شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

ميگوئل لٽن جي ڪهاڻي گارشيا جي زباني


شام 04 لڳي 44 منٽ -خميس 09 اپريل 2020  461 
image-1

محبت، وبا جي ڏينھن ۾ چمڪندي آھي.(ميگوئل لِٽِن)

ھر ماڻھو جي اڪيلائيءَکي الڳ الڳ رنگ ھوندا آھن. آرٽسٽ جي اڪيلائيءَ جو وقت به عورت جي حمل واري وقت جھڙو ھوندو آھي. عورت ٻار کي جنم ڏئي ھن دنيا جي رنگينيءَ ۾ آڻيندي آھي ۽ وري ڪلاڪار پنھنجي ڪلا سان اھڙي دنيا تخليق ڪندو آھي جتي ماڻھو پاڻ کي نئين سر ڄمندي محسوس ڪندو آھي. فنڪار جا آلاپ ماڻھوءَ کي پنھنجي روح جي رڙ محسوس ٿيندا آھن، مصور جي رنگن جي شناس رکندڙ اکيون پنھنجي بي رنگ زندگيءَ جي لڪير کي فن پاري جي ڪنھن ڪنڊ ۾ تلاش ڪنديون آھن. شاعر جي سٽ ۾ اھا سگھه ھوندي آهي جو دل جي دٻيل شھر ۾ ڪنھن پراڻي خوشيءَ جا آثار ڳولڻ ۾ مدد ڪري.

لو ان دي ٽائيم آف ڪالرا، نو ون رائٽس ٽو ڪرنل، لو ائنڊ ادر ڊيمنز، انوسينٽ اريندرا ائنڊ هر هارٽليس گرانڊ مدر، ڪرانيڪل ڊيٿ آف فارٽولڊ، سميت انيڪ ڪھاڻيون لکندڙ گارشيا مارڪيز جو ماسٽر پيس سندس ناول”اڪيلائيءَ جا سؤ سال“  آھي. جنھن کي وڏي ۾ وڏو ادبي انعام نوبيل پرائيز مليو. پر ان کان اڳ ھن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات صحافت کان ڪئي. ڪينسر جي چڪاس کان پوءِ به ھن ھڪ ناول  Memories of my melancholy whoresلکيو, جنھن ۾ ھڪ اڪيلائي جو ماريل پوڙھو پنھنجي 90ھين سالگره تي ھڪ نوجوان ڪنواري ڇوڪريءَ سان ھمبستري ڪرڻ جو آرزومند ھوندو آھي. صحافتي ڪيريئر ۾ ھن جي شاندار ڪم ٻن ڪتابن جي صورت ۾ ادبي دنيا آڏو آيو. ھڪ News of kidnaping ۽ ٻيو Clandestine in Chile.چليءَ جي آمر پنوشي جڏھن چونڊيل حڪومت (پاپولر يونٽي-صدر آلندي) جو تختو اونڌو ڪيو ته ملڪ مان پنج ھزار ماڻھن سان گڏ ھڪڙو فلم ڊائريڪٽر پڻ جلاوطني اختيار ڪري ميڪسيڪو ۽ پوءِ اسپين ھليو ويندو آھي. ٻارنهن سالن کانپوءِ اھو ساڳيو ڊائريڪٽر پنھنجي سڃاڻپ ۽ حليو مٽائي پنھنجي زندگي خطري ۾ وجھي پنھنجي ملڪ چلي اچي ٿو ته جيئن ھو ھڪ آمر جي حڪومت ۾ عام چليءَ جي عڪس بندي ڪري ۽ دستاويزي فلم ٺاھي سگھي. ھو جڏھن پنھنجي ان خواب جو ذڪر دوستن سان ڪري ٿو ته انھن ان کي فقط خام خيالي سڏيو. بعد ۾ ان منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ چليءَ جي مزاحمتي پارٽي جي ھڪ اڳواڻ سان ملي ٿو، جيڪو ھن کي خواب کي ساڀيان ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڪجهھ وقت کانپوءِ ھي پنھنجا ٽي فلمي يونٽ ان ڪم لاءِ تيار ڪري ٿو. ان ڪم ۾ ھن لاءِ سڀ کان ڏکيو ڪم پنھنجي سڃاڻپ مٽائڻ ھوندو آهي. ان قصي کي گارشيا مارڪئيز ميگوئل لٽن کان ھڪ طويل انٽرويو جي صورت ۾ ارڙھن ڪلاڪ جي رڪارڊنگ ڪري بعد ۾ ان ۾ پنھنجي جادوئي نثر سانClandestine in Chile   ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ٿو .

ميگوئل لِٽِن لکي ٿو،

ھڪ ٻيو ماڻهو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، شخصيت جو بدلجڻ ھر روز جي جنگ آھي، جنھن ۾ پنھنجي ذات کي برقرار رکڻ جي خواھش ۾ اسان روز پاڻ تبديليءَ جي ارادي سان بغاوت ڪندا رھندا آھيون. منھنجو وڏو مسئلو سکڻ جو عمل نه پر جسماني بيھڪ ۽ لھه وچڙ جي لحاظ کان ان تبديلي خلاف غير شعوري منھنجي مزاحمت ھئي. مون کي پنھنجي ئي ذات جو انڪار ڪرڻو پيو، ان شخصيت کان جيڪا ھميشه کان منھنجي ھئي. ان استبدادي پوليس جي ھر امڪاني شڪ کان پاڻ کي ھڪ ٻئي روپ ۾ رنڱڻو ھيو، جنھن مون کي جلاوطن ڪيو ھيو. ٻن نفسياتي ماھرن ۽ ھڪ ميڪ اپ جي ماھر، چليءَ کان ھن ڳجھي آپريشن لاءِ موڪليا ويا. ٽن هفتن کان گھٽ وقت ۾، منھنجي جبلي خواھشن (جن سان منھنجي سڃاڻپ ظاھر جا امڪان ھئا) سان مزاحمت ڪندي، اھڙو معجزو ٿي ويو.

ميگوئل لٽن چوي ٿو ته ”ڪنھن لاءِ وطن اھا جاءِ ھوندو آھي جتي ھو ڄمندو آھي، پر اھا اھڙي جڳھه به آھي جتي ڪو دوست ھجي، جتي انصاف ھجي، اھڙي جاءِ به ٿي سگھي ٿي جتي ڪير به پنھنجي فن کي پيش ڪري سگھي.“

ڪتاب مان ڪجهھ چونڊ ٽڪرا.

”اھا پُلِ، جنھن سڀ ڪجھ ڏٺو“

زندگي ۽ موت جي ميلي ۾، ريڪوليٽا جي پُل ھڪڙي بي امتياز عاشق آھي، جنھن بازارن ۽ قبرستانن سان ھڪجھڙو سلوڪ ڪيو آھي. ڏينھن جو جنازن جا ھجوم پنھنجو رستو ٺاھيندا آھن. جڏھن ڪرفيو ناھي ھوندو ته رات جي وقت اھا ئي ريڪوليٽا پل آھي، جنھن جو رستو ناچ گھرن ڏانھن ويندو آھي، جتان جا بھترين رقاص ”ناچو“ ڏينھن جو گورڪن ”قبرون کوٽيندڙ“ ھوندا آھن. جمعي واري ڏينھن گھمندي ڦرندي، جنھن شيءِ مون کي وڌيڪ پاڻ ڏانھن ڇڪيو، اھا ٻن نوجوان جي محبت ھئي، ھو بي رحميءَ سان گذرندڙ وقت کان بي نياز ٿي ھڪٻئي جي چيلهھ ۾ ھٿ وجھي ، آھستي آھستي محبت ڪري رھيا ھئا. گھڻا سال اڳ مون اھڙي محبت پئرس جي رستن تي ڏٺي ھئي، مون کي سانتياگو جذبن جي شھر جي حيثيت سان ياد ھو. آئون اکين ڏٺو شاھد ھئس ته اھي شيون آھستي آھستي ختم ٿي رھيون ھيون ۽ مون سوچيو دنيا مان ختم ٿي رھيون آھن. مون کي خيال آيو ته وڏي عرصي کان ميڊريڊ ۾ ٻُڌڻ ۾ ناھي آيو ته ”محبت وبا جي ڏينھن ۾ چمڪندي آھي.“

ٻه مرحوم، جيڪي جيئرا آھن. سلواڊار آلندي ۽ پئبلو نرودا.

ماضي کي سلواڊار آلندي جي نالي سان زنده رکيو ويو ھو.اھو گروهه جيڪو ھن جي ياد جي ڪري گڏ ٿيو ھو، پھريان ئي ھڪ وڏي روايتي انداز ۾ پابليسيونز جي نالي سان مستحڪم ٿي چڪو ھو. اسان اھو ڄاڻڻ پئي گھريو ته عوام ڪھڙي ريت زندگي گذاري رھيو آھي؟ استبدادي حڪومت جي خلاف انھن جو رويو ڪھڙو آھي؟ ۽ انھن جي مزاحمت جو طريقو ڪھڙو ھيو؟ اسان جي سوالن جا جواب ڏاڍا تڪڙا بيباڪ ۽ آلندي جي يادن سان جڙيل ھئا، سڀني شاھدين جو مطلب ھڪ ئي ھيو ته اسان سدائين ھن کي ووٽ ڏنو آھي. آلندي جو انداز عوامي ھيو، ھو ماڻھن جي رسمن رواجن، انھن جي محرومين ۽ انھن جي خوابن کان واقف ھيو، ھو پنھنجي ذات جي حوالي سان عوام ۾ سڃاتو ويندو ھو. ملڪ جي ڊگھن دؤرن دوران اسان کي ڪا اھڙي جاءِ نه ملي جتي ھن پنھنجي ياد نه ڇڏي ھجي. سدائين ڪو نه ڪو اھڙو ماڻھو مليو جنھن سان ھن ھٿ ملايو ھيو. ھڪڙي ڪراڙي عورت کان جڏھن معلوم ڪيو ته ڇا تون به آلندي جي پرستار رھي چڪي ھئينءَ؟ ته ھن چيو ته ھيس نه، پر اڃان تائين آھيان.

”شاعري بدقسمتيءَ جو ترياق آھي“

نئين نسل ۾ نرودا جا چاھيندڙ به ھڪ گروهه جي صورت اختيار ڪري ويا آھن ۽ شاعر جو اڳوڻو گھر جيڪو ازلانيگرا وٽ سمنڊ ڪناري تي واقع آھي، ھاڻي ھڪ مقدس مقام بڻجي ويو آھي. نرودا جو ھي گھر سندس چاھيندڙن لاءِ ھاڻي ھڪ متبرڪ مقام آھي.ھوٽل تي انتظار ڪرڻ وقت خبر پئي ته ڪيئن نه نرودا پنھنجي علائقي ازلانيگرا جو روح بڻجي ويو آھي. ھو جڏھن اتي موجود ھوندو ھو ته نوجوان سندس ڪتاب Twenty love poems کي ھڪ گائيڊ طور کڻي ان جي چوڌاري گڏ ٿي ويندا ھئا. ھو صرف نرودا کان آٽوگراف وٺڻ يا ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ ايندا ھئا. ازلانيگرا ۾ نرودا جي گھر کي وڏيون ديوارون ڏنل ھيون، اتي پوليس جو پھرو ھو. گھر جا دروازا اندران تالن سان بند ھئا. درين تي اڇا پردا پيل ھئا ۽ شاعر جي موجودگي جو ڏس ڏيندڙ اڇو جھنڊو پنھنجي جاءِ تان گم ھو. ايتري اداسي جي وچ ۾ باغ ڪنھن نامعلوم خيال رکندڙ واري جي ھٿان وڌي ويجھي رھيو ھو. اسان جي پھچڻ کان ڪجھه عرصو اڳ نرودا جي گھرواري ميٽلڊي جھانُ ڇڏي چڪي ھئي. گھر جو فرنيچر، نرودا جا ڪتاب، نوادرات ۽ ھر قسم جي زميني شيءِ کي فوجي راتاھي کان پوءِ ھٽايو ويو ھو. نرودا جو ھڪ وينزويلائي دوست کيس چوندو ھو ته خراب ذائقو بدقسمتيءَ جي علامت آھي ۽ گڏ ڪيل نوادرات ھن لاءِ نڀاڳ ثابت ٿيندا. ان تي نرودا ٽھڪ ڏئي چوندو ھو ته ”شاعري بدقسمتيءَ جو ترياق آھي.“ نئون نسل نرودا جي رھائش گاهه وٽ اڪثر ايندو رھي ٿو، اھو نسل پنھنجا ننڍا ننڍا پيغام نرودا سان منسوب ڪن ٿا.....”مھرباني پئبلو تو اسان کي محبت ڪرڻ سيکاري.“

”اسان ايتري ئي محبت ڪرڻ ٿا چاھيون جيتري تو ڪئي“

ڪجھ اھڙا جملا به آھن، جن کي فوجي سپاھي ڊاھي ناھن سگھيا.

”جنرل...! محبت مري نه ٿي سگھي.“

”آلندي ۽ نرودا زنده آھن“

ڪتاب ۾ دلچسپ موڙ تڏھن تو اچي جڏھن ھو پنھنجي جيجل ماءُ سان ملڻ لاءِ پنھنجي گھر اچي ٿو پر سندس ميڪ اپ ۽ مٽايل حليي سبب ھو کيس نه ٿي سڃاڻي ۽ بعد ۾ ھو کيس ٻڌائي ٿو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment