شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - مئي - 2020ع

رني ڪوٽ جي تاريخي اڏاوت سان ٿيندڙ ھٿ چراند


صبح 10 لڳي 52 منٽ -اڱارو 28 جنوري 2020  247 
image-1

قومون پنهنجي تاريخي ماڳ مڪانن ،تهذيب ۽ تمندن  تي نه رڳو فخر ڪنديون آهن پر انهن جي سار سنڀال، ان جي مقصديت کي قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون آهن. انهن قديمي آثارن جي موجودگي کي اصلي صورت ۾ برقرار رکڻ لاءِ ادارا به هوندا آهن.جن ۾ تاريخ ۽ آڳاٽي تهذيب ۽ تمندن تي دسترس رکندڙ اهل علم ماڻهن کي  مامور ڪيو ويندو آهي. پر هتي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ان متعلق هڪ جهلڪ اوهان آڏو پيش ڪرڻ جي نماڻي جسارت ڪريان ٿو.

. جيئن ته اها ڳالهه چٽي ۽ پڌري آهي ته رني ڪوٽ هڪ دفاعي يعني سيڪيورٽي پرپس لاءِ جوڙيل آهي. جن به ان ڪوٽ جي تعمير ڪئي . انهن جي رٿا ۽ انجينيئنگ ڪمال جي آهي . جنهن کي قديمي تاريخي اهميت حاصل آهي. پر موجوده دور ۾ جن فردن کي اختيار آهن سي صرف پنهنجي پيٽ پوڄا تحت سرڪاري خزاني معرفت ان جي تاريخي سڄاڻپ بگاڙي رهيا آهن ۽ ان ڪوٽ جي شناخت جيڪا دفاعي نوعيت جي هئي اها ختم ڪري ڇڏي آهي. 

  1. رني ڪوٽ کي بنيادي طور تي ٻه دروازا آهن  جن کان اوهان واقف آهيو.ٻنهي درازن جي جوڙجڪ هڪجهڙي هئي . هڪ دروازو جنهن کي اڄ به سن دروازو سڏجي ٿو. ان متعلق عام وخاص کي صحيح معلومات نه آهي ۽ اڪثر رني ڪوٽ مان برساتي نئين نڪرندڻ واري هنڌ کي سن گيٽ چيو پيو وڃي. پر اهو هنڌ رني ڪوٽ جي معمارن دروازي طور نه ٺاهيو هو. ان نئين جي اخراج واري جاءِ تي وڏا پلر يا ٺلهه هئا جن جي مٿان پهري ڏيڻ لاءِ پل اڏيل هئي. ۽ انهن پلرن ۾ سوراخ به هئا، جنهن مان واضح اندازو لڳائي سگهبو هو ته لوهه يا ڪاٺ سان مٿان کان هيٺ تائين ان کي بند ڪيو ويندو هوته جيئن ان طرف کان ڪو به حملي آور يا ڪو ٻيو ڪوٽ جي اندر اچي نه سگهي.


  2. رني ڪوٽ جي مهڙ جتان ڪوٽ مان نئين سن جو پاڻي خارج ٿئي ٿو ان جي ڏکڻ ۾ لڳو لڳ سن دروازو جڙيل آهي جيڪو ونگ سان آهي ۽ ان کي اسين خفيا گيٽ چئي سگهون ٿا. 


  3. مهڙ واري  حصي وٽان ايڏي ته ايامن کان تيز نئين ايندي رهي جو ان جي مٿان واري پل ته نه رهي پر اتي ان پل لاءِ بيٺل پلر به اڳتي رڙهي ويا. جيڪي اسان پنهنجي عمر جي سانڀر ۾ ڏٺا. هن وقت ڪوٽن ۽ قلعن جي ماهر طور پنهنجي سڄاڻپ ڪرائيندڙن ان اهميت کي ميساري پنهنجي نئين ۽ هٿ ٺوڪي انجينئرنگ جو ڪمال ڏيکاريو آهي جو ان جاءِ تي ٻاهر کان ڏاڪڻ ٺاهي وئي آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته ٻاهران ايندڙ ڪو به حملي آوار آساني سان ان ڪوٽ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو۽ رني ڪوٽ دفاعي پرپز کان ٺهيل ناهي . اها تاريخي قلعي سان زيادتي ۽ وڏي هٿ چراند آهي.


        موهن ۽ سن درازي متعلق سمجهڻ کان پوءِ اچو ته  آمري درازي متعلق سمجهون.   

  1. هي هڪ ونگ تي موري آهي جيڪا رني ڪوٽ جي اتر پاسي سن دروازي کان تقريبن چهن ڪلو ميٽرن تي آهي. ان مان رني ڪوٽ اندران برساتي پاڻي جو ڪجهه حصو ٻاهر نڪرندو آهي. ۽ ڪجهه مفاصلو هلي اها نئين وري اچي نئين سن ۾ شامل ٿيندي آهي. ان موري کي ٻڌيا موري يا آمري گيٽ به سڏيو ويندو رهيو آهي. اها موري رني ڪوٽ جي ديروار هيٺان ٺهيل آهي ۽ رني ڪوٽ جي معمارن سيڪيورٽي جي لحاظ کان ان جي مٿان چوڪي به هئي جيڪا وقت جي ستم ظريفي سبب ختم ٿي وئي. گهڻي غور ويچار کان پوءِ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي. ان موري مان نڪرندڙ پاڻي   کي تومنگ نئين سڏبو آهي جيڪا ڪوٽ کان ان موري ذريعي نڪري ڪجهه مفاصلو طئه ڪري ڪوٽ کان 8 يا ست ڪلوميٽرن کان پوءِ ساڳي سن نئين ۾ شامل ٿئي ٿو.

        شاه پر دروازو : هي دروازو به ٻڌيا موري يا آمري دروازي يعني هڪ ونگ جي موري هئي جيڪا ڏکڻ طرف هئي جنهن کي شاهه پر دروازو سڏيو ويندو هو.  جيڪا هو بهو ٻڌيا موري جهڙي هئي.ان موري کي مون 89. 99ع ۾ زبون حالت ۾ ڏٺوهو جيڪا اڳتي هلي ڊهي وئي. ان موري مان ميداني علاقي مان برساتي پاڻي نئين جي صورت ۾ رني ڪوٽ جي اندر داخل ٿئي ٿيندي آهي ان نئين کي ٽوري نئين سڏبو آهي. 

  1. ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته ان شاهه پر دروازي کي اصل موريءِ واري شڪل ڏئي اصليت برقرار رکجي ها پر موجوده باختيار آفيسر شاهي ان تاريخي حيثيت کي مٽائي اتان سڌو پاڻي لاءِ رستو ٺاهي ڇڏيو آهي. ۽ چوڻ لڳا آهن ته اهو ٽوري نئين لاءِ رستو آهي. جيڪا تاريخ سان وڏي ويڌن ڪرڻ جو مظاهرو آهي.


  2.  ته پراڻي دور کان وٺي سن کان رني ڪوٽ ايندي سن دروازي کان اٽڪل ڇهه ڪلو ميٽر پهريان هڪ ڪچو رستو ڌکڻ طرف نڪرندو هو ۽ آهي جيڪو اڳيان هلي ڪرچات ۽ بصران  ڳوٺن ڏانهن ويندو آهي. اهو رستو اٺن، گڏهن ۽ ماڻهن جي پنڌ طور استمال ۾ ايندو رهيو هو ڇاڪاڻ ته ان رستي اڳيان اڳتي هلي پهاڙي ڇپ جي اچي وڃڻ ڪري گاڏين جي اچڻ وڃڻ لاءِ ڏکيو آهي. ان لڪ کي ڳرڻ لڪ به سڏبو آهي.


  3. ڪرچات ۽ بصران ڏانهن وڃڻ لاءِ مقامي ماڻهن اندازن 50 سال اڳ رني ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ واقع شاهه پر دروازي کان هڪ فرلانگ کن اولهه طرف  واري ديوار کي ٽوڙي گاڏين جي اچ وڃ لاءِ رستو ٺاهيو ۽ ان کي شاهه پر دروازو سڏيو ويو. اهو اهڙو هنڌ آهي جيڪو ديوار هجڻ باوجود ڪوٽ جو ڪمزور پاسو هو. ان لحاظ کان ڪوٽ جي معمارن ان جاءِ کي وڌيڪ چونڪيون ٺاهيون هنيون ۽ ڪجهه ديوار ڏکڻ طرف به ٺاهيل آهي جنهن تي ٻاهرين چر پر تي نظر رکڻ لاءِ مارچا هئا ۽ آهن.  ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته ان جاءِ کي بند ڪري ساڳي حالت ۾ بحال ڪجي ها پر تارخي اڻ ڄاڻائي هجڻ سبب باختيار فردن ان کي لئه مٽ ڪري ٿوري گهڻي مرمت ڪرائي سڌو دروازي جهڙو لنگهه بنائي شاهه پير گيٽ قرار ڏنو آهي ۽ بلڊوزر سان رستو ٺاهي شاهه پير گيٽ جو بورڊ لڳايو ويو آهي ۽ اهڙي طرح هر ايندڙ ماڻهون ان کي شاهه پير دروازو سمجهندو آهي. هي اڄوڪا ڊگري يافته ماڻهو جن کي نه ڪوٽ جي اصليت سان سروڪار آهي نه ئي تاريخي شناخت سان  پر اها اسان جي بدقسمتي آهي ته اهي ماڻهو وڏن عهدن تي فائز آهن ۽ انهن تاريخي جاين جي حفاظت، مرمت، جي بهاني سان انهن ادارن تي مقرر ٿيل آهن. اسان جهڙن ماڻهن جو ته مولائي شيدائي جهڙو حال آهي جن وٽ ڄاڻ ته آهي پر ڊگري ناهي.

ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو

انهن وڻن تي ويٺا ڄڀ چڙهي وري ٿيو وطن ويرين جو. 


نوٽ: تاريخي رني ڪوٽ جي اڏاوت لاءِ گاري طور استعمال ٿيل مٽيريل ۾ چيرولي استعمال ٿيل آهي پر هن وقت جي مها ڊگري يافته آفيسرن ڪٿي سيمنٽ ۽ ڪٿي چن سان مرمت ڪئي آهي. جڏهن ته اها مرمت روڊن تي پاسن کان پثر جا پيڇنگ ٺاهڻ وارن ڪاريگرن کان ڪم ورتو ويو آهي جيڪو بنهه نقص آهي جنهن جي عمر ڏهن کان پندرهن سال ٿيندو. ۽ ڪاغزن ۾ سڀ ٺيڪ هوندو!!!!! 

 


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment