شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 02 - اپريل - 2020ع

حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول: هڪ جائزو


شام 09 لڳي 49 منٽ -سومر 10 فيبروري 2020  406 
image-1


جمعي واري ڏينهن 7 فيبروري تي حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ساليانو پنجون ۽ ٽن ڏينهن تي مشتمل حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول (ايڇ ايل ايف) شروع ٿيو، جيڪو 9 فيبروري آچر واري ڏينهن پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه ڪيو. ٽن ڏينهن تي مشتمل لٽريچر فيسٽيول ۾ مختلف ويهڪون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي، جن ۾ اديب، دانشور، ليکڪ، ڪهاڻيڪار، تعليم سان لاڳاپيل شخصيتن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. ادبي ميلي ۾ آرٽ گئلري جي نمائش پڻ لڳائي وئي. ان کانسواءِ مختلف ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا. ٽن ڏينهن دوران جيڪي سيشن ٿيا انهن مان جيڪي اهم ۽ خاص ڳالهيون ٿيون انهن جو سرسري جائزو هن ريت آهي:

ادبي ميلي جي پهرين ڏينهن ”تصوف“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيشن ۾ سليم ڀٽو لطيفي ڳالهائيندي چيو ته تصوف مذهب کان ڌار ناهي، مذهب انسانن لاءِ ئي وجود ۾ آيا، ته جيئن انسان کي مهذب بڻائي سگهجي، هر مذهب هڪ انقلاب آهي، اسان وٽ رياست کي مذهب جو سهڪاري بنائڻ ڪري مسئلو پيدا ٿيو ۽ تصوف انسان جو مان آهي. لينگويج اٿارٽي جي سيڪريٽري شبنم گل ڳالهائيندي چيو ته تصوف ۾ اندر جي اک جي وڏي اهميت آهي، تصوف جو تعلق حال سان آهي، زاهده ابڙو ڳالهائيندي چيو ته تصوف انسانيت سيکاري ٿو، تصوف انسان کي مٺو ميوو ڏئي ٿو.



حيدرآباد ادبي ميلي ۾ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري“ بابت سيشن ۾ سحر گل ڀٽي ڳالهائيندي چيو ته لطيف وٽ سماج لاءِ وڏو نظريو هو. جيڪو هن پنهنجي شاعري ۾ پيش ڪيو، لطيف جي شاعري ۾ ڪردارن کي سمجهڻ گهرجي، ڀٽائي جا ڪردار خاموش آهن، ڪردارن مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو، ان کانسواءِ ڀٽائي جي واٽ کي به سمجهڻ گهرجي، هن ڀٽائي جي وڌيڪ 12 ڪردارن تي ڳالهائيندي چيو ته ڀٽائي وٽ زندگي جو آرٽ آهي.

ادبي ميلي جي ٻئي ڏينهن ”شاگرد يونين جي بحالي“ بابت سيشن ۾ نغمه شيخ شاگرد سياست تي ڳالهائيندي چيو ته جيستائين شاگرد سياست آزاد نه ٿيندي تيستائين اسان جو سماج وڏيرڪي سوچ مان نڪري نه سگهندو. سنڌو نواز گهانگهرو ڳالهائيندي چيو ته شاگرد سياست هڪ سوچ جو نالو آهي، ڇاڪاڻ ته سياست شاگردن کي شعور فراهم ڪري ٿي ۽ سياست حق وٺڻ جو رستو آهي. ناليواري اديب مدد علي سنڌي ڳالهائيندي چيو ته ماروي تي شاعري سڀ کان پهرين ميون شاهه عنايت ڪئي، هن وطن جي حب لاءِ پڻ شاعري ڪئي، پنهنجي وقت جو هو هڪ مزاحمتي شاعر هو.

حيدرآباد ادبي ميلي ۾ ”مستقبل لاءِ خيال“ جي عنوان تحت سيشن ٿيل سيشن ۾ جنهن جو ماڊريٽر نوجوان ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار اختر حفيظ هو. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي ڳالهائيندي چيو ته خيال اهي هجڻ گهرجن جيڪي عمل ۾ اچي سگهن، رڳو روڄ راڙا نه هجي، ڇاڪاڻ ته امڪاني طرح عمل ۾ اچڻ وارا خيال ئي اهميت رکن ٿا، جذبو ۽ جنون ئي آئيڊياز تي عمل ڪرائي سگهي ٿو ۽ محنت ڪري بيهي رهڻ به گهرجي، آئيڊياز ته هزارين آهن پر انهن آئڊياز تي عمل ڪرڻ جو دم هجڻ گهرجي ۽ وڏا خواب ڏسڻ گهرجن، هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ماڻهن تي پنهنجي راءِ مسلط نه ڪرڻ گهرجي، شاگردن کي سندن فيلڊ پاڻ چونڊڻ گهرجي ۽ ڪيريئر ٺاهڻ کانپوءِ پنهنجي وطن جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ گهرجي. سياست جي ذريعي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ سڌو رستو ڪڍڻ گهرجي. سياست ڪمزور هوندي ته ڪراچيءَ جي يونيورسٽين ۾ اسان کي ٻارڙن کي داخلائون نه ملنديون، نوجوانن کي سياست ۾ اچڻ گهرجي، سياست ذريعي ئي هو پنهنجي ايندڙ نسلن جي خدمت ڪري سگهي ٿو.

"قانونسازي ۾ پارليامينٽ ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار" جي موضوع تي سيشن ۾ مھتاب اڪبر راشدي ڳالهائيندي چيو ته چونڊيل نمائندا سوشل ميڊيا کي ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ نه پر پنهنجا فوٽو ڏسڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته قانونسازي لاءِ سماج کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي، سماج ئي قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ ۾ ويٺل ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي قانونسازيءَ جي پيچيدگين کي سمجهندا آهن، پارلياماني ڪميٽيءَ جو قانونسازي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي، پر هتي منسٽري نه ملندڙ ميمبر کي پارلياماني ڪميٽيءَ جو چيئرمين بڻايو ويندو آهي، جنهن جا ميمبر به حڪومتي جماعت جا هوندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اسيمبليءَ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي بل پيش ڪري ان ئي ڏينهن تي ان کي پاس ڪيو وڃي ٿو، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي. ان کانسواءِ عام ماڻهو، سول سوسائٽي ۽ قانون ٺاهيندڙن وچ ۾ گيپ آهي، جيڪو ختم ٿيڻ گهرجي.

ميلي ۾ "سراج ۽ سنڌي ٻولي" جي موضوع تي فڪري ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر تاج جويو هو. ان موقعي تي مخمور بخاري ڳالهائيندي چيو ته ٻولي سائنسي ۽ سماجي علم آهي، سراج جو نظريو مقامي ۽ نج سنڌيت وارو نظريو هو. هن چيو ته هن خطي جي ماڻهن کي هزارين ورهين جي تهذيب جو اعزاز حاصل آهي، ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته انهن کي پنهنجي ٻولي نه هجي. جامي چانڊيي ڳالهائيندي چيو ته ٻوليءَ جو تعلق سماج ۽ زندگيءَ سان آهي، ٻوليون هڪٻئي سان ملن جلن ٿيون. سراج سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام وڏي تحقيق ڪئي. هو ثابت ڪرڻ چاهيندو هو ته سنڌي ٻولي هن خطي جي ٻولي آهي. اها ڪنهن ٻولي مان ناهي نڪتي. هن وڌيڪ چيو ته ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ واري سازش خلاف سراج سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيو. هن جي تحقيق سنڌي ٻوليءَ کي نوان لاڙا ڏنا. شبير ڪنڀار سنڌو تهذيب بابت پريزنٽيشن پيش ڪندي چيو ته سنڌي لکت جون 1838 نشانيون آهن، هر هڪ نشاني ڳجهارت آهي. هن وڌيڪ چيو ته افسوس جي ڳالهه اها آهي سنڌو لکت تي تحقيق ڪوبه مقامي ماڻهو ناهي ڪري سگهيو. تاج جويي چيو ته سنڌي ٻولي هن خطي جي شروعاتي ٻولي آهي.

آخري ڏهاڙي تي مختلف موضوعن بابت ويهڪون ٿيون، جڏهن ته ٿيٽر سميت راڳ رنگ جي محفل پڻ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي معاشي ۽ اقتصادي ويچار واري ويهڪ ۾ ڳالهائيندي اقتصادي ماهر فضل الله قريشي چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ صحت جي ادارن سميت عوام جي ڀلائي وارن ادارن ۾ گڊ گورننس سوال بڻجي چڪي آهي، مينڊيٽ جو مطلب اهو ناهي ته عوام کي غلام بڻايو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم هڪ طرف پر اين ايف سي ايوارڊ وارو سوال به وڏو آهي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ کي وڏو نقصان پهتو، هاڻ به سنڌ جي اقتصاديات ۽ معاشي زندگي خطري جي لڪير ڏانهن وڌي رهي آهي.

ايڇ ايل ايف ۾ "خط سپرد ڊاڪ نا هوا" جي موضوع تي ٿيٽر پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ان ٿيٽر تي ويهڪ پڻ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر پاڪستان جو ناليوارو ليکڪ وسعت الله خان هو. ٿيٽر بابت ڳالهائيندي وسعت الله چيو ته هن ٿيٽر ۾ ان ڏکوئيندڙ عمل کي ڏيکاريو ويو، جيڪو ايشيا جي ڪجهه ملڪن جو الميو رهيو آهي ته عورت جي پيٽ ۾ موجود ٻار جي باري ۾ خبر پوي ٿي ته اها ڇوڪري آهي ته ان کي ضايع ڪرايو وڃي ٿو.

ادبي ميلي جو جيڪڏهن تنقيدي جائزو وٺجي ته هن ميلي ۾ تمام گهڻيون اوڻايون نظر اينديون، ادبي ۽ فڪري سيشنز ۾ ٻڌندڙن جو لاڙُو تمام گهٽ رهيو، جنهن جا به ڪيترائي سبب آهن، هڪ ته انهن ميلن جي انتظاميا طرفان جيڪا مقررن جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ تمام گهڻيون اوڻايون هجڻ ڪري سيشن ۾ مقررن کي ٻڌندڙن جو انگ گهٽجي ٿو. اڪثر ته ويهڪن ۾ ساڳيا ساڳيا ماڻهو ويهاريا وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي محدود ۽ ڪنهن هڪ موضوع تي گرفت هجڻ ڪري ٻين موضوعن تي سٺو نه ٿا ڳالهائي سگهن، ان کانسواءِ جنهن فيلڊ يا شعبي جو جيڪو ماڻهو آهي، جنهن کي پنهنجي ڄاڻ ۽ مهارت واري موضوع تي ڳالهائڻ کپي اهو ان تي نٿو ڳالهائي. هر ماڻهو هر موضوع تي ڳالهائڻ جي ڪري ٻڌندڙن جي حاضري تمام گهٽ رهي. سرسري طور حيدرآباد ادبي ميلي ۾ مقررن جي موضوع جي مناسبت سان چونڊ بهتر نظر نه آئي. اڪثر مقررن اهو ئي ڳالهايو جيڪي ڳالهيون سالن کان وٺي اهي ڪندا پيا اچن. اڪثر وري جن سيشنز ۾ جن ماڻهن کي موقعو ڏنو ويو انهن ۾ ڄاڻ جي گهٽتائي جي ڪري ۽ وري موضوع سان اڻ لاڳاپيل سوالن، جوابن ۽ ڳالهين جي ڪري ماڻهن جي دلچسپي تمام گهٽ رهي. نوان بحث ۽ موضوع مقررن جي گفتگو کان پري هجڻ ڪري ۽ ساڳين مقررن ۽ ماڊريٽرن کان هڪ کان وڌيڪ سيشن منعقد ڪرائڻ وقت جو پورائو محسوس ٿيو. جنهن ڪري ماڻهن جي اڪثريت دلچسپي گهٽ نظر ماڻهو، نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون پڪا پوڙها سيلفيون ڪڍي فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ تي اسٽيٽس لڳائي ادبي ميلي مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا، ان کانسواءِ اهو ڏًٺو ويو ته ادبي ويهڪن کان وڌيڪ راڳ رنگ جي ٿيندڙ محفلن ۾ نوجوان نسل ۽ هر مڪتب فڪر جو ماڻهو وڏي دلچسپي سان دلچسپي وٺي لطف اندوز ٿي رهيا هئا.

سنڌ ۾ ادبي ميلا، صوفي ڪانفرنسون پڻ لڳڻ کپن، اهڙن پروگرامن سان ماڻهن کي اتساهه ملي ٿو، هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ نوجوان نسل، اديبن، پڙهيل لکيل نوجوانن کي انهن ميلن ۽ ڪانفرنسن ذريعي وقتي طور تفريح مهيا ٿئي ٿي، انهن کي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ملي ٿو. پر اهي ڪانفرنسون، اهي ادبي ميلا سنڌ جي دائمي مسئلن جو حل بلڪل به ناهن. عوام جي ووٽن سان اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين پهچندڙ ايم پي ايز، ايم اين ايز کان ويندي صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومتون آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهن.

هن ميلي ۾ جيڪي سيشن رکيا ويا هئا، اهي ايترا مونجهاري جو شڪار هئا جو هڪ ئي سيشن ۾ مختلف شعبن جا ماڻهو ويهاريا ويا هئا، جنهن سان نه فقط ماڊريٽر لاءِ پريشاني پئي ٿي بلڪه مهمان به کلي ڳالهائي نه پئي سگهيا. ان کانسواءِ شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن کان ريڊنگس به ڪرايون ويون، جڏهن ته انهن جي ضرورت ئي نه هئي. ڇاڪاڻ ته سيشن جو گهڻو وقت ان ۾ هليو پئي ويو. ان لاءِ ضروري هو ته جيڪڏهن ڪهاڻيءَ تي سيشن هو ته ان ۾ شاعر کي دعوت ڏيڻ جي ضرورت نه هئي ۽ جيڪڏهن بلاگنگ تي ڪو شيشن هو ته ان ۾ ڪنهن ڪهاڻيڪار کي ويهارڻ جي ضرورت نه هئي.

ان کانسواءِ جيڪا موٽيويشنل اسيپچ رکي سيشن کي الڳ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي سا به هڪ اجائي ڪوشش هئي، ان لاءِ ٽن ڏينهن لاءِ ڀلي هڪ الڳ ئي پروگرام تيار ڪيو وڃي ها، جنهن ۾ اهي شاگرد پنهنجي تقرير ڪندا رهن ها.

سنڌ حڪومت طرفان اهڙي قسم جا ادبي ميلا، صوفي ڪانفرنسون ۽ ساليانا مخصوص شخصيتن جي نالي تي ميلا ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائي، انهن تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ سان سنڌ جي اصل مسئلن تان هرگز ڌيان هٽائي نٿو سگهجي. سنڌ حڪومت طرفان هاڻي جيڪو ساليانا رڳو ميلا لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، اهڙن ميلن ۽ ميڙن سان ماڻهن جا مسئلا ته حل نه ٿيندا.


(تصويرون: سوشل ميڊيا) 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment