شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - مئي - 2020ع

جيڪو آمريڪا جو دشمن سو طالبان جو دشمن


شام 03 لڳي 42 منٽ -سومر 02 مارچ 2020  256 
image-1


افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ 29 فيبروري، 2020ع تي امن معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن جي جنگ ۽ 18 مهينن جي ڳالهين کانپوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٿيل معاهدي جو مقصد ملڪ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ آهي. ٺاهه تي صحيحن کان اڳ ٻنهي ڌرين هڪ هفتي جي جنگبندي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي ڪاميابيءَ سان عمل ٿيو ۽ ڪوبه اڻوندڙ واقعو پيش نه آيو. جيتوڻيڪ اِن معاهدي سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيڻ جي اُميد وڌي وئي آهي پر افغانستان جي صورتحال، اتي موجود ٻين ويڙهاڪ جماعتن، ڏيهي، پرڏيهي مفادپرست ٽولن ۽ سياسي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکجي ته پائيدار امن جي منزل اڃا پري ٿي نظر اچي.

امن منصوبي کي طالبان جي ڪاميابي طور ڏٺو پيو وڃي ۽ عام ماڻهن جي راءِ موجب ”نيٺ آمريڪا ڌوڙ چٽي ۽ افغانستان مان نڪرڻ لاءِ هٿ ٻڌي طالبان جا سڀ شرط مڃي ورتا.“ پر اصل ڪهاڻي اڃا ڪجهه ٻي آهي. ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٿيل معاهدي جي پهرين شرط موجب آمريڪي فوج، اُن جا اتحادي، تربيت ڏيندڙ، صلاحڪار، نجي دفاعي ٺيڪيدار، سهولت ڪار ۽ تمام غيرسفارتي عملو، 14 مهينن جي عرصي ۾ افغانستان مان نڪري ويندا. ان کانسواءِ آمريڪا طالبان قيدي ڇڏائڻ جو عمل تيز ڪرائيندو. اِهي مطالبا طالبان شروع ڏينهن کان ڪندا اچن ۽ اِن ۾ ڪابه نئين ڳالهه ناهي. پر جيڪا دلچسپي جي ڳالهه آهي، اُها هن معاهدي جي ٻئي حصي ۾ آهي. جنهن موجب طالبان ان ڳالهه جي خاطري ڪرائيندا ته طالبان پاڻ، يا ڪوبه ويڙهاڪ ٽولو بشمول القاعده، يا ڪو ماڻهو افغانستان جي سرزمين کي آمريڪا يا اُن جي اتحادين خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو ۽ نه ئي آمريڪا يا اُن جي اتحادين جي سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت ڏيندو. ان شق جي تفصيل ۾ وڃجي ته طالبان واضه طور ان ڳالهه جو اعلان ڪندا ته آمريڪا ۽ اُن جي اتحادين جي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙن لاءِ افعانستان ۾ ڪا جاءِ ناهي، ويتر اهو ته طالبان نه صرف آمريڪا خلاف پاڻ نه وڙهندا پر جيڪو به آمريڪا ۽ اُن جي اتحادين جو دشمن هوندو اُنهن کي آمريڪا خلاف ڪاررواين کان روڪيندا.

 چئن حصن تي ٻڌل امن معاهدي جي باقي آخري شقن موجب افغاني 10 مارچ، 2020ع کان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ڪندا ۽ باهمي ڳالهين ذريعي  سياسي حل ڳوليندا. ويتر، افغانين جي پاڻ ۾ ڪو سياسي حل ڳولڻ تائين جنگبندي قائم رهندي. آمريڪا ۽ طالبان پاڻ ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ ڪوششون جاري رکندا ۽ افغانين پاران سياسي مفاهمت جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت جي مالي مدد ڪندو.

معاهدي جي لڳ ڀڳ هر هڪ جز ۾ واضح طور اهو لکيل هجڻ ته ”اسلامي امارات افغانستان جنهن کي آمريڪا هڪ رياست طور تسليم نٿو ڪري ۽ جيڪي طالبان طور سڃاتا وڃن ٿا.“ ان ڳالهه جو تاثر ڏئي ٿو ته آمريڪا طالبان رياست کي تسليم ڪرڻ بدران طالبان کي هڪ ويڙهاڪ ٽولي طور قبول ڪندي ان سان معاهدو ڪري رهيو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ اِهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ناهي ته امن معاهدي سان فائدو ڪنهن کي ٿيو. آمريڪا جنهن نه صرف طالبان جي حڪومت ختم ڪئي، 20 سال کان وڌيڪ عرصي تائين اُنهن سان وڙهيو، اُنهن جا ماڻهو ماريا ۽ گرفتار ڪيا پڇاڙي ۾ اُنهن کي ئي پنهنجي حفاظت لاءِ مامور ٿيڻ تي مجبور ڪري پنهنجي شرطن وارو ٺاهه ڪرڻ تي راضي ڪري ويو. معنيٰ ته طالبان اڻسڌي نموني آمريڪا جي اِن ڳالهه کي مڃيو آهي ته  ”آمريڪا ۽ اُن جي اتحادين جو دشمن اڄ کانپوءِ طالبان جو دشمن آهي.“

اهم ڳالهه اِها آهي ته ڇا طالبان اِن ڳالهه کي محسوس نه ڪيو ته ٺاهه موجب اُهي پنهنجي ئي دشمن جا محافظ بڻجي رهيا آهن؟ اِن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته عالمي ماحول ۾ تبديلي کي سمجھجي. طالبان کي آمريڪا خلاف ڪارويون جاري رکڻ لاءِ مالي مدد جي ضرورت پوي ٿي.FATF (Financial Action Task Force) جي فيصلن سان طالبن کي ملندڙ مالي مدد جا رستا ڏينهون ڏينهن سوڙها ٿيندا پيا وڃن. اُهي ملڪ جيڪي اڻسڌي نموني طالبان کي امداد ڏئي رهيا هئا FATF سبب ائين ڪرڻ کان مجبور آهن. ٻيو ته سعودي عرب ۽ عرب ملڪ جيڪي به طالبان کي پنهنجي مذهبي نظريي جي پرچار لاءِ ڊالر ۽ ريال پيا موڪليندا هئا، هاڻ طالبان مان هٿ ڪڍي ويا آهن. ٽيو اهم نقطو اِهو ته 1979ع کان مسلسل جنگ جي حالت ۾ رهندڙ طالبان ۾ به تبديلي آئي آهي. اڄ جا طالبان 1979ع وارا اُهي ڄٽ ۽ پرڏيهي سياست کان ناواقف طالبان نه رهيا آهن جيڪي بندوق هلائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڄاڻندا هئا. اُنهن جي بنيادپرستي واري سوچ ۾ شايد ڪا تبديلي نه آئي هجي پر اُنهن کي سياست جي سمجهه اچي وئي آهي؛ طالبان سمجهن ٿا ته عالمي ماحول اُنهن خلاف ٿيندو وڃي. ويتر ته افغان عوام ۾ موجود بيزاري به طالبان کي غيرمقبول بڻائيندي وڃي ۽ اُهي ان ڳالهه کان واقف آهن.

طالبان پاران آمريڪي فوج جي ملڪ مان نيڪالي لاءِ آمريڪا پاران رکيل شرط مڃڻ پٺيان ٻه مقصد ٿي سگهن ٿا. هڪ ته طالبان، زميني حقيقتن کي سمجهندي؛ واقعي ۾ ان ڳالهه جا خواهشمند آهن ته ملڪ مان خونريزي ختم ٿئي ۽ هو سياسي عمل جو حصو بڻجي ملڪي سياست ۾ بهرو وٺن. اهڙو فيصلو افغانستان ۽ اتان جي ماڻهن لاءِ تمام گھڻو فائديمند ثابت ٿيندو. طالبان پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ سياسي عمل جو حصو بڻجڻ سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيندو جنهن جا ملڪ جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا، ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ ملڪ ترقي جو سفر طئي ڪرڻ لڳندو. آهستي آهستي اِن ترقي جا هاڪاري اثر افغانستان جي پاڙيسري ملڪن تي به پوندا جنهن سان علائقائي امن امان جو ماحول بهتر ٿيندو۽ علائقائي وڻج واپار وڌندو.

ٻيو ۽ اهم نقطو ته طالبان پاران آمريڪي شرطن کي مڃڻ جو مقصد اِهو به ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڀيرو آمريڪي فوج جي ملڪ مان نڪرڻ کانپوءِ وري اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ خونريزي جو رستو اختيار ڪيو وڃي. اها سوچ ملڪ کي هڪ ڀيرو وري گهرو ويڙهه ڏانهنڌڪي ڇڏيندي ۽ افغانستان جا ماڻهو هڪ ڀيرو وري هڪ اڻڄاتل مدي تائين امن لاءِ سڪي ويندا. جيتوڻيڪ طالبان پاران ائين ڪرڻ هڪ موتمار غلطي ثابت ٿيندي، پر ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.

آمريڪا جي افغانستان مان نيڪالي کانپوءِ ملڪ ۾ امن امان جي ڇا صورتحال هوندي اهو سوال نه صرف افغان عوام پر پاڙيسري ملڪن لاءِ به تمام اهم آهي. اسلامڪ اسٽيٽ ۽ ٻين بنيادپرست جماعتين جي افغانستان ۾ موجودگي سڀني لاءِ هڪ جيتري خطرناڪ آهي. تنهنڪري، افغانستان، اُتان جي عوام ۽ سموري ڏکڻ ايشيا جي بهتري اِن ۾ آهي ته طالبان نيڪ نيتي سان امن عمل جو حصو ٿين ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ بدلاءَ سان پاڻ تبديل ڪندي ملڪي سياست ۾ بهرو وٺي عوام جي خدمت ڪن. 1979ع کان جنگ جدل جي شڪار ملڪ جي عوام، جنهن جا ڪيئي نسل رتوڇاڻ جا شڪار ٿي ويا؛ تنهن کي هاڻ امن جي ضرورت آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment