شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

خلاصه قرآن_ٽيون سيپارو_تلڪ الرسل


صبح 03 لڳي 58 منٽ -سومر 27 اپريل 2020  264 
image-1

 ٽيون سيپارو سوره بقره جي آخري 34 آيتن ۽ سوره آل عمران جي 91 آيتن تي مشتمل آهي. سيپاري جي شروعات ۾ الله سائين ٻڌايو آهي ته ھر رسول کي الله سائين ڪا نه ڪا خصوصيت عطا ڪئي جيئن ڪنهن کي ھم ڪلام ٿيڻ جو شرف ڏنائين، جيئن موسى عليه السلام، ساڳي طرح عيسي عليه السلام کي به معجزا عطا ڪيائين. ان کان پوءِ قيامت جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي ته ان ڏينهن تي نه ڪو سودو ٿيندو، نه ڪا دوستي ڪم ايندي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي شفارش، ان ڪري جيڪو ڪجھ ڪرڻو آهي ان ڏينهن جي اچڻ کان پهرين ڪري وٺو. ان کان پوءِ مشهور آيت، آيت الڪرسي آهي جنهن ۾ الله جي صفات ۽ بادشاهيءَ جي وسعت جو اظهار آهي. جنهن کان پوءِ الله سائين فرمائي ٿو ته دين جي معاملي ۾ ڪو به جبر نه آهي يعني ڪنهن غير مسلم کي زبردستي مسلمان ڪرڻ جو نه ڪنهن کي حق آهي نه ضرورت. ھي آيت مسلمانن کي اھو ٻڌائي پئي ته غير مسلمانن سان سندن سلوڪ ڪيئن ھجڻ کپي، ان سلسلي ۾ صرف ھيء آيت نه بلڪ ٻيون به ڪيتريون ئي آيتون آهن جيڪي بقاء باھمي ۽ مذهبي رواداريءَ جو درس ڏين ٿيون. ان کان پوءِ ابراهيم عليه السلام ۽ وقت جي بادشاه (نمرود جنهن خدائي جي دعوا ڪئي) جي وچ ۾ ٿيل مڪالمو ڏنل آهي ته جڏهن ابراهيم عليه السلام کيس چيو ته منهنجو رب زندگي ۽ موت ڏيندو آهي ته بادشاھ يڪدم چيو ته اھو ته مان به ڪندو آهيان (پوءِ ھن ڦاهيءَ جي سزا ٻڌايل ھڪ قيديء کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ بي گناھ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين)، ابراهيم عليه السلام چيس ته منهنجو رب سج کي اوڀر مان اڀاري ٿو، تون ڀلا اولھ مان اڀاري ڏيکار، جنهن تي ھمراه منجھي پيو ۽ وائڙو ٿي ويو. ھڪڙي ماڻهوءَ کي ھڪ ويران بستي مان گذرندي خيال آيو ته هن بستيء جا ماڻهو ڪيئن ٻيھر جيئرا ٿيندا ته الله کيس موت ڏئي سو سالن کان پوءِ جيئاري سندس ھڏيون ٿي ويل گڏھ کي سندس سامهون جيئرو ڪري ڏيکاريو، اھو ساڳيو تجربو الله سائين حضرت ابراهيم عليه السلام کي مئل پکين کي جيئرو ڪرڻ جي شڪل ۾ ڪرايو. انهن ٽنهي واقعن مان اهو ثابت ٿيو ته ھن دنيا جو خالق، مالڪ ۽ ھلائيندڙ الله جي ذات آهي ۽ زندگي بعد موت برحق آهي ۽ الله سائين ھر ساھ واري کي مرڻ کان پوءِ جيئارڻ تي قادر آهي. ان کانپوءِ انفاق في سبيل الله جي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي ته الله جي راھ ۾ ڏنل ھڪ پائي جو ست سؤ دفعا وڌيڪ ثواب آهي. اھو به چيو ويو آهي ته ڪنهن کي صدقو ڏئي احسان ڄاڻائي کيس تڪليف نه پھچايو، ان سان توهان جو صدقو ضايع ٿي ويندو. اڳين تقريبا ڏھ آيتن ۾ انفاق في سبيل الله جي مختلف پھلوئن تي گفتگو ٿيل آهي. جنهن کانپوءِ سود جي حرمت بيان ڪئي وئي آهي ۽ سود کائڻ کي الله سان جنگ جوٽڻ جي برابر قرار ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ آيت الدَين آهي جنهن ۾ اوڌر جي حوالي سان ھدايتون ڏنيون ويون آهن، ھيء قرآن شريف جي سڀ کان وڏي آيت آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته اسلام معاشي معاملن ۾ درستگيء تي ڪيڏو زور ڏنو آهي.  سورت جو اختتام ھن مشھور دعا سان ٿي ٿو: اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا غلطي ڪيون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ نه ھجي اھو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو مالڪ آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي

سوره آل عمران

سوره آل عمران مدني سورت آهي ۽ 200 آيتن تي مشتمل آهي. هن جي شروعات ۾ الله سائين ٻڌايو آهي ته قرآن ۾ ٻن قسمن جون آيتون آهن. ھڪڙيون محڪم جن جي معنى ۽ مفهوم واضح آهي مثال طور احڪام واريون آيتون جن ۾ نماز، روزي، حج، زڪات ۽ ٻين معاشي ۽ معاشرتي معاملن جي باري ۾ ھدايتون ڏنل آهن. ٻيون متشابھ آيتون جن جي تعبير ۾ اشتباه ٿي سگهي ٿو مثال طور الله جي ڪرسي، ھٿ جو ذڪر. ھاڻي سليم الفطرت ماڻهن جي روش اھا ھوندي آھي ته ھو محڪمات تي ايمان آڻيندا آهن ۽ انهن تي عمل ڪندا آهن ۽ متشابھات جو معاملو الله جي حوالي ڪندا آهن جڏهن ته شرارت پسند ماڻهو رڳو متشابھ آيتون ذڪر ڪري فتنو ڦيلائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل ھوندا آھن. جنگ بدر جو إجمالا ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ دنيا جي دل لڀائيندڙ عارضي شين ۽ جنت جي ابدي نعمتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اھو اعلان ڪيو ويو آهي ته الله وٽ دين صرف اسلام آهي، اھل ڪتاب جي بري روش جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اھو ٻڌايو ويو آهي ته عزت ۽ ذلت ڏيندڙ الله جي ذات آهي. اهو ٻڌايو ويو آهي ته الله جي محبت حاصل ڪرڻي اٿو ته رسول جي اطاعت ڪيو. ان کان پوءِ حضرت مريم عليها السلام جو خلوت ۾ الله جي عبادت ڪرڻ، ذڪريا عليه السلام کي پوڙھائپ ۾ پٽ جي اولاد عطا ڪرڻ، عيسي عليه السلام جي پيدائش، کيس نبوت ملڻ ۽ کيس عطا ڪيل معجزن جو تفصيلي ذڪر آهي. آيت نمبر64 ۾ اھل ڪتاب کي مشترڪه نڪات تي ڊائلاگ ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي، اھو به ٻڌايو ويو آهي ته سڀ اھل ڪتاب برا نه آهن، انھن مان اھڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن توهان خزانا امانت طور رکرايو ته ايمانداري سان واپس ڪندا. رسولن کان ورتل عھد جو ذڪر آهي، ھڪ سچو مؤمن رسولن جي درميان تفريق نه ڪندو آهي. سيپاري جو اختتام ھن مضمون سان ٿي ٿو ته قيامت جي ڏينهن ھڪ ماڻھو ڀلي کڻي زمين برابر سون ڏي پر تڏهن به سندس ڇوٽڪارو نه ٿيندو جيڪڏهن ھن کي دنيا جي زندگيءَ ۾ ايمان جي دولت نصيب نه ٿي ته 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment