شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

خلاصه قرآن_پهريون سيپارو


صبح 05 لڳي 36 منٽ -ڇنڇر 25 اپريل 2020  535 
image-1

قرآن مجید ھدايت جو ڪتاب آهي پر اسان ان کي رڳو برڪت لاءِ پڙھڻ جو ڪتاب بڻائي ڇڏيو آهي.  رمضان شريف ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت عام ڏينهن کان گهڻي ڪئي ويندي آهي پر اسان جيترو زور ان کي رڳو پڙهڻ تي ڏيون ٿا ان جو چوٿون حصو به جيڪڏهن ان جي معنى کي سمجهڻ جي لاءِ لڳايون ته شايد اھو مقصد حاصل ٿي وڃي جنھن جي لاءِ هي ڪتاب نازل ٿيو آهي. رمضان شريف اھو بھترين موقعو آهي جنهن ۾ اسان قرآن جي معنى ۽مفهوم سمجهي سگھون ٿا. . اسان ڪوشش ڪنداسين ته تراويحن ۾ تلاوت ٿيندڙ حصي جو خلاصو پيش ڪيون. ھونئن ته قرآن جو ھڪ ھڪ لفظ ۽ جملو حڪمت سان ڀريل آهي پر جيئن ته اھو ممڪن نه آهي ته پوري سيپاري جو ترجمو ڏجي يا ان ۾ ذڪر ٿيل ھر مضمون جو تفصيل سان احاطو ڪجي، ان ڪري ھر سيپاري مان چونڊ آيتن يا مضامین جو ذڪر ڪيو ويندو ۽ ڪوشش اھا ھوندي ته پڙھندڙ کي اھو شوق ڏيارجي ته هو قرآن کي معنى سان پڙھي. الله کان دعا آهي ته اسان کي اهو ڪم بخير و عافيت پورو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسان جي ھن ادنى ڪوشش کي پنهنجي بارگاه ۾ شرف .قبولیت عطا ڪري. آمين يا رب العالمين

پھريون سيپارو

ھي سيپارو سوره الفاتحه ۽ سوره البقره جي 141 آيتن تي مشتمل آهي .

سوره الفاتحه

سوره فاتحه مڪي آهي يعني مڪي دور ۾ نازل ٿي.

فاتحه جي معنى آهي شروعات ڪندڙ، جيئن ته ھن سورت سان قرآن مجيد جي شروعات ٿئي ٿي ان ڪري هن کي فاتحه چيو ويو. ھن جا ٻه حصا آهن پھرين حصي ۾  الله جي حاڪميت ۽ رحمانيت جو اظهار آهي جڏهن ته ٻئي حصي ۾ انسان پنهنجي عاجزي جو اظهار .ڪندي الله سائين کان ھدايت جو طلبگار ٿئي ٿو.

سوره البقره

ھيء سورت قرآن مجيد جي سڀ کان وڏي سورت آهي. 286 آيتن تي مشتمل آهي ھيء مڪي دور ۾ نازل ٿي. سوره فاتحه ۾ انسان الله کان ھدايت جو طلبگار ٿئي ٿو ته الله سائين جواب ۾ سوره بقره جي شروعات ۾ئي فرمائي ٿو ته ھدايت کپيو ته ھي ڪتاب پڙهو. ان کان پوءِآيت نمبر 5  تائين متقين جي صفات جو ذڪر آهي ۽. آيت نمبر8  کان وٺي آيت نمبر 20 تائين منافقن جو ذڪر آهي. ان کان پوءِ انسانن کي جيلنج ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان کي قرآن جي منزل من اللہ ھجڻ جي باري ۾ شڪ آهي ته ان جھڙي ڪا سورت ٺاهي ڏيکاريو، ان کانپوءِ جنت جي نعمتن جو ذڪر آهي، جنهن کان پوءِ آدم عليه السلام جي خلقت، کيس زمين تي خليفو بڻائڻ ۽ فرشتن مٿان سندس فضيلت جو ذڪر آهي. ان کان پوءِ آيت نمبر40 کان وٺي تقريبن سيپاري جي اختتام تائين بني اسرائيل جو ذڪر آهي. اسرائيل اصل ۾ حضرت يعقوب عليه السلام جو لقب ھيو، سندس آل، بني اسرائيل سڏجندو آهي، بني اسرائيل تي الله سائين وڏيون نعمتون ڪيون ۽ کين فضيلتون عطا ڪيون مثال طور. حضرت يوسف عليه السلام کان وٺي حضرت عيسى عليه السلام تائين سڀ انبياء بني اسرائيل مان ھيا، کين فرعون جي ظلم کان الله سائين نجات ڏياري، تيه جي رڻ پٽ ميدان ۾ من و سلوا جون نعمتون عطا ڪيون، الله سائين طرفان ڪڪر نٽهڻ اس ۾ ھنن مٿان ڇانو ڪندو رهيو. انهن نعمتن جي ڪري ھو پاڻ کي الله جي اولاد ۽ سندس محبوب سمجهڻ لڳا ۽ سندن عقيدو ٿي ويو ته جھنم جي باھ کين نه ڇھندي سواءِ چند ڏينهن جي. الله سائين سندن ان دعوا کي رد ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اھڙو ڪو به واعدو توهان سان نه ٿيل آهي ڇو جو قيامت جي ڏينهن انسان کي سندس ايمان ۽ عمل صالح ئي بچائيندو نه ڪه ڪنهن سان ڪو نسلي تعلق، ان حوالي سان الله سائين ابراهيم عليه السلام جو مثال ڏنو آهي ته جڏهن ھو آزمائشن ۾ پورو لٿو ته الله ساڻس واعدو ڪيو ته کيس انسانن جو امام بڻائيندو ته ابراهيم عليه السلام ترت ئي پڇيو ته ڇا منهنجي اولاد لاءِ به اهو ساڳيو واعدو آهي؟  ته الله سائين فرمايو ته منهنجو واعدو ظالمن لاءِ نه آهي معنى جيڪڏهن تنهنجي اولاد مان ڪو ظالم ھوندو ته کيس امامت جو اعزاز صرف ان لاءِ ڪو نه ملندو ته ان جي نسبت تو سان آهي. ان قسم جو مضمون قرآن ۾ ڪيئي جڳھن تي آيل آهي جيئن نوح عليه السلام جي پٽ ۽ گھر واري، لوط عليه السلام جي گهر واري ۽ فرعون جي گهر واري جو ذڪر. ان سڄي قصي ۾ امت محمديه جي لاءِ به سبق آهي ته صرف نبي سڳوري جي امت ۾ ھجڻ ڪري نجات نه ٿيندي بلڪه ايمان ۽ عمل صالح لازمي آهي. سيپاري جو اختتام به ھن آيت سان ٿي ٿو ته اھا بني اسرائيل توهان کان پھريون گذريل ھڪ امت ئي، سندن لاءِ .سندن اعمال ۽ توهان لاءِ توهان جا اعمال، سندن اعمال جي باري ۾ توهان کان پڇا نه ٿيندي

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment