شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 08 - آگسٽ - 2020ع

ترڪيء ۾ مفت تعليم حاصل ڪرڻ جو سونهري موقعو


صبح 12 لڳي 44 منٽ -آچر 12 جنوري 2020  897 
image-1

هر سال جيان هن سال به ترڪيء جي گورنميٽ جي طرفان اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جو آنلائن پراسيس ۱۰جنوريء کان شروع ٿي چڪو آهي جيڪو ۱۰فيبروريء تائين جاري رهندو. هي مضمون ٻه سال پهريون لکيو ويو هو جنهن کي ٿوري رد و بدل سان ٻيهر پيش ڪجي ٿو جنهن جو مقصد سنڌي شاگردن کي ترڪيء طرفان آڇيل اسڪالرشپس ڏانهن متوجه ڪرڻ ۽ کين ان لاء اپلائي ڪرڻ تي اڀارڻ آهي. هنن اسڪالرشپس متعلق بنيادي معلومات هيٺ ڏجي ٿي:

تعليمي قابليت ۽ عمر جي حد:هي اسڪالرشپس بيچلرز، ماسٽرس ، پي ايچ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪ جي لاء آهن. هر ليول لاء گهربل قابليت ڪجه هن طرح آهي:

 بيچلرز لاء انٽرميڊييٽ. ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس ۽ فارميسيء لاء انٽرميڊييٽ ۾ نوي سيڪڙو مارڪون جڏهن ته باقي سڀني ڊسپلنس لاء ستر سيڪڙو مارڪون هجڻ لازمي آهن. بيچلرز جو اميدوار ۲۱سالن کان گهٽ عمر جو هجي.

 ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي جي لاء گهربل مارڪون پنجهتر سيڪڙو آهن ۽ ماسٽرس جواميدوار ۳۰سالن کان هيٺ هجي جڏهن ته پي ايچ ڊي جو اميدوار ۳۵سال ۽ پوسٽ ڊاڪ جو اميدوار ۴۵سالن کان گهٽ هجي.

سبجيڪٽس:هنن اسڪالرشپس لاء ڪنهن خاص فيلڊ کي ترجيح نه آهي بلڪه هر سبجيڪٽ جو شاگرد اپلائي ڪري سگهي ٿو. جن پروگرامز ۾ اپلائي ڪري سگهجي ٿو انهن جو دائرو هن سال ۱۳۰کان وڌائي ۲۰۰ڪيو ويو آهي ان ڪري پٺين سال جيڪي ڪاميابي نه ماڻي سگهيا هئا اهي ٻيهر اپلائي ڪن ۽ کين ٻيهر اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت نه آهي ۽ سندن پراڻي اڪائونٽ تي لاگ ان ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه پروگرام سرچ جو آپشن به ڏنو ويو آهي جنهن سان توهان اهو ڏسي سگهو ٿا ته توهان جو مطلوبه پروگرام ترڪيء جي ڪهڙي يونيورسٽيء ۾ آفر ٿئي پيو.

ترڪيء ۾ تعليم عمومي طور تي ترڪي زبان ۾ ڏني وڃي ٿي پر جيڪڏهن توهان انگلش ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا ته ان لاء ضروري آهي تهتوهان جو پروگرام ڪا يونيورسٽي انگلش ۾ آفر ڪندي هجي ۽ ان يونيورسٽيء طرفان جيڪڏهن آئلٽس يا ٽافل گهربل آهي ته اها توهان وٽ هجڻ گهرجي.

گهربل ڪاغذ:متعلقه تعليمي اسناد (جيئن سرٽيفڪيٽس، مارڪ شيٽس وغيره) کان علاوه شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ، هڪ عدد تصوير،ٻه اڪيڊمڪ ريفرنس ليٽر. انهن جون اسڪين ٿيل ڪاپيون آنلائن ايپليڪيشن سان اٽيچ ٿينديون ۽ اورجنل انٽرويو مهل ڏيکارڻا پوندا. آنلائن فارم ڀرڻ مهل قومي سڃاڻپ نمبر واري خاني ۾ پاسپورٽ جي ڪاپي، پر جي اهو ناهي ته شناختي ڪارڊ جي ڪاپي اٽيچ ٿيندي ۽ ڪوشش ڪري پاسپورٽ جلد از جلد ٺهرائي وٺجي. ليٽر آف انٽينٽ جنهن ۾ اميدوار اهو ڄاڻائي ته هن هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي ۽ ترڪيء ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ کيس ڇو دلچسپي آهي.ماسٽرس ۽پي ايچ ڊي جي اميدوار کي ريسرچ پروپوزل به جمع ڪرائڻو آهي.

شامل مراعات:هن اسڪالرشپ ۾ هيٺيون مراعات شامل آهن:

۱- ٽيوشن في

۲- ماهوار وظيفو جنهن جو تفصيل هن ريت آهي: بيچلرز جي شاگردن لاء ۷۰۰ ليرا، ماسٽرس جي شاگردن لاء ۹۵۰ ليرا، پي ايچ ڊي جي شاگردن لاء ۱۴۰۰ ليرا. هن وقت هڪ ليرو ۲۷ پاڪستاني رپين جي برابر آهي. گذريل سال کان ترڪيء جي گورنمينٽ اعلان ڪيو آهي ته ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي جا اهي شاگرد جيڪي شادي شده آهن ۽ فيمليء سان گڏ رهڻ چاهين ٿا ته ڪرائي جي مد ۾ سندن مالي سهائتا ڪئي ويندي.

۳- رهائش: شاگردن کي هاسٽلن ۾ رهايو ويندو آهي. هاسٽلن جو معيار ڪافي سٺو آهي، هر هاسٽل ۾ واء فاء جي سهولت ڏني وئي آهي. جڏهن ته هر هاسٽل کي پنهنجي ميس آهي جنهن ۾ ناشتو ۽ رات جي ماني رعايت سان ڏني ويندي آهي.

۴۔ هيلٿ انشورنس: هي سهولت ۲۰۱۴ کان شروع ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ هر يونيورسٽي محدود مقدار ۾ ميڊيڪل جي سهولت ڏيندي هئي جڏهن ته هاڻي هر اسڪالرشپ هولڊر ترڪيء جي سرڪاري هيلٿ انشورنس ڪمپني سي گا ڪا وٽ انشورڊ هوندو آهي.

  ۵۔ هر شاگرد کي ٽرڪش لئنگويج جو ۱۲مهينن جو ڪورس ڪرايو ويندو آهي جنهن جو خرچو ٽرڪش گورنمينٽ برداشت ڪندي آهي.

٦ -ريزيڊنس پرمٽ ڪارڊ جي في

۷- هڪ دفعو اوٽ موٽ جيٽڪيٽ

ان کان سواء ٽرانسپورٽ ۾ به شاگردن کي ڪافي رعايت ڏني ويندي آهي.

 اپلائي ڪرڻ جو طريقو۽ شيڊول:اسڪالرشپ لاء10  جنوريءکان وٺي 10 فيبروريء تائين جو ٽائم آهي، ايپليڪيشن آنلائن آهي ۽ فري آف چارج آهي. آنلائن اپلائي ڪرڻ لاء هيٺين ويب سائٽ کي وزٽ ڪيو:

https://www.turkiyeburslari.gov.tr /

جيئن ئي ويب سائٽ کلي ته ساڄي پاسي کان بلڪل مٿي انگلش واريبٽڻ کي دٻايو ته ويب سائٽ انگلش ۾ کلي ايندي ۽ توهان جي لاء فارم ڀرڻ ۾ آساني ٿيندي. اپليڪيشن جا ٽي مرحلا آهن . پهرين مرحلي ۾ هن ويب سائيٽ تي رجسٽر ٿيڻو پوندو جنهن لاء اي ميل ايڊريس هجڻ لازمي آهي. رجسٽر ٿيڻ جي رهنمائي يوٽيوب تي ڏنل آهي جنهن جو لنڪ هيٺ ڏجي ٿو:

https://www.youtube.com/watch?v=p9jddX9nIhs

جيئن ته اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته جن جو اڳ۾ اڪائونٽ ٺهيل آهي انهن کي ٻيهر اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت نه آهي. رجسٽر ٿيڻ واري عمل کان پوء ٻي مرحلي ۾يوزر نيم ۽ پاسورڊ ذريعي ويب سائٽ تي لاگ ان ٿي اپلائي جي بٽڻ کي ڪلڪ ڪيو ۽ ان کان پوء کاٻي پاسي ظاهر ٿيندڙ لسٽ ۾ معلومات وجهندا وڃو، گهربل ڊاڪيومينٽس اٽيچ ڪندا وڃو ۽ سيو ڪندا وڃو.ايجوڪيشن انفارميشن واري خاني ۾ جٿي مڊل اسڪول (ortaokul) لکيل آهي اهو صرف انهن لاء آهي جيڪي ديانت فاؤنڊيشن يا امام خطيب اسڪول لاء اپلاء ڪرڻ چاهين ٿا . بيچلرز، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جا اميدوار اهو سيڪشن نه ڀرن. جٿي هاء اسڪول لکيل آهي اتي ميٽرڪ ۽ جٿي ايسوسئيٽ ڊگري لکيل آهي اتي انٽرميڊييٽ جا انگ اکر لکو.اڪيڊمڪ ڪواليفيڪيشن جو وري الڳ خانو آهي جنهن ۾ GRE, GAT, IELTS, TOEFL  وغیرہ جيڪڏهن آهن ته انهن جي انفارميشن درج ڪيو.جيڪڏهن توهان ڪنهن سماجي سرگرمي ۾ بهرو وٺندا رهيا آهيو ته ان کي سوشل ايڪٽوٽي واري سيڪشن ۾ ضرور درج ڪيو، اها توهان لاء پلس پوائنٽ آهي جيڪا سليڪشن ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي.

مٿيان ٻئي مرحلا مڪمل ٿيڻ کان پوء اپلاء جو بٽڻ ظاهر ٿيندو جنهن کي دٻائڻ سان ٽيون مرحلو شروع ٿيندو. هن مرحلي ۾ هيٺيان خانا آهن:

-ايپليڪيشن جا شرط شرائط:جن کي قبول ڪرڻ کان پوء ئي توهان اڳتي وڌي سگهو ٿا.

-ريفرنس انفارميشن: جنهن ۾ توهان کيٻهاڪيڊمڪ ريفرنس اٽيچ ڪرڻا آهن.

-یونيورسٽيز ۽ ڊپارٽمنٽس جي ترجيحات: ھن ۾ توهان کان توهان جي تعليمي قابليت جي اعتبار سان ۱۲یونيورسٽيز ۽ ڊپارٽمينٽس کي سيليڪٽ ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويندو.

-ليٽر آف انٽيٽ: جيڪو اصل ۾ ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي جي اميدوارن لاء رسرچ پروپوزل آهي جنهن ۾ اهي سڀ شيون مختلف پيراگرافس جي شڪل ۾ لکڻيون آهن جيڪي هڪ رسرچ پروپوزل ۾ لکبيون آهن. جڏهن ته بيچلرز جي اميدوار لاء هي هڪقسم جوStatement of Purpose  آهي جنهن ۾ هو ٻڌائيندو ته هن تعليمي ڪيريئر ۾ ڇا ڪيو آهي ۽ ترڪيء ۾ ڇو پڙهڻ چاهي ٿو وغيره وغيره.

-سوالنامو: جنهن ۾ اهو پڇيو ويندو ته جيڪڏهن اوهان انٽرويو لاء شارٽ لسٽ ٿيو ته ڪهڙي شهر ۾ انٽرويو ڏيڻ پسند ڪندا. هن ۾ سنڌ مان ڪراچيء جو آپشن آهي.

هي مرحلو هڪ ئي دفعي سان ڀري پورو ڪرڻو آهي ان ڪري گهربل معلومات ۽ ڊاڪيومينٽس گڏ کڻي ويهو.

هي مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوء سبمٽ جو آپشن ایندو جنهن کي دٻائڻ سان توهان جي درخواست جمع ٿي ويندي۔

ايپليڪيشن سبمٽ ڪرڻ کان پوء اها پي ڊي ايف جي شڪل ۾ توهان جي اڪاؤنٽ ۾ محفوظ ٿي ويندي، ان کي پرنٽ ڪرڻ نه وسارجو ۽ انٽرويو مهل ٻين ڪاغذن سميت اها توهان سان ساڻ هجڻ گهرجي.

چونڊ جو طريقه ڪار:هن ۾ صرف انٽرويو ٿيندو آهي ، ٽيسٽ وغيره نه ورتي ويندي آهي. آخري تاريخ گذرڻ کان پوء درخواستن جي جانچ پڙتال ڪري اميدوارن کي انٽرويو لاء شارٽ لسٽ ڪيو ويندو آهي.

انٽرويو کان پهريون ڪاغذن جي چڪاس ٿيندي ان ڪري آنلائن سبمٽ ڪرايل سڀني ڊاڪيومينٽس جا اورجنل توهان سان ساڻ هجڻ ضروري آهن.

اميدوار جي تعليمي قابليت ۽ انٽرويو ۾ ڪارڪردگي جي روشنيء ۾ ان جي اهليت جو فيصلو هڪ ڪميٽي ڪندي آهي ۽ اميدوار کي آگاه ڪيو ويندو آهي.

هي اسڪالرشپس ڏينهون ڏينهن بهتر ٿينديون پيون وڃن مثال طور اڳي شاگرد ايئرپورٽ کان هاسٽل تائين پنهنجي مدد پاڻ تحت پهچندو هئو پر هاڻي کين ريسيو ڪرڻ لاء متعلقه اداري جي ڊيسڪ ايئرپورٽ تي قائم ڪئي وڃي ٿي جٿي ويٺل نمائندا شاگرد کي ريسيو ڪن ٿا ۽ کيس سندس هاسٽل تائين پهچائين ٿا.

نون آيل شاگردن لاء تعارفي پروگرام رکيو وڃي ٿو جنهن ۾ کين ترڪيء ۽ اتان جي ڪلچر جي حوالي سان بريف ڪيو وڃي ٿو. شاگردن کي بينڪ اڪاؤنٽ کولرائڻ، هيلٿ انشورنس جي طريقه ڪار کان وٺي يونيورسٽيء ۾ داخلا تائين هر قدم تي رهنمائي ڪئي وڃي ٿي.

ترڪيء ۾ پڙهڻ جو هڪ وڏو فائدو اهو به آهي ته يورپي يونين جي پروگرام اراسمس ۾ اپلائي ڪري هڪ یا ٻه سيميسٽر يورپ جي ڪنهن يونيورسٽيء ۾ پڙهڻ جو موقعو آسانيء سان ماڻي سگهي ٿو جڏهن ته ترڪيء ۾ نوڪريء جا به ڪافي موقعا آهن خاص ڪري جڏهن توهان ترڪيء جي ڪنهن يونيورسٽيء مان فارغ التحصيل هجو.

 ترڪيء ۾ پنج سال رهڻ ۽ ان اسڪالرشپ مان فائدو وٺندڙ جي حيثيت سان ۽ ٽرڪش گورنمينٽ جي طرفان ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏيڻ واري ڪوششن کي ڏسندي مان سنڌي نوجوانن کي اها صلاح ڏيندس ته اهي هن اسڪالرشپ لاء وڌ کان وڌ اپلاء ڪن.


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment