شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

ڪورونا وائرس: انسان ذات جي بقا لاءِ خطري جي گهنٽي


شام 05 لڳي 28 منٽ -سومر 23 مارچ 2020  145 
image-1


گڏيل قومن طرفان 2019ع ۾ دنيا جي آدمشماري بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب دنيا ۾ انسان ذات جي آبادي 7.7 بلين تائين اچي پهتي آهي. جيڪا ڏينهون ڏينهن تمام تيزيءَ سان وڌندي پئي وڃي. هن وقت ڌرتيءَ تي انسان ذات جي مڪمل آبادي مختلف سببن جي ڪري خطري هيٺ آهي. مجموعي طور تي دنيا ۾ هن وقت انسان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن وقت دنيا ۾ ڦهلجندڙ ڪورونا وائرس انسان وجود جي بقا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي چڪو آهي.

ڊسمبر 2019ع ۾ چين جي معاشي حب ”ووهان“ شهر ۾ نروار ٿيل ڪورونا وائرس هن وقت تائين دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. عالمي صحت واري اداري ڊبليو ايڇ او طرفان ڪورونا وائرس کي عالمي وبا قرار ڏنو ويو آهي. جيڪا تمام تيزيءَ سان هن وقت تائين لڳ ڀڳ سڄي دنيا ۾ ڦهلجي چڪي آهي. ڊبليو ايڇ او ۽ آمريڪي صحت جي اداري طرفان دنيا جي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب دنيا ۾ صرف پوين گذريل 10 ڏينهن ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد ٻيڻو ٿي چڪو آهي. 22 مارچ جي انٽرنيشنل تصديق ٿيل رپورٽن موجب ڪورونا وائرس هن وقت تائين دنيا جي 170 ملڪن ۾ ڦهلجي چڪو آهي، ان وائرس مان 3 لک 7 هزار 280 ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن ۽ دنيا ۾ 13 هزار 49 ماڻهو هن وائرس جي ڪري موت جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ انهن مجموعي مريضن مان 93 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو صحتياب پڻ ٿي چڪا آهن ۽ وري انهن مان 70 هزار صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعلق چين سان آهي.

هن وقت ڪورونا وائرس جي ڪري دنيا ۾ ٿرٿلو متل آهي. هيستائين جن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا وائرس تباهي مچائي آهي، انهن ۾ سرفهرست چين، اٽلي، ايران، آمريڪا، جرمني، فرانس ۽ برطانيا آهن. جيڪڏهن سراسري طور انهن ملڪن جو جائزو ورتو وڃي ته تصديق ٿيل انگ اکر هيٺين ريت آهن.

چين ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيل ماڻهن جو انگ 81 هزار کان مٿي آهي، جيڪي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن ۽ 3267 ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن. مجموعي طور تي چين هن وقت گهڻي ڀاڱي ڪورونا وائرس تي پنهنجي مضبوط حڪمت عملي جي سبب ڪنٽرول ڪري چڪو آهي. چين کانپوءِ جنهن ملڪ ۾ ڪورونا سڀ کان وڌيڪ تباهي مچائي آهي، اهو آهي اٽلي. هن ملڪ ۾ هن وقت تائين متاثر مريضن جو تعداد 53 هزار 578 آهي ۽ اٽليءَ ۾ سڄي دنيا کان وڌيڪ 5 هزار 578 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. اٽلي هن وقت مڪمل طور لاڪ ڊائون جو شڪار آهي. ٽئين نمبر تي ڪورونا وائرس سبب ايران وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ايران ۾ هن وقت تائين 21638 ماڻهو هن وائرس کان متاثر ٿي چڪا آهن ۽ 1685 ماڻهو موت جي وادين ۾ هليا ويا آهن. آمريڪا ۾ 22 مارچ جي رپورٽن موجب ڪورونا وائرس جي شڪار ٿيل ماڻهن جو انگ 27 هزار 120 تائين پهچي چڪو آهي ۽ 349 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. جرمنيءَ ۾ متاثر مريضن جو انگ 22 هزار 364 ٿي چڪو آهي ۽ اتي مري ويلن جو انگ 84 آهي، جرمنيءَ ۾ به جزوي لاڪ ڊائون لاڳو ٿيل آهي. فرانس ۾ هن وقت تائين ئي تازين رپورٽس موجب 14 هزار 485 مريضن جو انگ آهي ۽ اتي 562 ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن. برطانيا ۾ ڪرونا وائرس متاثر مريضن جو انگ 6 هزار 635 تائين وڃي پهتو آهي ۽ اتي مري ويلن جو انگ 80 تائين رپورٽ ٿيو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس متاثرن جو تعداد 757 تائين پهتو آهي. جن مان سنڌ ۾ 333، پنجاب ۾ 222، اسلام آباد ۾ 11، بلوچستان ۾ 104، خيبرپختونخواهه ۾ 31، آزاد ڪشمير ۾ هڪ، گلگت بلتستان ۾ 55 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. پوري پاڪستان ۾ هن وقت تائين وائرس متاثر 5 مريض صحتياب پڻ ٿي چڪا آهن ۽ 4 ڄڻا موت جو کاڄ بڻيا آهن.

هن وقت دنيا جي ملڪن ۾ ٿرٿلو متل آهي. ڪورونا وائرس بنا ڪنهن رنگ، نسل، جنس، مذهب ۽ فرقي جي فرق جي بنياد تي ماڻهن کي پنهنجو شڪار ڪري رهيو آهي. هن وائرس جي ڪري دنيا جي وڏن وڏن مذهبن جي عبادتگاهن کي تالا لڳي چڪا آهن. ڪورونا وائرس دنيا ۾ بنا ڪنهن فرق جي هڙئي مذهبي عبادتگاهون، مسجدون، مندر، تفريح جا ميدان، درسگاهون، درگاهون آمدرفت جي بندرگاهن ۽ تفريح جي ماڳن کي تالا هڻائي ڇڏيا آهن. دنيا ٿوري گهڻي فرق سان لاڪ ڊائون جو شڪار آهي. هن وقت دنيا ۾ معاشي ايمرجنسي واري صورتحال آهي، پوري دنيا ۾ جيڪي ملڪ طاقتور ترين تصور ڪيا ويندا آهن، انهن جا بنياد ئي لڏي چڪا آهن. انهن جي معيشتن کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. لڳ ڀڳ دنيا ۾ کربين ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ صورتحال اڃا خراب ٿيندي پئي وڃي.

پاڪستان دنيا جو هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو هڪ ملڪ گهٽ تجربيگاهه وڌيڪ لڳندو آهي. جتي 70 سالن جي تاريخ ۾ رڳو سياسي تجربا ئي ڪيا ويا آهن. ٿلهي ليکي جن به سياسي پارٽين جون نالي ماتر جمهوري حڪومتون ٺهيون آهن، انهن جي حقيقت کان هر باشعور ماڻهو واقف هوندو. بنيادي طور هڪ ڪرڪيٽر عمران خان جڏهن کان پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو آهي، ان ڏينهن کان وٺي هن ملڪ ۾ ملڪي مشينريءَ سان لاڳاپيل هر شعبو بحران جو شڪار ٿيو آهي. عمران خان وزيراعظم گهٽ يوٽرن اعظم جو درجو وڌيڪ رکي ٿو. هن وٽ ڪنهن به قسم جي ڪا پائيدار حڪمت عملي ئي موجود نه آهي. پاڪستان ۾ جڏهن کان وٺي عمران خان وزيراعظم جي ڪرسي تي ويٺو آهي، ان ڏينهن کان وٺي ان طرفان ڪو به اهڙو مثبت قدم ناهي کنيو ويو، جنهن جو سڌي ريت هيٺئين غريب طبقي کي ڪو فائدو رسيو هجي. هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پوري دنيا لاڪ ڊائون جو شڪار آهي، قومن جا سربراهه پنهنجي عوام کي مختلف قسم جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ۽ انهن کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهيا آهن، ان صورتحال ۾ اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جو وزيراعظم خبر ناهي ڪهڙي ذهنيت جو مالڪ آهي جو ملڪ جون سرحدون به کولڻ جو اعلان ڪري ٿو ۽ ٻين ملڪن مان ايندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ نه ڪرڻ به اعلان ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته انهن جي اسڪريننگ جي ضرورت ناهي.

ايران مان آيل هزارين ماڻهن کي پهرين ته بنا ڪنهن اسڪريننگ جي پنجاب ۾ داخل ڪيو ويو ۽ وري تفتان جي بارڊر تي جيڪي پازيٽو مريض صحتمند ماڻهن سان گڏجي سفر ڪري پهتا، انهن ڪورونا پازيٽو مريضن کي به ٻين سڀني ماڻهن سان گڏ ترسايو ويو. نه ته ڪنهن قسم جون سهولتون ڏنيون ويون ۽ نه وري ڪنهن قسم جي حڪمت عملي ذريعي وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مريضن کي قرنطينه ۾ رکيو ويو. عمران خان نيازي قوم کي خطاب دوران چوي ٿو ته: ”اسان لاڪ ڊائون نٿا ڪري سگهون، لاڪ ڊائون ڪنداسين ته عوام بکن ۾ مري ويندو ۽ هو عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪري چوي ٿو ته اسان وٽ اڃا اٽلي جهڙي صورتحال ناهي، جڏهن صورتحال ٿي ته اسان به لاڪ ڊائون ڪنداسين.“ ان جي چوڻ جو مطلب آهي ته اٽلي وانگر جڏهن هتي به سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو مرندا ته پوءِ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. عمران نيازي مان سڀ کان پهرين ڳالهه ته ڪنهن به قسم جي ڪا چڱائي جي اميد ناهي ۽ نه ئي وري عوام کي رکڻ گهرجي، ڇو ته هن وقت تائين معمولي رقم جي ماسڪ جي به سهولت عوام کي جيڪو نه ڏئي سگهيو آهي، اهو اڳتي هلي ڪهڙا قدم کڻندو. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه جو ڪردار تمام مثبت رهيو آهي. سوشل ميڊيا کان وٺي هر باشعور فرد تائين هن جي قدمن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن وقتائتا ۽ بهتر قدم کڻي هن وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ اڄ پوري سنڌ ۾ اڄ رات 12 بجي کان 15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ مثبت قدم آهي.

هن وقت ڪورونا وائرس جي ڪري دنيا جي انسان ذات جون نظرون سائنسي ليبارٽرين ۾ کتل آهن، ڇو ته اهو انقلاب جو ڪم سائنس ئي ڪري سگهي ٿي. اڄ ڏينهن تائين دنيا ڀر ۾ مذهبي پيشوائن چاهي اهي ڪهڙي به مذهب سان لاڳاپيل هجن، انهن اڄ ڏينهن تائين صرف عوام کي لٽيو ۽ ڦريو ئي آهي ۽ مذهبي عقيدن، وهمن، وسوسن ۽ مفروضن ۾ انسانن کي جڪڙي رکيو آهي. ڪورونا وائرس هڙئي مذهبي عبادتگاهن کي تالا هڻائي ڇڏيا آهن، سنڌ ۾ به سرڪاري طور تي درگاهون بند ڪيون ويون آهن، جيڪي عام مسڪين ماڻهن کي ڦرلٽ جو ذريعو ئي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته چندي جي نالي ۾ ڪروڙين روپيا ڪنهن جي کيسن ۾ ٿا وڃن هر باشعور ماڻهو ان کان واقف آهي. تنهنڪري آئينده لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي به پنهنجون اکيون کولڻ گهرجن ۽ حقيقتن کي سمجهڻ گهرجي، دنيا تمام اڳتي نڪري چڪي آهي، سنڌ جي ماڻهن کي به هاڻي ڦرلٽ جي مرڪز بڻيل درگاهن کان جان آجي ڪرڻ گهرجي ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌجي.

هن وقت انسان ذات بنا ڪنهن رنگ، نسل، مذهب ۽ جنس جي فرق جي خطري هيٺ آهي. هر باشعور فرد کي پنهنجو پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هي ڪا ڪنهن هڪ مذهب، فرقي ۽ قوم جي ڳالهه ناهي، هن وقت پوري انسان ذات جي بقا جي ڳالهه آهي. تنهن ڪري سڀني کي پنهنجو پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هن وائرس کي مات ڏئي سگهجي ۽ آئينده ايندڙ مصيبتن کي به سائنسي بنيادن تي شڪست ڏئي سگهجي.

هڪ تلخ حقيقت اها به آهي ته هن وقت خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن جي ڪائونسلنگ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ کي اسان جي سنڌي ڀائرن هڪ اهڙي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي، جتي رڳو فضول جا حوال، ڀوڳ چرچا، مذاق مستيون، وڏيرن جي چاپلوسي، هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ، مري ويلن لاءِ تعزيتون ڪرڻ، اٿندي ويهندي سيلفيون ڪڍي شيئر ڪرڻ جو هڪڙو پليٽ فارم بڻائي ڇڏيو آهي. فيس بوڪ تي هرڪو پنهنجو پاڻ کي ارسطو ۽ سقراط سمجهي ٿو. انهن جي ذهني صحت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهي، انهن جي مناسب نفسياتي علاج جي سخت ضرورت آهي. ڇو ته اهڙي قسم جي ذهني حالت اسان جي سنڌي سماج لاءِ خطرو آهي. ڪورونا وائرس هڪ عالمي وبا طور هن ڌرتيءَ جي گولي تي نروار ٿي آهي، جنهن کي شڪست ڏيڻ لاءِ سنجيده سوچ ۽ اپائن جي ضرورت آهي. اسان وٽ فيس بوڪ تي ماڻهو ٽوڻن، ڦيڻن، ورد وظيفن ۽ توڪل جي بنياد تي اهڙي اهڙي قسم جون ڳالهيون شيئر ڪري رهيا آهن، جن تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. پهرين جڏهن ڪورونا چين ۾ ظاهر ٿيو ته انهن ئي فيس جي دانشورن ۽ پنهنجو پاڻ کي مذهبي ٺيڪيدار سمجهندڙ ماڻهن اهي ئي تبصرا ڪيا ته چيني حرام شيون کائين ٿا، انهن جي ڪري انهن تي اهو عذاب نازل ٿيو آهي، وري جڏهن اهو وائرس دنيا ۾ پکڙي هتي به پهتو ته اهي نفسياتي مريض چوڻ لڳا ته اها اسان تي آزمائش آهي. فيس بوڪ تي ڪورونا کان بچاءَ لاءِ پڙهيا لکيا چڱا ڀلا ماڻهو به اهڙي قسم جي مردار ذهنيت وارا عجيب غريب نسخا، تجويزون ۽ هدايتون جاري ڪري رهيا آهن، جيڪي گمراهي کانسواءِ ڪجهه به ناهن. ڪورونا مرض ڪنهن به ٽوڻي ڦيڻي، جادوئي ٽوٽڪي، ڌاڳي سڳي سان نه پر طبعي ۽ سائنسي بنيادن تحت ٿيندڙ علاج سان ئي ختم ٿي سگهي ٿو.

تنهنڪري سڀني باشعور فردن کي ان عالمي وبا کان بچاءَ لاءِ جيڪي ڊبليو ايڇ او طرفان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، انهن تي عمل ڪيو وڃي، جيترو ممڪن ٿي سگهي غير ضروري ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪجي، اوڙي پاڙي جي ضرورتمند غريب ماڻهن جو خيال ڪجي. سنڌ حڪومت جي اعلانيل لاڪ ڊائون دوران قانون تي عمل ڪجي. هر قسم جي سماجي ميل جول کان پاسو ڪجي، ڇو ته هن وقت پاڻ احتياط ئي ڪري سگهون ٿا، جيڪو ڪرڻ گهرجي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment