شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

مهلڪ وبائي بيمارين دوران نمازن جي ادائگي


صبح 02 لڳي 41 منٽ -جمعو 03 اپريل 2020  394 
image-1

موجوده لاڪ ڊاؤن واري صورتحال ۾ جٿي زندگيء جو هر پاسو متاثر ٿيو آهي اتي ڪئي مذهبي مونجهارا به پيدا ٿيا آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو مسجد جي بجائي گهر ۾ نماز پڙهڻ آهي، حڪومت مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سان مشاورت ڪرڻ کان پوء اهو فيصلو ڪيو آهي ته نماز باجماعت کي هي وبا ٽرڻ تائين موقوف ڪجي ۽ گهر ۾ نماز ادا ڪجي پر عام ماڻهو اهو فيصلو تسليم ڪرڻ لاء دل سان آماده نه ٿيا آهن. خاص طور تي جمعي جي نماز لاء گھڻا دوست ٻڏتر ۾ آهن ته جمعي جي نماز مسجد ۾ جماعت سان پڙهجي يا گهر ۾ ظھر جي نماز ادا ڪجي. جنهن جو سبب ڪجه غلط فهميون آهن جن جو دور ٿيڻ ضروري آهي.

ان سلسلي ۾ مان پنهنجي راءِ توهان سان شيئر ڪرڻ چاهيندس ته گھر ۾ رھي ظھر جي نماز ادا ڪرڻ بھتر آهي. ان لاءِ ھيٺيان دليل آهن:
 
1- اھو گورنمينٽ جو فيصلو آهي ۽ بحيثيت شهري اسان ان فيصلي تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون قرآن ۾ آهي اي ايمان وارو اطاعت ڪيو الله جي، سندس رسول جي ۽ اختيار وارن جي (النساء :59).متان ڪنهن کي اهو شبهو ٿي ته اختيار وارن جو حڪم جيڪڏهن الله ۽ رسول جي مخالفت ۾ هجي ته اهڙو حڪم نه مڃڻ کپي جيئن بخاري شريف  جي هڪ حديث ۾ آيل آهي ته ان جو جواب ان ساڳي آيت جي ٻي حصي ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن امر ۾ توهان جي درميان اختلاف ٿي وڃي ته معاملي کي الله ۽ ان جي رسول جي احڪامات جي روشنيء ۾ جانچيو. هن مسئلي ۾ جڏهن اسان قرآن ڏانهن رجوع ڪيون ٿا ته اسان کي خبر پئي ٿي ته خوف جي حالت ۾ هلندي يا سواريء تي سوار هوندي نماز پڙهڻ جي اجازت آهي (ڏسو سوره بقره آيت نمبر ۲۳۹). ظاهر آهي ته هلندي يا سواريء ۾ (ان دور جي) نماز با جماعت جو تصور محال آهي. ٻي پاسي وري حديثن جا ڪتاب به اهڙن روايتن سان ڀريا پيا آهن جن ۾ مينهن يا ڪنهن خطري سببان نبي صلي الله عليه وسلم جن نمازن کي گڏائي پڙهيو ايسيتائين جو هڪ دفعو بغير ڪنهن عذر جي به ايئن ڪيائون (ڏسو صحيح مسلم ڪتاب صلاة المسافرين، باب الجمع بين الصلاتين في السفر). بعض دفعه جماعت سان ته ڇا نبي سائينء جن کان نماز قضا به ٿي وئي جيئن غزوه خندق جي موقعي تي کانئن عصر جي نماز رهجي وئي جيڪا پاڻ مغرب وقت ادا ڪيائون. هونئن به حڪومت جو هي حڪم اسلام دشمنيء ۾ نه بلڪه خالص طبي بنيادن تي آهي.

2- الله سائينء جا سڀ حڪم انسان جي وسعت ۽ طاقت مطابق هوندا آهن. ان مضمون جون آيتون قرآن ۾ ڪيئين جڳهن تي آيل آهن مثال طور سوره بقره جي آخري آيت ۾ آهي: لا يڪلف الله نفسا الا وسعها يعني الله سائين ڪنهن کي به سندس وس کان ٻاهر ڪو عمل ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻيء سان وضو ڪرڻ ممڪن نه هجي ته تيمم جي سهولت ڏني وئي آهي، سفر ۽ مرض جي حالت ۾ روزي جي ڇوٽ آهي، سفر جي حالت ۾ نماز اڌ ٿي وڃي ٿي، بيهي نماز پڙهڻ ممڪن نه هجي ته ويهي پڙهجي، ويهي پڙهڻ به ممڪن نه هجي ته اشارن سان پڙهجي. هڪ عورت مالدار آهي ۽ حج جا سڀئي خرچ برداشت ڪري سگهي ٿي پر محرم نه اٿس ته مٿانئس حج ساقط ٿي وڃي ٿو. ساڳي ريت جيڪڏهن ڪو ملڪ حالت جنگ ۾ هجي ۽ حج جي ڏينهن ۾ مڪي ڏانهن سفر ڪرڻ ممڪن نه هجي ته پوري ملڪ جي صاحب اسطاعت ماڻهن تان ان سال حج ساقط ٿي وڃي ٿو. هيء به اهڙي ئي هڪ ڪيفيت آهي جنهن ۾ باجماعت نماز پڙهڻ سان نقصان جو انديشو آهي ان ڪري گهر ۾ پڙهڻ بهتر آهي.

3- تدبير اختيار ڪرڻ توڪل جي خلاف نه آهي. اڪثر ماڻهو ان ۾ منجهيل رهندا آهن ته جيڪڏهن اسان خوف جي ڪري جماعت سان نماز نه پڙهي ته معني اسان جو الله تي توڪل نه آهي حالانڪه ائين هرگز نه آهي. نبي صلي الله عليه وسلم جن تدبير اختيار ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. ترمذي شريف ۾ حضرت انس رض کان روايت آهي ته هڪ ماڻهو نبي سائينء جن وٽ آيو، ساڻس ڏاچي هئي. پاڻ صلي الله عليه وسلم جن کان پڇيائين: ڏاچيء کي ٻڌي الله تي توڪل ڪيان يا ڇڙيو ڇڏيانس ۽ توڪل علي الله ڪيان؟ پاڻ فرمايائون: ٻڌينس ۽ پوء الله تي توڪل رک. صحيحين ۾ حديث آهي ته نبي سائينء جن کي اطلاع پهتو ته ڪجه ماڻهو رات جو روشنيء خاطر باه ٻاري سمهن ٿا ته پاڻ فرمايائون: اها باه توهان جي دشمن آهي ان کي وسائيندا ڪيو. ان باب ۾ ڪيئي حديثون ۽ نبي جن جو تعامل پيش ڪري سگهجي ٿو، حاصل اهو آهي ته تدبير اختيار ڪرڻ توڪل جي خلاف نه آهي. ان ڪري تدبيرن ترڪ جماعت ۾ ڪو حرج نه آهي.

4- هي هڪ عارضي حڪم آهي. ظاهر آهي ته هيء هڪ عارضي ڪيفيت آهي، هميشه لاء ته نماز با جماعت کان نه روڪيو ويو آهي. جيئن ئي حالات صحيح ٿيندا ته انشاء الله ساڳي جوش ۽ جذبي سان نمازون باجماعت ادا ڪنداسين. فقه جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ماڻهوء کي خبر نه هجي ته هو سفر ۾ ڪيترا ڏينهن هوندو ته ان اڻ يقينيء واري ڪيفيت ۾ هو قصر ڪندو رهندو ڀلي پندرهن ڏيهن کان مٿي عرصو گذري وڃي.اهو به ڄاڻڻ کپي ته هي ڪو پهريون دفعو نه آهي جو وبائي ڪيفيت ۾ نماز باجماعت کي عارضي طور تي موقوف ڪيو ويو آهي بلڪه ان کان اڳ به تاريخ ۾ ڪيئي دفعا ائين ٿي چڪو آهي.

5- نماز باجماعت کي موقوف ڪرڻ جو حڪم خالصتن طبي بنيادن تي آهي. ظاهر آ حڪمران اسلام جا دشمن ته نه آهن جو انهن اسلام دشمنيء ۾ اهو حڪم ڏنو هجي بلڪه هي حڪم اسان جي حفاظت جي خاطر آهي ۽ مقاصد شريعت جو اولين ترين اصول حفظ جان آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اضطراري ڪيفيت جنهن ۾ جان کي خطرو هجي ته حرام شيون به حلال ٿي وينديون آهن. هن وقت ته اهڙي صورتحال درپيش آهي جنهن ۾ پنهنجي جان کي ته خطرو آهي ئي پر اڻ ڄاڻائيء ۾ ماڻهو ٻي جي جان کي به خطري ۾ وجهي سگهي ٿو.

نبي صلي الله عليه وسلم جن جو هي فرمان به اسان کي اهو سبق ڏئي پيو ته هن وقت وڌ ۾ وڌ گهر ۾ رهجي، پاڻ فرمايائون: جيڪو ماڻهو طاعون جي ڪري گهر ۾ رهي، صبر ڪري ۽ الله مان اجر جي اميد رکي ۽ ڄاڻي ته کيس اهو ئي پهچندو جيڪو الله سندس لاء مقرر ڪيو هوندو ته کيس هڪ شهيد جو اجر ملندو. (مسند احمد ۽ الاسماء والصفات للبيهقي).هي حديث پاڪ تدبير ۽ تقدير جي درميان توازن قائم رکڻ جو بهترين مثال آهي.منهنجي راء ۾ موجوده صورتحال ۾ گهر ۾ رهي نمازون ادا ڪرڻ کپن ۽ سماجي دوريء جي سڀني اصولن تي عمل ڪري پاڻ کي ۽ ٻين کي هن وبائي مرض کان بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ کپي. گهر ۾ نماز ادا ڪرڻ سان اسان جي اجر ۾ ڪا به ڪمي نه ايندي ۽ مٿي بيان ڪيل حديث جي موافق اجر جا مستحق ٿينداسين. الله سائين اسان جي حال تي رحم ڪري ۽ سڄي جهان تي پنهنجي ٻاجه ڪري.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment