شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

ڪورونا وائرس جو نه ڪو مذهب آهي ۽ نه ئي رنگ ونسل‎


شام 08 لڳي 23 منٽ -ڇنڇر 04 اپريل 2020  175 
image-1

منهنجي ھڪ دوست ھڪ دفعو مون کي ٻڌايو ته "اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرديس وڃڻ کان پھريان مون کي وڏي ڏاڙهي ھوندي ھئي جيڪا پرديس ۾ ڪجھ مجبورين جي ڪري ننڍي ڪرائي ڇڏي، موڪلن ۾ ڳوٺ آيس ته ھڪ واقفڪار مون کي چيو ته تون وڏي ڏاڙهي سان مون کي ڏاڍو وڻندو ھئين، ھاڻي تمام برو ٿو لڳين، جنهن تي مون کيس چيو ته وڻندو ته مان توکي اڳي به ڪو نه ھئس باقي ڏاڙهي جو بھانو ڪيو اٿئي". اهو ساڳيو حشر اسان ھاڻي ڪري رهيا آهيون، ڪورونا جي آڙ ۾ پنهنجي اندر جون نفرتون ۽ ڪدورتون ڪڍي رھيا آھيون. ڪورونا جيسيتائين چين ۾ ھو ته مذهبي ماڻهو چئي رهيا هئا ته چيني ته آهن ئي ڪافر ۽ حرام کائيندڙ، وائرس انهن کي نه لڳندو ته ٻيو ڪنهن کي لڳندو؟ اسان ته مسلمان آهيون، پنج وقت نماز لاءِ وضو ڪيون ٿا، سادي زندگي گذاريون ٿا، حلال کائون ٿا(هتي حلال مان مراد کائڻ جون حلال شيون آهن باقي اسان جي ڪمائي ڪيتري حق حلال جي آهي اها سڀني کي خبر آهي) ، اھو وائرس اسان کي ڪجھ به نه ڪندو. وري جڏهن ايران رستي اھو وائرس خير سان پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيو ته ھر ماڻھو جي وات تي ھو ته اھو شيعن جي ڪري ڦيليو آهي، ھاڻي وري تبليغي نشاني تي آهن، اڳيون ٽارگيٽ خدا ڄاڻي ڪير ھوندو؟ ٻيلي ڏاها ٿيو، ھي وچڙندڙ بيماري آهي، ھي نه ڏسندي ملڪ، نه ڏسندي توهان جو مذهب ۽ مسلڪ، نه جانچيندي توھان جو رنگ ۽ نسل، نه ڏسندي توهان جي ڊگري ۽ پيشو ۽ نه ئي فرق ڪندي امير ۽ غريب ۾. بي شڪ چينن وانگر اسان ڪتا ٻلا، چمڙا ۽ نانگ بلائون نٿا کائون پر ڇا اسان جا ڀڀ حرام مالن سان نه ڀريا پيا آهن؟ ڇا دنيا جهان جون برائيون اسان ۾ نه آهن؟ اسان سمجهون ٿا ته اسان جو دين سڀ کان سچو دين آهي پر ڇا اسان ۾ رتي برابر به سچائي آهي؟ اسان جو نبي اعلى ترين اخلاق جو صاحب هو پر ڇا اسان جي اندر ان اخلاق جو هزاروون حصو به موجود آهي؟ اچو ته پنهنجي من ۾ جھاتي پايون، جيئن سينيٽائزر ملي ملي ھٿن کي جرڪيايو آهي ائين ئي روحاني اسپري سان پنهنجي اندر جي غلاظت کي صاف ڪيون، جيئن منھن تي ماسڪ چاڙهيو آهي ائين ئي پنهنجي اکين تي حيا جي پٽي ٻڌون، دلين تي تقوى جو غلاف چاڙھيون، جيئن سماجي دوري اختيار ڪئي آهي ائين ئي گناھن کان دوري اختيار ڪيون، جيئن ڪورونا جي آڙ ۾ هڪ ٻئي جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي پٺيان پئجي ويا آهيون ائين ئي پنهنجي ڪروڌي انا جي بت کي پاش پاش ڪيون،گناهن جي وائرس کي نيڪيء جي سينيٽائزر سان ڌوئون، اسفل السافلين جي قوارنٽائن مان نڪري واپس احسن تقويم جي مقام ڏانهن سفر جي شروعات ڪيون.

جڏهن بيماري بنا رنگ، نسل، مسلڪ، مذهب، رتبي ۽ مقام جي تفريق جي حملہ آور ٿي آھي ته اچو ته اسان به پنهنجي انائن جون زنجيرون ٽوڙيون، مسلڪي ۽ مذهبي تعصبن کي ھڪ پاسي رکي انسانيت خاطر ھڪ ٿيون ۽ ھڪ ٻئي تي اجائي جا الزام ھڻڻ بجاءِ ھڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي ٿيون ۽ ھن موذي مرض جي پاڙ پٽڻ ۾ پنهنجو حصو وجهون.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment