شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 27 - مئي - 2020ع

عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ صنفي اڻبرابري


شام 04 لڳي 02 منٽ -آچر 08 مارچ 2020  276 
image-1


پاڪستان سميت دنيا ڀر ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهنملهايو پيو وڃي، مختلف تنظيمن ۽ ادارن طرفان هن ڏينهن جي مناسبت سان، تقريبون، سيمينار، ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن، جيڪا سماج ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان آگاهي لاءَ هڪ مناسب ڪوشش آهي، جنهن جي مدد سان عالمي برادريءَ جي ترقيءَ ۾ عورتن جي ڪردار جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ ۽ تسليم ڪرڻ آهي. آبادي جي لحاظ کان عورتون اسان جي سماج جو اڌ حصو آهن، ان جي باوجود عورتن جا حق ادا نٿا ڪيا وڃن. ملڪي سطح تي عورتن جي تعمير ۽ ترقي لاءَ به اعلان ڪيا ويندا آهن پر انهن تي عمل نه هئڻ برابر آهي ان مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ جي هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ به عورتن جي سماجي اهميت ٻي درجي جي فرد واري آهي.

 اها حقيقت هڪ عالمگير سچائي جي صورت ۾ سامهون اچي چڪي آهي ته اُهي ئي سماج بهتر طور تي ترقي ڪري سگهن ٿا جن ۾ عورتن جي اهميت کي تسليم ڪندي انهن کي برابريءَ جا حق ڏنا ويا آهن. گڏيل قومن جي 193 ميمبر ملڪن پاران جٽادار ترقي وارن هدفن جو بنياد ”يونائٽيڊ نيشنسز ڪانفرس آن سسٽينبل ڊولپمينٽ2012“ ۾ برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۾ رکيو ويو جنهن جو مقصد هو ته دنيا کي ايندڙ معاشي، ماحولياتي ۽ سياسي چيليجز مان ٻاهر ڪڍيو وڃي جٽادار ترقي وارا ڪل 17 هدف مقرر ٿيل آهن جنهن ۾ جٽادار ترقي وارو هدف نمبر 5 ” صنفي برابري“ آهي، جنهن جو مقصد آهي ته عورتن ۽ ڇوڪرين کي برابري جا موقعا فراهم ڪري سگھارو ۽ مضبوط ڪرڻ آهي، جٽادار ترقي وارو هدف نمبر 5 ٻڌائي ٿو ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن کي اڳيان رکيو وڃي ۽ صنفي متڀيد ۽ اڻبرابري ختم ڪري عورتن کي مضبوط ۽ محفوظ ڪيو وڃي. جٽادار ترقي وارو حهدف نمبر 5 واضح ڪري ٿو ته سماج ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين سان جيڪي به مسئلا درپيش آهن، انهن کي رياست ترجيح بنيادن تي حل ڪري عورتن ۽ ڇوڪرين مان مايوسي ختم ڪري ۽ انهن لاءِ ترقي جا موقعا پيدا ڪري انهن جي آواز کي سگھارو بڻايو وڃي.

گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ پاڪستاني عورتن جي ڀوائتي تصوير پيش ڪئي آهي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ عورتن جي اڪثرتي آبادي، ترقي، تعليم، خوارڪ صنفي برابري ۽ بنيادي صحت جي معاملن به گهڻو ڀيرا پوئتي آهي ۽ سندن صحت جي معاملن ۾ انهن کان راءِ معلوم نٿي ڪئي وڃي. ٻهراڙي جي غريب ترين علائقن سان تعلق رکندڙ 98 سيڪڙو عورتون تعليم ۾ تمام گهڻو پئتي آهن ۽ سندن صحت جي معاملن ۾ انهن کان راءِ معلوم نٿي ڪئي وڃي، اها رپورٽ ورلڊ ليڊرس ڪانفرنس جي 2030ع جي مستحڪم ترقي بابت ايجنڊا طئه ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ جاري ٿي آهي. رپورٽ ۾ صنفي برابريءَ جي حوالي سان تفصيل آهن ته پاڪستان انهن 04 ملڪن ۾ شامل آهي جتي 18 کان 49 سالن جي ڄمار جون 4.8 ملين عورتون سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ گولس جي ٽارگيٽ تحت تمام گهڻو پوئتي آهن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ورلڊ ليڊرس ڪانفرنس ۾ 17سسٽينبل ڊولپمنٽ گولس طئي ڪيا ويا آهن جن کي پورو ڪرڻ لاءِ 2030ع جو وقت ڏنو ويو آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 18 کان 49 سالن جون ڇوڪرين ۽ عورتن ۾ 48% پنهنجي صحت جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي عورت سان هر معاملي ۾ امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي.

عورتن خلاف هر قسم جي متڀيد جي خاتمي جو معاهدو (CEDAW) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 18 آڪٽوبر 1979ع ۾ منظور ڪيو. 3 سيپٽمبر 1981ع ۾ جڏهن 20 ملڪن ان تي رضامندي ڏيکاري ته پوءِ هڪ بين الاقوامي معاهدي جي شڪل ۾ وجود ۾ آيو. پاڪستان حڪومت بيجنگ پليٽ فارم آف ايڪشن سان وابستگي ظاهر ڪندي هن معاهدي کي 12 مارچ 1996ع تي تصديق ڪئي. هي معاهدو 30 آرٽيڪل تي مشتمل آهي.

انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ 100000 ٻارن جي پيدائش دوران 178 مائرون موت  جو شڪار ٿين ٿيون، جڏهن ته صرف 30 سيڪڙو ڊليوريز (ڄم) تربيت يافته دائيون، مڊ وائيف يا ڊاڪٽر ڪرائين ٿيون. پاڪستان ۾ ٻارن جي پيدائش دوران مائرن جي موت جي شرع افغانستان کان به وڌيڪ آهي پاڪستان مائرن جي دوران پيدائش موت جي شرح ۾ 147 نمبر تي آهي، جڏهن ته افغانستان 149 نمبر تي آهي. پاڪستان ۾ ٻارن جي دوران پيدائش موت جي شرح تمام خطرناڪ حد تي آهي. 1000 ٻارن جي پيدائش دوران 62.2 ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا. پاڪستان ۾ 44-15 سالن جي عمر  ۾ شادي شده عورتن ۾ خون جي ڪمي به خطرناڪ حد تائين آهي ٻهراڙين عورتن ۾ 47 سيڪڙو ۽ شهري عورتن ۾ 26 سيڪڙو خون جي ڪمي آهي جڏهن ته حمل واري عورتن ۾ 29%  کان 50% سيڪڙو تائين خون جي ڪمي آهي جنهن جا اهم سبب غذائي کوٽ، ننڍي عمر جي شادي ۽ تعليم جو نه هجڻ آهي.

دنيا ۾ هر ٽن عورتن مان  هڪ عورت تشدد، زيادتي، هراسمينٽ ۽ صنفي اڻبرابريءَ جو شڪار ٿئي ٿي. اڪثر تشدد ڪندڙ يا زيادتي ڪندڙ ويجھا مائٽ، رشتيدار، پاڙيسري، ڄاڻ سڃائڻ وارا هوندا آهن. ٿامسن ريوٽرس فائونڊيشن موجب پاڪستان، افغانستان ۽ ڪانگو کانپوءِ عورتن جي حوالي سان خطرناڪ ملڪن ۾ 3 نمبر تي آهي

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ هيلٿ سروي موجب پاڪستان ۾ 32% عورتون جسماني تشدد جو شڪار ٿين ٿيون ۽40%  سيڪڙو شادي شده عورتون گھرو تشدد جو شڪار ٿين ٿيون.

اڄ جي جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ پاڪستاني عورت معاشي طور تمام گھڻو پيڙهيل، ڪمزور ۽ بيوس آهي نه ئي ان لاءِ جوڳا روزگار جا موقعا آهن ۽ نه ئي فني سکيا جو خاص بندوبست آهي. صرف 23.9 سيڪڙو عورتون روزگار يا پورهيي سان لڳل آهن، جتي به انهن کي تمام گھٽ اجورو ڏنو وڃي ٿو ۽ مقرر وقت کان وڌيڪ ڪم ورتو وڃي ٿو ۽ اتي انهن لاءِ ڪابه سوشل سيڪيورٽي نه آهي. ليبر لاز موجب روزانو 9-8 ڪلاڪ ڪم لاءِ مختص ڪيل آهن ۽ هفتي 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم وٺڻ کان منع ٿيل آهي پر ڪنهن قانون تي عمل نه ٿي رهيو آهي.

. پاڪستان ۾ ننڍي عمر جي شادي جو لاڙو به تمام گهڻو وڌي رهيو آهي ننڍي عمر جي شادي مان مراد ڪنهن به ڇوڪري توڙي ڇوڪريءَ جي 18 سال جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ شادي ڪرڻ آهي، هن لاڙي جي ڪري ٻار خاص طور تي ڇوڪريون بنيادي حقن کا محروم ٿي وينديون آهن ۽ انهن کي صحت ۽ زندگي جي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. يونيسيف جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ هر 100 شادين مان گهٽ ۾ گهٽ 37 ڇوڪرين جي شادي 18 سال کان گهٽ عمر ۾ ٿي وڃي ٿي. هر سال 70000 ڇوڪريون 19-15 سال جي عمر جي اندر دوران حمل ۽ ٻار جي پيدائش دوران موت جو شڪار ٿين ٿيون پاڪستان انهن 20 ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جتي ننڍي ڄمار ۾ ٻارڙن جي شادي ٿئي ٿي. جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013ع موجود آهي.

اسان جو ٻٽو معيار زندگي جي هر پهلو تي سامهون اچي ٿو پر هن معاملي ۾ خاص طور تي اسان ان جو استمعال ڪندا آهيون. گهر ۾ به ڇوڪرين کي ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ سهولتون ڏنيون وينديون آهن ۽ ڇوڪري جي ڄمڻ تي دهل وڄائي خوشيون ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته ڇوڪرين جي پيدائش تي مبارڪباد وصول ڪرڻ ۾ به تڪليف محسوس ٿيندي آهي جڏهن ته اسلام ۾ پٽ کي نعمت چيو ويو آهي ۽ ڌيءَ کي رحمت چيو ويو آهي. عورتن ڪيترائي ڀيرا ثابت ڪيو آهي ته زندگي جي رفتار کي جاري رکڻ ۾ ڪنهن به طرح مرد کان گهٽ ناهنعورتن هر ميدان ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي سياست جو ميدان هجي، سائنس ٽيڪنالاجي هجي يا راند جو ميدان هجي يا ميڊيڪل ريسرچ هجي، عورت پنهنجي محنت ذريعي پاڻ مڃرايو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ اسان پنهنجي ڪردار کي صرف دعوائن تائين محدود نه رکون بلڪه انهي سلسلي ۾ عملي قدم کنيا وڃن ۽ انهن رياستي ۽ بين الاقوامي قانونن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايون. پاڪستان ۾ ننڍي عمر ۾ شادين جي روڪٿام وارو قانون سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013ع عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ جنسي حراسان ڪرڻ وارو قانون، گهرو تشدد جي خاتمي ڊوميسٽڪ وائلينس ايڪٽ 2013ع ۽ پراوينشل ڪميشن آف وومين سنڌ ۽ حراسمينٽ ايڪٽ 2010ع سميت ڪيترائي بل منظور ٿيل آهن پر ان جي باوجود ملڪ اندر عورتن سان ظلم، زيادتي ۽ تشدد رڪجي نه سگهيو آهي. ضرورت انهي ڳالهه آهي ته نيڪ نيتي جو هجڻ ۽ گڏ عورتن جي بنيادي مامرن کان واقفيت رکڻ پر بدقسمتي سان اسان وٽ عورتن جا حل ٿيڻ جوڳا مسئلا به اڄ ڏينهن تائين حل ناهن ٿيا ۽ عورتون ڏينهون ڏينهن مسئلن جي ور چڙهي رهيون آهن. اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي، انهي ڏينهن تي اسان سڀني کي اهو وچن ڪرڻ کپي ته ڪڏهن به ڪنهن عورت سان ڏاڍ، ظلم ۽ زور آوري برداشت نه ڪنداسين.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment