کيس جسماني طور انهن دعائن جو اثر محسوس ٿئي ٿو.

عرفان خان جي شاندار اداڪاريءَ جا ساراهه ڪندڙ باليوڊ ليجنڊ اميتاڀ بچن کان وٺي سڀ اداڪار هئا، پر سندس عوامي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هو بيماريءَ جي بستري تي هو ته سندس لکين مداح ان جي صحتيابيءَ لاءِ عبادتون ڪندي دعائون گهرندا هئا ۽ جيئن ئي سندس وفات جي خبر آئي ته سوشل ميڊيا تي سڄي دنيا مان کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو ائين غم زنده نظر آيا جيئن ڪو سندن ويجهو عزيز فوت ٿي ويو هجي.

عرفان خان 7 جنوري 1967ع تي راجستان رياست جي شهر جئپور ۾ پيدا ٿيو، اداڪاريءَ جي سفر جي شروعات ٽي وي ڊرامن کان ڪيائين، مختلف چينلز جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪيائين، دور درشن جي ٽيلي سيريز ”لال گهاس پر نيلي گهوڙي“ ۾ ڪامريڊ لينن جو ڪردار ادا ڪيائين. هڪ ٻئي ڊرامي ”ڪهڪشان“ انڊيا جي مارڪسٽ انقلابي شاعر مخدوم محي الدين جو ڪردار ادا ڪيائين. فلمن جي شروعات 1988ع ۾ ميرا نيئر جي فلم ”سلام بمبئي“ کان ڪيائين، جنهن ۾ سندس ڪردار مختصر هو. ان کان پوءِ هن جي ٻي فلم آرٽ مووي ”ڪملا ڪي موت“ هئي جيڪا 1989ع ۾ ريليز ٿي، ان سان سندس فلمي ڪيريئر جي باقاعده شروعات ٿي، ان ئي سال سندس هڪ ٻي فلم ”جزيري“ به ريليز ٿي، سن 1990ع کان 2000ع تائين سندس قابل ذڪر فلمن ۾ ”درشتي“ ”ايڪ ڊاڪٽر ڪي موت“ ”مجهه سي دوستي ڪروگي“ ”ڪرامتي ڪوٽ“ ”دي ڪلائوڊ ڊور“ ”بڙا دن“ ”دي گول“ ”گهات“ شامل آهن. پر ان عرصي ۾ جيئن ته انڊين سئنيما تي ڪجهه مخصوص اداڪارن جي  رومانٽڪ ايڪشن فلمن جو دور هو، ان ڪري عرفان خان کي بهترين اداڪاري جي باوجود به اها پذيرائي نه ملي سگهي.

 2001ع ۾ ”قصور“ ۽ ”دي واريئر“ نالي فلمون ريليز ٿيس، 2002ع ۾ سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻي ”ڪالي شلوار“ تي ان ئي نالي سان ٺهيل فلم ۾ ڪم ڪيائين. 2003ع سندس فلمي ڪيريئر جو اهم سال هو، هن سال سندس بهترين فلمن ۾ شمار ٿيندڙ فلمون ”حاصل“ جنهن تي کيس بهترين منفي ڪردار جو فلم فيئر ايوارڊ مليو.”مقبول“ ”فوٽ پاٿ“ ”ڌنڌ” ”باءِ پاس“ ريليز ٿيون. ان کان پوءِ هر سال سندس 4 کان 5 فلمون ريليز ٿيڻ لڳيون، جن مان هر فلم ۾ سندس اداڪاري جي ساراهه ضرور ٿيندي هئي ۽ پنهنجي ڊائيلاگ ڊليوري، چهري جي تاثرات، پرڪشش اکين جي ڪري هي اداڪار وڏن اداڪارن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. سندس ٻين اهم هندي فلمن ۾ ”آن مين ايٽ ورڪ“ ”چاڪليٽ“ ”روگ“ ”چهرا“ ”دي ڪلر“ ”لائيف ان اي ميٽرو“ جنهن جي اداڪاري تي کيس بهترين معاون اداڪار جو فلم فيئر ايوارڊ مليو. ”اپنا آسمان“ دي دارجيلنگ لميٽڊ“ ”پارٽيشن“ ”تلسي“ ”ممبئي ميري جان“ ”دل ڪبڊي“ ”ڪريزي 4“ ”بليو“ ”نيو يارڪ“ ”حس“ ”يي سالي زندگي“ ”لنچ باڪس“ ”غنڊي“ ”حيدر“ ”پان سنگهه تومار“ جنهن تي کيس بهترين اداڪار جو نيشنل فلم ايوارڊ ۽ فلم ڪرٽڪ ايوارڊ مليو”قصه“ ”پيڪو“ ”تلوار“ ”جذبه“ ”مداري“ ”هندي ميڊيم“ جنهن تي کيس بهترين اداڪار جو فلم فيئر ايوارڊ مليو ”قريب قريب سنگل“ ”بليڪ ميل“ ”پزل“ ”ڪاروان“ ۽ ”انگلش ميڊيم“ شامل آهن. سندس انگريزي فلمن ۾ ”اي مائٽي هارٽ“ ”دي نيم سيڪ“ ”سلم ڊاگ ملينيئر“ ”لائيف آف پاءِ“ جراسڪ ورلڊ“ ”انفيرنو“ شامل آهن.

هنن مان ڪافي فلمون اهڙيون آهن جن کي عرفان خان جا مداح توڙي سنجيده فلم بين ڪڏهن به وساري نه سگهندا، جن ۾ ”سلم ڊاگ ملينيئر“ ”لائيف آف پاءِ“”انفيرنو“ ”لنچ باڪس“ ”مداري“ ”ڪاروان“ ”انگلش ميڊيم“ ”هندي ميڊيم“ ”پان سنگهه تومار“ ”پيڪو“ ”حيدر“ خاص طور قابل ذڪر آهن. عرفان خان پنهنجي زندگيءَ ۾ سنجيده، مزاحيه، هيرو، ولين سميت هر طرح جا ڪردار ادا ڪيا. 2011ع ۾ سندس فلمي خدمتن تي کيس انڊيا جو وڏو سويلين ايوارڊ پدم شري پڻ ڏنو ويو. لکين مداحن سان گڏ پاڻ ٻه پٽ به سوڳوار ڇڏيا اٿس، سندس والده سعيده بيگم جي وفات چار ڏينهن اڳ 25 اپريل تي ٿي، جنهن جي جئپور ۾ تدفين ۾ عرفان خان ڪرونا جي لاڪ ڊائون سبب شرڪت ڪري نه سگهيو ۽ چار ڏينهن کانپوءِ پاڻ به هي جهان ڇڏي ويو. بمبئي ٽائيمز جي ٽوئٽر اڪائونٽ موجب وفات کان اڳ عرفان خان جا آخري لفظ هئا ته ”امان مونکي وٺڻ آئي آهي!“.

عرفان خان جيڪو مداحن کي خط لکيو هو ان جي آخر ۾ آسٽرين شاعر ”رينر ماريا رلڪي“ جي نظم به شامل ڪيو هو،

”آئون توهان سان ڪجهه ونڊڻ جي خواهش محسوس ڪيان ٿو.

آئون پنهنجي زندگيءَ لامحدود وسعتن ۾ گذاريان ٿو.

جيڪا زمين ۽ آسمان تي پکڙجي وئي آهي.

آئون ڪڏهن به آخري شيءِ کي مڪمل نه ٿو ڪري سگهان

پر آئون ڪوشش ڪندس!

آئون خدا جي شروعاتي مينار جي ٻاهران چڪر لڳايان ٿو

اهو چڪر 10 هزار سالن تي محيط آهي.

آئون اڃان تائين اهو نه ٿو ڄاڻان ته آئون باز آهيان

هڪ طوفان يا هڪ اڌورو گيت...!“

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment