شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال کان وانجهيل نوجوان نسل


شام 09 لڳي 10 منٽ -آچر 19 اپريل 2020  293 
image-1


هن وقت اسان جنهن دور مان گذري رهيا آهيون، اهو دور سوشل ميڊيا جي عروج جو دور آهي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ سوشل ميڊيا ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. انٽرنيٽ جي انقلاب کانپوءِ وقفي وقفي سان مختلف ايپليڪيشنز ۽ پليٽ فارمز وجود ۾ ايندا ويا ۽ ماڻهو انهن جا عادي ٿيندا ويا. سوشل ميڊيا جي مشهور ترين ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ اپليڪيشنز ۾ فيس بوڪ، واٽس ايپ، ٽوئيٽر، ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام سرفهرست آهن.

دنيا جي هر خطي جا پنهنجا پنهنجا معيار، ذهنيت ۽ شغل آهن. لڳ ڀڳ دنيا پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ سوشل ميڊيا جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري رهي آهي. جيئن ته ترقي يافته ملڪن ۾ سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ٿئي پيو. خاص طور فيس بوڪ انهن لاءِ هڪ اهڙو ڪارائتو پليٽ فارم آهي، جتي يونيورسٽين جا شاگرد، اسڪالر ۽ ريسرچر، سياسي، سماجي ماڻهو سائنسي بحث مباحثا ڪري رهيا آهن ۽ سياسي، سماجي ۽ مذهبي نظرين تي باقاعده سوشل ميڊيا تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا آهن. ترقي يافته سماجن ۾ ادبي، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي بحث مباحثا اتان جي ماڻهن جي روزمره جي زندگيءَ جو معمول آهن، تڏهن ئي ته اتان جا سماج هڪ سگهاري، مثبت ۽ ترقي پسند سوچ کي جنم ڏين ٿا. اتان جا ماڻهو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙين پيا، چاهي پوءِ اهي سائنسدان هجن، ڊاڪٽر هجن، انجنيئر هجن يا وري سماج سڌارڪ ورڪر، هر جڳهه تي اهي پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀائيندا آهن.

ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن اسين پنهنجي سنڌ جي سڄي سماجي وايومنڊل تي نظر ڦيرائينداسين ته منظر ئي ڪجهه ٻيو نظر ايندو. هتي اسان جي سڄي مخلوق فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ تي اهڙي ته اچي ڪڙڪي آهي جو فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ جي مثبت پاسن ۽ لاڙن جي مٿان مٽيءَ جا مڻ وجهي انهن کي لٽي ڇڏيو اٿن. سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي توهان کي مختلف قبيلن، ذاتين، مذهبي فرقن، مختلف ادبي لڏن، مختلف سياسي پارٽين جا جهيڙا جهٽا توهان کي فيس بوڪ تي ئي ملندا. اسان جي سماج جي ماڻهن فيس بوڪ کي هڪ اهڙي وڏيري جي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي، جتي رڳو ڇتي ڪوري وارا حوال، عقل کان وانجهيل بحث مباحثا، هڪٻئي جا بنا ڪنهن عقلي ۽ شعوري بنياد تي پٽڪا لاهڻ جا انهن کي پيدائشي حق مليل آهن. فيس بوڪ تي تعزيتون پيش ڪرڻ، مري ويلن جا آخري ديدار، سيلفين جي ڀرمار سنڌي ماڻهن جي روزمره جي فيس بوڪي زندگين جو حصو بڻجي چڪيون آهن.

سنڌ جا ماڻهو مختلف ٽولن، سياسي، سماجي، مذهبي فرقيواريت جي رنگ ۾ رڱيل ۽ مختلف گروپن ۾ ورهايل نظر ايندا، جيڪي وري صرف پنهنجي ئي لاڳاپيل سوچ کي فخريه طور همٿائيندي نظر ايندا، پوءِ ڀلي اها عقل کان وانجهيل عمل يا سوچ ئي ڇونه هجي. هر ماڻهو پنهنجي سياسي پارٽي، سماجي ٽولي ۽ هڪ مخصوص سوچ ۽ ايجنڊا جو پوئلڳ ئي نظر ايندو. اسان جو لڳ ڀڳ سمورو سماج تنقيدي، پروگريسو ۽ مثبت سوچ کان نابري واري ويٺو آهي. اسان جي ماڻهن ۾ برداشت جو مادو ئي ناهي رهيو، شل نه ڪا انهن کي انهن جي سوچ جي مخالف ڪا پوسٽ نظر اچي پوءِ پنهنجيون سڀ توانائيون اتي اچي ضايع ڪندا آهن، عقل کان وانجهيل بحث مباحثا، پوءِ آخر گارين تي اچي ختم ٿيندا آهن، اهو آهي حقيقي منظرنامو اسان جي سماج جو.

فيس بوڪ ۽ واٽس جو مخصوص حد ۽ نارمل ضرورت کان وڌيڪ استعمال انسان کي ايڊيڪشن ۾ ورتل ڪندو آهي. اسان جي پڪن، پوڙهن ۽ نوجوان نسل سميت هر طبقو هاڻي گهڻي حد تائين سوشل ميڊيا جو ايڊيڪٽ يعني عادي بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن هڪ ڏينهن واٽس ايپ يا فيس بوڪ جي سهولت انهن جي پهچ کان پيڪيج نه هجڻ ۽ اچانڪ مليل ڊيٽا ايم بيز ختم ٿي وڃڻ جي ڪري دور ٿي ويندي آهي ته انهن جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. سڄو ڏينهن انهن جي طبيعت ۾ مزو ۽ سڪون نه هوندو اٿن، انهن جي اندر ۾ اداسي جا ڪڪر ڇانيل هوندا، جيئن ئي انهن جا پيڪيج بحال ٿيندا آهن ته پوءِ انهن جا چهرا خوشي مان ٻهڪي پوندا آهن.

سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ سڀ کان اڳرو طبقو اسان جي سماج جو نوجوان نسل آهي. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اڄڪلهه فيس بوڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ واٽس ايپ کي پنهنجي منفرد انداز ۾ استعمال ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ تي گروپس ٺاهي انهن ۾ سڄو سڄو ڏينهن هڪٻئي سان ڪچهرين ۾ اهڙا ته مصروف ۽ مشغول هوندا آهن، جو انهن کي باقي زماني جي نه ڪا خبر هوندي آهي ۽ نه وري انهن جي ڪا دلچسپي ته باقي دنيا ۾ ٿئي ڇاپيو؟ اسان جو نوجوان نسل پنهنجون سڀ توانائيون ۽ ٽائيم رڳو فضول جي ڪچهرين ۽ حوالن ۾ ئي ضايع ڪري رهيو آهي.

اسان جنهن سماج جو حصو آهيون، ان ۾ ماڻهن کي فيس بوڪ هڪ اهڙو پليٽ فارم ملي چڪو آهي، جنهن ۾ گهر ويٺي سڀ ڪم ڪري سگهن ٿا، مثال طور تعزيتن جا نه کٽندڙ سلسلا، هڪٻئي کي مفت جون صلاحون ڏيڻ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي آواز اٿارڻ لاءِ صرف فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ تي ئي اسٽيٽس لڳائي پنهنجن قومي، انساني ۽ سماجي حقن جا علمبردار بڻيو ويٺا هوندا آهن. سيلفين جي ڀرمار ته وري اهڙي لڳي پئي آهي جو ساڳيا ساڳيا منهن ڏسي هاڻي ته فيس بوڪ ۽ واٽس تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. هر طبقي جو ماڻهو بنا ڪنهن ڪلاس جي فرق جي فيس بوڪ ۽ واٽس تي واش روم کان نڪرڻ کان ويندي رات جو سمهڻ تائين جون تصويرون گڊ نائيٽ جو هيڇ ٽيگ لڳائي فخريه انداز ۾ اهڙي نموني سان شيئر ڪندا آهن، ڄڻ ڪا جنگ فتح ڪري سڪون جي ننڊ ڪرڻ طرف وڃي رهيا هجن.

اسان جو نوجوان نسل اڄڪلهه تخليقيت کان تمام گهڻو پري ٿي چڪو آهي، انهن جا ذهن زنگجي چڪا آهن. زندگي جا 24 ڪلاڪ ائين ئي بي مقصد حوال ڪٽيندي ضايع ڪري رهيا آهن.

اسان جي سماج جي هڪ ٻي اهڙي مخلوق آهي، جنهن کي عاشقن جي لوڌ سڏيو ويندو آهي، اهو روميو ٽائيپ لڏو فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ تي سڀ کان وڌيڪ قابض لڳو پيو آهي. انهن ناڪام عاشقن جي لوڌ جون ايليا کي پنهنجو مسيحا ڪري پيش ڪيو آهي. جون ايليا هڪ اهڙو ترقي پسند شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ مايوسين جي ماريلن لاءِ همٿ ۽ جذبو سمايل آهي، ان جي شاعري سماج جي سڀني فردن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿي. پر اڄڪلهه جي روميو ٽائيپ قسم جي عاشق ۽ مجنون نوجوان نسل جيڪا حالت جون ايليا جي شاعري سان ڪئي آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر سان اهڙي مذاق ٿي هجي، ڇو ته اسان جي نوجوان نسل هڪ ترقي پسند شاعر جون ايليا کي مايوسين ۽ ناڪامين جي شاعر طور پيش ڪري سماج ۾ پيش ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي مجنون ۽ روميو ٽائيپ نوجوان نسل جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اٿندي ويهندي پنهنجي عشق جي ناڪامي کي جون ايليا جي لفظن ۾ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري سماج ۾ پيش ڪري رهيا آهن، ان سان سواءِ مايوسي جي ڪجهه به پلئه نه پيو پوي. اسان جو 90 سيڪڙو نوجوان نسل رڳو عشق جي چڪر ۾ ڦاٿل آهي، جنهن ڪري اهي پنهنجو قيمتي وقت سوشل ميڊيا تي حوال ڪٽيندي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن. ائين انهن جو مستقبل اونداهين جي انڌيري ۾ غرق ٿيندو پيو وڃي.

تنهنڪري سماج جي هر فرد کي گهرجي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ڪيو وڃي. علمي، سائنسي، ادبي ۽ پروگريسو بحث مباحثا ڪيا وڃن، سائنسي ۽ سماجي ٿيوريز تي بحث مباحثا ڪيا وڃن، ماڻهن کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اسان جي سنڌ جي ماڻهن کي مذهبي فرقيواريت، وڏيرن جي ڪمداري، پنهنجي سياسي نمائندن جي چمچاگيري، پنهنجن ڀوتارن جي خوشامند مان نڪري ڪري ترقي پسند سوچ ۽ هر فرقي، سياسي، سماجي گروهه کان مٿانهون ٿي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن ته جيئن سنڌ، سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪري هڪٻئي سان جوڙي سگهجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ هن وقت تاريخ جي اهڙي دور مان گذري رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سمورن ماڻهن کي قومي ايڪي، ٻڌي، مجموعي شعوري سگهه ۽ طاقت جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment