شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

سنڌي ناول جو تنقيدي جائزو- حصو پهريون


شام 04 لڳي 53 منٽ -اڱارو 28 اپريل 2020  328 
image-1


(مشھور ليکڪ ۽ اڄ جي دور جي اهم سنڌي نقاد اڪبر لغاري جو آن لائين ليڪچر)

انڊس فورم ميرپور ماٿيلو جي دوست ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري پاران سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ اڄ جي دور جي اهم نقاد سائين اڪبر لغاري جو ناول جي حوالي سان ڇنڇر ٢٥ اپريل 2020ع تي آن لائين ليڪچر ڪرايو ويو, جنهن ۾ اڪبر لغاري لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين ناول جي مختلف پاسن تي ڳالهايو. هتي اسان ان ليڪچر کي لکت ۾ پيش ڪري رهيا آھيون. لکڻ دوران اسان هن کي انٽرويو واري انداز ۾ پيش ڪري رهيا آھيون. ڪجهه سوال ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري جا ڪيل آھن, جيڪو هن ليڪچر جو ميزبان هو، جڏھن ته ڪجهه سوال ڏسندڙن وٽان آيا، انهن کي به شامل ڪيو ويو آھي.

نوٽ: جتي جتي اسان کي سوالن ۾ ورجاءَ محسوس ٿيو آھي, انهن کي گڏائي هڪ سوال ڪيو آھي.

س: موجوده سنڌي ناول کي ڪيئن ٿا ڏسو، ان ۾ ناول جا بنيادي جز ڪهڙا آھن، انهن کي اوهان ڪيئن ڏسو ٿا؟

اڪبر لغاري: اسان وٽ ھن وقت جيڪا ناول جي صورتحال آھي، ان ۾ واڌارو ٿيو آھي، اهو واڌارو سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ٿيو آھي. جيتري تائين سويت يونين هئي، ان وقت تائين اسان جو ناول لکڻ ڏانهن لاڙو گهٽ ھو. ان جي ڀيٽ ۾ شاعري ۽ ڪهاڻي لکڻ تي وڌيڪ زور هو. ان جو ڪارڻ شايد اهو آھي ته ناول لکڻ لاءِ جذباتيت کي پاسيرو رکي تحت الپسندي جي وڌيڪ ضرورت پئي ٿي. اها تحت الپسندي اسان وٽ وڌي ته اسان ناول لکڻ شروع ڪيو. 90ع جي ڏهاڪي ۾ اسان وٽ ٿورا ناول لکيا ويا، ان کانپوءِ ناول تمام تيزيءَ سان لکجڻ شروع ٿيو. ائين کڻي چئجي ته ايڪهين صدي سنڌي ناول لاءِ ڏاڍي مثبت ثابت ٿي رهي آھي. ڪجهه وقت اڳ تائين اسان سڀئي اهو گوڙ ڪندا هئاسين ته اسان وٽ ناول جي ڏاڍي کوٽ آھي، اهو اسان ڏهه پنڌرهن سال اڳ تائين به چوندا هئاسين. ڪجهه دوستن ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ناول لکڻ شروع ڪيا. پر جڏھن کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ لکيو ويو ته گهڻن دوستن ناول جي فن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. جڏھن دوستن رڳو فرض جي ادائگي لاءِ لکيو ته ناول جي جماليات کي نظرانداز ڪري ويا. جماليات رڳو سهڻا لفظ استعمال ڪرڻ ناھي، پر جيڪو ناول جو فن آھي ان کي به جماليات چئي سگهجي ٿو. ان ڏانهن دوستن گهٽ ڌيان ڏنو ۽ ڌڙا ڌڙ ناول ڇپجڻ لڳا. هڪڙا ته ڊزن کن ڪئمپس ناول اچي ويا. ڪيترائي نوجوان جيئن ئي يونيورسٽين مان نڪرن ٿا، اهي سندن تجربا قلمبند ڪري چون ٿا هي ناول آھي. تمام گهٽ اهڙا ناول آھن جن کي بهتر ناول چئي سگهجي ٿو. باقي گهڻن ناولن ۾ خانه پري ٿيل آھي ۽ ليکڪن جا ذاتي تجربا جيئن جو تيئن ڏنل آھن. اسان جا ناول لکندڙ هڪڙو فارمولو کڻي ان جي پيروي ڪن ٿا.

اڄڪلهه جيڪي سنڌي ناول سان عام رواجي مسئلا آھن، جيڪي مون ڪيترائي ناول پڙھندي محسوس ڪيا آھن. انهن ۾ سڀ کان پهريون مسئلو پروف ۽ ايڊيٽنگ جو آھي، پر اهو ناول نگار کان وڌيڪ پبليشر جو مسئلو آھي. نوي سيڪڙو ناولن ۾ پروفن ۽ ايڊيٽنگ جون غلطيون نظر اچن ٿيون، جملا صحيح نه لکيل آھن ۽ گرامر جون چڪون به آھن. ان حوالي سان جڏھن مون مختلف پبليشرن کان پڇيو ته سندن چوڻ هو اهي پروفن لاءِ ليکڪ ڏانهن مسودو موڪليندا آھن، پوءِ ليکڪ جيڪي پروف ڪري موڪلين ٿا اهي ائين ئي ڇاپي ڇڏين ٿا.

 ان حوالي سان هر پبليشر وٽ هڪ يا ٻه ايڊيٽر هجڻ گهرجن، جن جو ڪم رڳو ناولن کي ايڊٽ ڪرڻ هجي ۽ جيڪڏھن ناول ۾ ڪا کوٽ ھجي ته ان جي نشاندهي ڪن، جيئن يورپ ۽ امريڪا وارا ڪن ٿا. ان کانپوءِ ڪيترن ناولن ۾ مون محسوس ڪيو آھي ته لکندڙ سمجهي ٿو جيڪا شيءِ هن ڏٺي آھي يا جيئن محسوس ڪيو آھي، ان کي جيئن جو تيئن ئي لکي ڇڏجي.

 پوءِ ناولن ۾ هڪ اهم مسئلو ڪردار نگاريءَ جي کوٽ آھي، لکندڙ ان ڏانهن به گهٽ ڌيان ڏي ٿو. جڏھن ته ناول جو ڪردار ئي ناول کي کڻندو آھي. ان حوالي سان وڏو مسئلو اهو آھي ته ناول نگار سندس ڪردار کي جامد ڪري ڇڏي ٿو، جنهن کي انگريزي ۾ passive protagonist چئبو آھي. مطلب ناول جو مُک ڪردار هوندي به اهو ناول ۾ ڪجهه ڪري ئي نه پيو. جيئن ته اسان ڪهاڻي لکڻ ۽ ٻڌڻ جا گهڻا عادي آھيون، ان ڪري ناول کي به انهي انداز سان لکون ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ ڪردارنگاريءَ جي گنجائش ٿوري هوندي آھي. ان جي ڀيٽ ۾ ناول ۾ ڪردارنگاريءَ جو وڏو scope هوندو آھي. پر اسان جا ليکڪ ناولن ۾ ڪردار کي دٻائي ان جي جاءِ تي پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏين ٿا ۽ راوي طور سموري ڪهاڻي ٻڌائي وڃن ٿا ۽ سندن ڪردار چپ ڪيو ويٺو رهي ٿو. جڏھن ته آخر تائين ڪردار کان ڪوبه عملي ڪم نٿو ورتو وڃي.

ان کانپوءِ ڪيترن ئي ناولن ۾ سياسي، سماجي ۽ نفسياتي گفتگو پڙھڻ لاءِ ملي ٿي، جنهن کي Discourse  چئجي ٿو. ڪن ناولن ۾ اها گفتگو ايتري ته گهڻي ۽ ڊگهي آھي جو ناول جي story line پٺيان رهجيو وڃي ۽ پڙھندڙ سوچڻ لڳي ٿو ته هو ڪو ناول پڙھي رهيو آھي يا ڪو تحقيقي ڪتاب يا وري ڪو نان فڪشن ڪتاب پڙھي رهيو آھي. مطلب فڪشن پڙھندي اوهان کي نان فڪشن پڙھڻ جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو.

 منهنجي نظر مان اهڙا ڪيترائي ناول گذريا آھن جن ۾ ڊگهي گفتگو ڏنل آھي، جيڪڏھن هڪڙو ڊائلاگ شروع ٿئي ٿو ته ڏھن صفحن تائين هلي ٿو.

ان کانپوءِ ڪردار تخليق ڪرڻ سان گڏ ھر ڪردار جي الڳ نسفيات به ڏبي آھي. مثال چار يونيورسٽيءَ جا ئي دوست هجن پر انهن چئني جي سوچ الڳ الڳ هوندي، سندن شخصيت الڳ هوندي ۽ سندن ڳالهائڻ جو ڍنگ به الڳ هوندو. ڪو مذاق ڪندڙ ھوندو ڪو سنجيده هوندو. پر اڪثر سنڌي ناولن ۾ سڀني ڪردارن جي ذهني سطح به ساڳي ته ڳالهائڻ جو طريقو به ساڳيو، لهجو به ساڳيو ته ٻوليءَ به ساڳي. ان سان پڙھندڙ کي اها خبر نٿي پئي ته ڪهڙي وقت ڪهڙو ڪردار ڳالهائي رهيو آھي ۽ ڪنهن ڪٿي ڳالهه ختم ڪئي ۽ ڪنهن ڪٿان ڳالهائڻ شروع ڪيو. جيڪڏھن ڪردارن جا نالا نه ڏجن ته پڙھندڙ منجهي پون. جڏھن ته اصل ڪردارنگاري اها آھي ته جڏھن ڪو ڪردار ڳالهائڻ شروع ڪري ته پڙھندڙ بنا نالي جي سمجهي وڃي ته ڪهڙو ڪردار پيو ڳالهائي. ناولن جي discourse ۾ يڪسانيت گهڻي آھي.

ان کانپوءِ هڪ سٺو ناول نگار ناول ۾ هر هنڌ ھوندي به نظر نه ايندو آھي، پر اسان جي سنڌي ناولن ۾ ليکڪ اجائي مداخلت ڪري ٿو. جڏهن ته کيس ڪهاڻي ۽ ڪردارن کي منطقي طور هلائڻ گهرجي. ناول ۾ ڪردارن کي آزاد ڇڏجي. ان کانپوءِ اسان جا ڪيترائي ناول لکندڙ شاعر به آھن ۽ اجايو ناول ۾ پنهنجي شاعري ڏيو ڇڏين، پر جيڪڏھن پاڻ شاعر نه به آھن ته ڪنهن ٻئي جي شاعري ڏيو ڇڏين جنهن سان به ناول جو مزو ٻاڙو ٿيو وڃي. شاعري يا فلاسافيڪل ڪوٽس هجن پر اٽي ۾ لوڻ برابر پر جيڪڏهن لوڻ وڌي وڃي ته اهو بلڊ پريشر به وڌائي ويندو آھي. ائين ئي ناول ۾ اجائي شاعري پڙھندڙ جو بلڊ پريشر وڌائي ويندي آھي پوءِ ڀلي اها شاهه سائين جي شاعري ڇو نه هجي.

س: پبليشر کي پروفيشنل ٿيڻ لاءِ اوهان ڪهڙيون صلاحون ڏيندا؟

اڪبر لغاري: ان ۾ ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون هڪ ته پبليشر باقاعده ايڊيٽر رکن. ٻيو ته ليکڪ ڇپرائڻ کان پهرين سندن لکڻي ڪنهن سٺي پڙھيل لکيل ۽ ناول جي ڄاڻو کي ڏيکارين. جيڪڏھن ڇپائڻ کان اڳ ناول کي ريويو (نظرثاني) لاءِ موڪلجي ته ان جون ڪيتريون ئي خاميون گهٽ ٿي سگهن ٿيون.

س: موجوده سنڌي ناول ۾ اوهان کي ڪهڙا چڱا پاسا نظر اچن ٿا؟

اڪبر لغاري: مون کي جيڪا خوبي نظر اچي ٿي اها هي ته لکندڙن ۾ لکڻ جو جذبو تمام گهڻو آھي. هنن کي لکڻ جو شوق آھي، پر اهي لکڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا، کين تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي. ناول جي فن کي صحيح نموني سمجهڻ جي ضرورت آھي. اسان وٽ ناوليٽ کي به ناول طور ڇپرايو وڃي ٿو. جڏھن ته ناول ۽ ناوليٽ ۾ فرق آھي. اسان وٽ گهڻي ڀاڱي ناوليٽ آھن، ناول گهٽ آھن. ان ڪري ليکڪ صبر ڪن. هاڻي ناولن جي کوٽ ناھي جو انهي کي پورو ڪرڻ لاءِ لکجي، هاڻي ليکڪن کي ناول سڪون سان لکڻ گهرجي. نوجوانن کي دنيا ۾ ڇپجندڙ ادب به پڙھڻ گهرجي، اهي رڳو هانءَ جي سوجهري تي لکن ٿا، اها سٺي ڳالهه آھي پر رڳو اهو ڪافي ناھي ڏات سان گڏ ڏانءَ به سکڻو پوندو.

س: اوهان کي سنڌي ناول ۾ فن جي کوٽ نظر ٿي اچي يا فڪر جي؟

 

اڪبر لغاري: اسان وٽ ناول جي فن جي کوٽ آھي. فڪر ته گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو, سڀئي ناول ڪي وڏا فڪري ناول نه هوندا آھن. سڀ کان پهرين ناول جون بنيادي فني خوبيون هجڻ ضروري آھن. مثال طور هڪڙي کٽ ٺاهڻي آھي ان جا چارئي پاوا برابر ته هجن چارئي ايسون برابر ته هجن. فني شيون پهرين اچن ٿيون پوءِ فڪر اچي ٿو.

س: هڪ سٺي ناول جون ڪهڙيون خاصيتون آھن، ڇا سنڌي ناول تي اردو ناول جو اثر آھي؟

اڪبر لغاري:  اهو ناول جيڪو فني ۽ فڪري حوالي سان پختو هجي، ان ۾ فني گهرجون به پوريون هجن ۽ فڪر به هجي، ان ۾ جماليات به هجي، جماليات ۾ ٻولي به اچي وڃي ٿي. باقي ليکڪ ڪهڙو به اسڪول آف ٿاٽ کڻي اچي اها سندس مرضي آھي، سواءِ رجعت پسندي جي. اها ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندي. ان کانسواءِ ڪهڙو به فڪر ٿي سگهي ٿو. ان ۾ قومپرستي وارو فڪر اچي وڃي ٿو، سوشلزم جو فڪر اچي وڃي يا وجودي فڪر به اچي وڃي ٿو، اهو ليکڪ جو حق آھي ۽ نقاد ليکڪ کي ان حوالي سان پابند نٿو ڪري سگهي. هڪ سٺو نقاد ليکڪ سان ان ميدان ۾ کيڏندو آھي جنهن ۾ ليکڪ کيڏي رهيو آھي. ائين نه ٿيڻ گهرجي ته ليکڪ بيڊمنٽن کيڏي ۽ نقاد وري چئي هو ڪرڪيٽ وارا اصول لاڳو ڪندو.

سنڌي ناول تي بلڪل اردو ناول جو اثر آھي,، بلڪه پوري سنڌي ادب تي اردو ادب جو اثر آھي. اهو ان ڪري جو اسان جا ليکڪ انگريزي گهٽ پڙھيل هئا ۽ اردو ادب گهڻو پڙھيو ويندو هو (هاڻي ته ڪيترائي نوجوان ليکڪ انگريزي ادب پڙھن به ٿا ۽ انگريزي ڄاڻن به ٿا). ان ڪري جيڪا شيءِ گهڻي پڙھبي ان جو اثر به ٿيندو ۽ اها ڪا خراب ڳالهه ناھي. مان ان کي ڀليڪار ڪريان ٿو. پر اثر سٺي ادب جو هجي ڊائجسٽ جو اثر نه هجي.

س: سنڌ جي مزاحمتي تحريڪن تي سنڌي ناول ريسپانس ڇو نه ڪيو؟

اڪبر لغاري: اها ليکڪ جي مرضي آھي ته هو ڪهڙي موضوع تي لکي ٿو ۽ ڪهڙي موضوع تي نه ٿو لکي. ليکڪ کي پابند نٿو ڪري سگهجي. ون يونٽ جي دور ۾ ان جي خلاف اسان جي شاعرن (اديبن) تمام گهڻو لکيو. انهن ۾ سڀني کان اڳڀرو شيخ اياز هو. هن وڏي همت ۽ جذبي سان لکيو، پر ضياءَ جي دور ۾ هن گهٽ لکيو يا ڍڪيل انداز ۾ لکيو. اها سندس مرضي هئي. اسان ڪنهن کي به اهو نٿا چئي سگهون ته هن تي لکي ۽ هن نموني لکي.

س: سنڌي ناولن تي معياري تنقيد نه هجڻ جا ڪهڙا سبب آھن؟

اڪبر لغاري:  ناول تي تنقيد نه هجڻ جا ٻه ٽي سبب آھن، هڪڙو ته شاعري ۽ ڪهاڻيءَ تي تنقيد سولي آھي جو اهي اوهين هڪ ويهڪ ۾ پڙھي وٺو ۽ تنقيد ڪري وٺو. جڏھن ته ناول پڙھڻ ۾ گهڻو وقت لڳي وڃي ٿو. ٻيو ناول تي تنقيد ڪرڻ لاءِ گهڻ پاسو پڙھڻو پئي ٿو. مختلف قسم جي شين جو اڀياس ڪرڻو پئي ٿو. ان سان گڏ پوري دنيا جي ناولن جو اڀياس به ڪرڻو پئي ٿو، جيئن اها خبر پئي ته باقي دنيا ۾ ناول ڪيئن پيو لکجي ۽ اسان وٽ ڇا صورتحال آھي.

ان کانپوءِ اسان وٽ تنقيد تي لٺيون بانٺا کڄن ٿا، ان ڪري نقاد متضاد ڳالهه ڪرڻ کان ڊڄي ٿو. نقاد سندس سماجي واسطا خراب ڪري ماڻهن کي ناراض ڪرڻ نٿو گهري ۽ جيڪي ائين ڪن ٿا، اهي اڪيلائي جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

ان کانپوءِ ڪيترن ئي ليکڪن جو مقصد رڳو اهو آھي ته سندن لکڻين جي ساراهه ڪئي وڃي. منهنجو خيال اهو آھي ته جيڪا لکڻي ساراهه جوڳي هجي، ان جي ساراهه ڪجي ۽ جتي ڪچائي ڦڪائي هجي اتي نشاندهي ڪجي.

ان کانپوءِ نقاد جو ليکڪ جي ذات سان ڪوبه واسطو نه هجڻ گهرجي. تنقيد مهل نقاد کي ليکڪ جي شخصيت کي سامهون رکڻ بدران سندس لکڻي کي سامهون رکڻ گهرجي. جڏهن ڪو نقاد تنقيد جي شروعات ئي هتان ڪري ٿو ته هي ليکڪ منهنجو ذاتي دوست آھي ته ان وقت ئي هو سندس نقاد هجڻ تي ٽڪو هڻي ڇڏي ٿو. (هلندڙ)

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment