شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

ڪاڻو ڪھڙي پاسي ويندو؟


شام 03 لڳي 00 منٽ -خميس 09 جنوري 2020  158 
image-1


ھي ھڪ اھڙي ويڙھي جي ڳالهھ آھي جيڪو گول ھوندي بھ گول نھ پر بيضوي آھي، ھن ويڙھي ۾ ٻن قسمن جا انڌا رھندا آھن ھڪڙا اکين جا انڌا ۽ ٻيا عقل جا انڌا، اڪثريت عقل جي انڌن جي آھي، ان ڪري انھن تي بيني، نابيني، ڪاڻي، لولي ۽ لنگڙي جھڙا ماڻھو حڪمراني ڪندا آھن. انھن سڀنيءَ مان ڪاڻو پنھنجي ھلڻي ۽ رھڻي ڪهڻي ۾ نرالو آھي.
ڪاڻو، لولي لنگڙي، بيني ۽ نابيني کان ڄمار ۾ گھڻو ئي ننڍو آھي پر پنھنجي چالاڪين جي ڪري ھر فيصلي جي وچ ۾ ويٺل نظر ايندو آھي ۽ اڪثر سياڻي ڪانءُ جيان ٻھ ٽنگو ڦاسي پوندو آھي، پوءِ نابيني کي منٿ ميڙ ڪري جان ڇڏائيندو آھي. نابيني جو ساٿ ڏيندي ڪاڻي گھڻو اڳ لولي کي ٽوٽا چٻايا ھئا ۽ لولو ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ھو. ان تي نابيني وڏي دل جو ثبوت ڏيندي پاڻ ناڻو ڏنو ھو، ايڏو ناڻو ڏسي ڪاڻو اصل ترڪي پيو ۽ سوچيان جيڪڏھن ٻن کي ويڙھائڻ مان ايترو پيسو ملي ٿو تھ پوءِ ھروڀرو ٻيو ڪم ڪار ڇو ڪجي ۽ پوءِ اھي ڏينھن ۽ اھي شينھن. ڪاڻي ڌندو داڙي ڇڏي نابيني جي چوڻ تي لولي، لنگڙي ۽ بيني خلاف سازشون ڪري خوب ناڻو ڪمايو.
پر نابيني کي سندس ٻٽي چال تڏھن سمجھه ۾ آئي، جڏھن ڪاڻي گھر جو گاڏو ھلائڻ لاءِ لنگڙي کان ڳاڙھا ڏوڪڙ وٺڻ شروع ڪيا ۽ لنگڙي بھ دل کولي سندس مدد ڪئي. لنگڙي جو ڪاڻي لاءِ ڪو ھانوءَ ڪونھ ڦاٽو ھو، لنگڙي جا وري پنھنجا ئي مفاد آھن، ھڪ تھ کيس ھر ميدان ۾ نابيني سان مقابلو ڪرڻو آھي ٻيو سموري ويڙھي جو چڱو مڙس ٿيڻو آھي ۽ کيس ڪاڻي جي ضرورت آھي، لنگڙي موجب تھ ڪاڻي جو گھر ويڙھي جي اھڙي ڪنڊ تي آھي جو نھ چاھيندي بھ سندس مدد جي ضرورت پئجو وڃي. ان تي نابينو صفا مڇرجي پيس، اصل ڪاڻي جا ترا ٿي  ڪڍيائين، پوءِ ڪاڻي کي داٻو ڏيندي چيائين تھ  ٽپتائي ڇڏي عقل کان ڪم وٺي. پر ڪاڻو ھاڻي ڪٿان ٿو مڙي! ڪاڻي نابيني سان اھڙو ڌڪ ڪيو جو نابيني کي کيس پيسا بھ ڏيڻا پيا ۽ وچ ۾ ويھارڻو بھ پيو. ڪاڻي جون تھ ڄڻ پنجئي آڱريون گيھه ۾. ھڪ پاسي کان ساوا ڏوڪڙ ٿي آيس تھ ٻئي پاسي کان ڳاڙھا ڏوڪڙ. ڪاڻي لاءِ نھ عيسيٰ پير، نڪو وري موسيٰ پير، سڀ کان وڏو پيسو پير ٿي پيو.
ڪاڻو پيسن جي چڪرن ۾ ڪڏھن پنھنجن ئي گھر ڀاتين کي ماري وجھندو آھي، ڪڏھن کين گم ڪري ڇڏيندو آھي تھ ڪڏھن وري سندن پاڻي بند ڪري ڇڏيندو آھي. ھڪ ڀيرو تھ پيسن جي لالچ ۾ ويڙھي جي واهه جو بند ٽوڙي پنھنجو ئي گھر ٻوڙيائين ۽ نابيني کان ويندي لنگڙي ۽ بيني کان ويندي لولي تائين سڀني کان مال وٺي ڳڙڪايائين.... پوءِ بھ ڪنھن ڪاڻي کي ڪجھه نھ چيو.... ڇو جو ڪاڻو تھ ڪاڻو آھي.
ڪجھه ڏينھن اڳ نابيني وڏي واڪي اعلان ڪيو تھ ھن بيني جو ٻيو نمبر پٽ راڪٽ ھڻي ماري وڌو آھي، ھن مان ويڙھي جي امن کي خطرو ھو. ان تي بيني پلاند ڪرڻ جو چيو آھي، بينو ۽ نابينو پنھنجا پنھنجا ھٿيار گڏ ڪري رھيا آھن. پر ويڙھي جي سڀني عقل جي انڌن جون نظرون وري اچي ڪاڻي تي پيون آھن، ھر زبان تي اھو ئي سوال آھي تھ: ڪاڻو ڪھڙي پاسي ويندو؟
ڪاڻو عقل جي انڌن تي مرڪي دل ۾ سوچي رھيو آھي تھ: جتان ايندو ناڻو، ان پاسي ويندو ڪاڻو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment