شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 13 - جولاءِ - 2020ع

مادري ٻولي ۽ اڄوڪي مائرن جي ٻولي


شام 03 لڳي 05 منٽ -جمعو 21 فيبروري 2020  271 
image-1


بائيبل ۾ هڪ جاءِتي ٻوليءَ جي حوالي سان لکيل آهي ته ”اچو هيٺ هلي هنن جي ٻولين کي منجهائي ڇڏيون ته جيئن اهي هڪٻئي جي ٻولي سمجهي نه سگهن.“ دنيا ۾ جيڪي به ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون، انهن جا بنيادي مقصد فقط ٻه آهن. هڪ رابطو ڪرڻ ۽ ٻيو خيالن جو اظهار ڪرڻ. دنيا ۾ جيڪي به خيال موجود آهن، ڀلي اهي لوڪ ادب ۾ هجن، شاعري ۾ هجن يا وري نثري لکت ۾ هجن انهن کي پيش ڪرڻ ۾ فرق فقط ٻوليَءَ جو آهي. اڄ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. جنهن لاءِپهريون ڀيرو اعلان يونسڪو 17 نومبر 1999ع ۾ ڪيو هو، جڏهن ته 2000ع کان وٺي هاڻ اهو ڏينهن عالمي سطح تي ملهايو پيو وڃي. 2008ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو هو.

اسان وٽ جيڪا مادري ٻولين جي صورتحال آهي، اها بنهه بگاڙ جو شڪار ٿي رهي آهي. هڪ پاسي ته مادري ٻوليَءَ ۾ تعليم پرائڻ کي عيب سمجهيو ٿو وڃي، تنهنڪري اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙن جو ميڊيم ئي تبديل ٿي ويندو آهي. ٻئي پاسي انگريزي ڳالهائڻ کي ذهانت سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته ذهانت ۽ ٻولي سکڻ ٻه ڌار ڌار شيون آهن. ماڻهو انگريزي ٻولي ڳالهائي پنهنجي ڳالهه ته ڪنهن ٻئي ماڻهو تائين پهچائي سگهي ٿو پر اهو ذهانت ان ٻولي وسيلي نٿو سکي سگهي. انهي جو سادو مثال اهو آهي ته اڄ به دنيا ۾ ڪئين اهڙا وڏا دماغ موجود آهن، جن جي مادري ٻولي انگريزي نه آهي. جڏهن ته لينن، ڪارل مارڪس، گارشيا مارڪيز، فيڊل ڪاسترو، ڊاڪٽر عبدالسلام، شاهه لطيف، رومي، خليل جبران، سعادت حسن منٽو توڙي ٻيا ڪيترائي ماڻهو آهن، جن جو انگريزي سان ڪو واسطو ئي نه هو پر اهي اعلى دماغ هئا. انهن کي ان ڳالهه جو احساسِ ڪمتري نه هو ته اهي انگريزي نٿا ڳالهائين تنهنڪري ڏڏ رهجي ويندا. ڪارل مارڪس ڪيترائي سال انگلينڊ ۾ رهيو پر ذري به انگريزي نه سکي سگهيو.

پر اسان وٽ مسئلو اهو آهي ته اسين انگريزي ٻوليَءَ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهون ٿا، تنهنڪري پنهنجي ٻوليَءَ کان پري ٿيندا وڃون. اڳ اسان جون مائرون به پنهنجن ٻارن سان سنڌي ٻولي يا جيڪا به انهن جي ٻولي هوندي هئي، انهي ۾ ڳالهائينديون هيون. پر هاڻ صورتحال ٻي آهي. جيڪڏهن ٻار جو نڪ وهندو هو ته چونديون هيون.”هيڏانهن اچ پٽ نڪ صاف ڪرايان.“ پر هاڻي اهو جملو تبديل ٿي ڪجهه هيئن ٿي ويون. ”اوه بي بي کي نوزي آئي آهي، هيڏانهن اچو پليز.“ اهڙي ريت عام استعمال جا ڪئين جملا آهن، جيڪي سنڌي ۾ سولائي سان چئي سگهجن ٿا پر اهي به اڄوڪي دور جون مائرون انگريزي ۾ اچارين ٿيون، جيئن؛

توهان جا ساڪس ڪٿي آهن؟

شوز پايو نه ته پنشمينٽ ملندي

اها بيڊ هيبٽ آهي

پنهنجا هينڊ واش ڪري اچو

بيگ شولڊر ۾ صحيح وجهو

انڪل سان هينڊ شيڪ ڪريو

اهڙا ٻيا ڪئين جملا آهن، جن کي چوڻ اسان وٽ رواج ٿي ويو آهي. جڏهن ته مادري ٻولي جنهن کي لسانيات ۾ L1 چئبو آهي، اها ڪوبه ٻار لاشعوري طور سکندو آهي. جڏهن ته L2 جيڪا ٻار جي ٻي ٻولي ليکي ويندي آهي، انهي لاءِهن کي گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. پر جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي مادري ٻولي سيکارڻ کان ئي پري رکيو ويندو ۽ اجايو ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو ته انهي سان انگريزي ۾ ڳالهائجي ته انهي سان ٻار ذهين ڪونه ٿو ٿي سگهي بلڪه اهو پنهنجي ٻوليَءَ تان به هٿ کڻي ويندو ۽ ٻيو ته هو شين/معاملن کي ايتري بهتر انداز سان سمجهي به نه سگهندو.

اڄ دنيا ۾ ڪن ٻولين کي ٻيهر جيارڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. پر ٻوليون تڏهن ئي جيئريون رهي سگهن ٿيون، جڏهن اهي سماج ۾ موجود هجن. توهان سمورا تعليمي ادارا بند ڪري ڇڏيو. پر جيڪڏهن انهي ٻوليَءَ جا ڳالهائيندڙ جيئرا آهن ته اها ٻولي به جيئري رهندي پر جيڪڏهن توهان وٽ بهترين تعليمي ادارا هجن ۽ اهي مادري ٻوليَءَ ۾ تعليم نه ڏين، ڪنهن ڌاري ٻوليَءَ ۾ تعليم ڏيندا هجن ته سماج مان اها ٻولي آهستي آهستي غائب ٿيندي ويندي.

ڪنهن زماني ۾ يهودين جي ٻولي عبراني بنهه ڪمزور حالت ۾ هئي، اسرائيل جي وجود کان پوءِڄڻ عبراني کي نئون جيئدان ملي ويو، اڄ اها عربي سان گڏ اسرائيل جي قومي ٻولي آهي. تنهنڪري ٻولين جو بچڻ ۽ انهن جي واڌ ويجهه جو تعلق سماج سان هوندو آهي.

اڄ جيڪڏهن اسان جون مائرون هڪ فيشن طور انگريزي ۾ پنهنجن ٻارن سان ڳالهائين ٿيون ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهي سمجهن ٿيون ته انگريزي ڳالهائڻ سان ٻار جي تربيت به سٺي ٿيندي آهي. پر تربيت جو تعلق انگريزي ڳالهائڻ سان ناهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته جاپاني ۽ چيني به انگريزي ٻوليَءَ کي وڌيڪ اهم سمجهن ها پر انهن پنهنجِن ٻولين تي ڪنهن به قسم جو ڪو سمجهوتو ناهي ڪيو ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا. انهن کي ان ڳالهه جو ڪوبه احساسِ ڪمتري نه آهي ته انهن جي ٻولي انگريزي ناهي.

ٻولين ۾ لاها چڙها ايندا رهندا، اهي ڪنهن وقت عالمي ٻوليون ٿي وينديون پر اهي سدائين لاءِعالمي ٻوليون نٿيون رهي سگهن. انهي جا مثال اسان وٽ فارسي، عربي ۽ ٻيون ٻوليون رهيا آهن. جنهن وٽ جيتري سگهه هوندي آهي، انهي جي اثر هيٺ ايندي اسين ٻوليءَ جا غلام به ٿي ويندا آهيون. هتي اسان کي ٻوليَءَ جي غلاماڻي نفسيات کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اڄ جڏهن اسان وٽ گهرن ۾ مائرون پنهنجن ٻارن سان انگريزيَءَ ۾ ڳالهائين ٿيون ته اها ٻوليَءَ جي غلاماڻي نفسيات آهي. ڇاڪاڻ ته کين اهو لڳي ٿو ته اعلى طبقي سان ڪلهو ڪلهي ۾ تڏهن ئي ملائي سگهجي ٿو، جڏهن انگريزي ۾ ڳالهايو وڃي. هن وقت ڀلي انگريزي کي اهميت حاصل هجي پر ضروري ناهي ته انگريزي ساڳيو اوج برقرار رکي سگهي. پوءِاسان جون مائرون شايد پنهنجن ٻارن سان اها ئي ٻولي ڳالهائڻ کي ترجيح ڏين جيڪا ان وقت وقتي طور اڀرندي هجي.

ڪجهه وقت اڳ اسان جي ملڪ جي سينيٽ ۾ چيني ٻوليءَ کي سرڪار ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ وارو بل منظور ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هتي جيڪي به صدين کان ڳالهايون ويندڙ ٻوليون آهن، انهن جي ڳڻتي هتان جي حڪمرانن کي ڪنهن ريت به ناهي، ان کانسواءِ ملڪ جي ٻين ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ وارو بل به اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ فٽبال جيان ٿڏجي رهيو آهي. ان ڪري جو هتان جي حڪمران طبقي ۽ بيوروڪريسي جي اها نيت ئي ناهي ته هتان جي اصلوڪين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي.

ٻولي جيڪا ماڻهن کي ڳنڍيندي آهي، جيڪا ماڻهن جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندي آهي پر اسين پنهنجي مادري ٻوليءَ کي به تڇ سمجهون ٿا.

اڄ به سنڌ ۾ ڪئين ”لساني مستري“ ٽيڪنالاجيَءَ وسيلي ٻوليَءَ کي بچائڻ تي ليڪچر ڏيندا ۽ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا ته ڪمپيوٽر ۽ موبائيل ۾ ٻولي اچي وڃڻ کان پوءِ اها سدائين لاءِ جيئري رهي سگهي ٿي. پوءِڀلا موهن جو دڙو جي پنج هزار سالن کان وڌيڪ محفوظ ٿيل ٻولي ڇو نه بچي سگهي؟

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment