شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 02 - اپريل - 2020ع

شيخ اياز جو عالمِ ارواح مان خط


صبح 12 لڳي 06 منٽ -جمعو 27 ڊسمبر 2019  281 
image-1

                                                                                                 طنز و مزاح

ڪالھه زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو بوتل کولي، اھا بوتل نيري آب حيات سان ڀريل ھئي، پھرين سُرڪ سان ئي ڄڻ پر لڳي ويا ۽ ھوائن ۾ اڏامڻ لڳس، اُڏام ايڏي تھ وڏي ٿي وئي جو آسمانن ۾ وڃي پھتس، عجيب منظر ھئا، ستين آسمان کانپوءِ ھڪڙو ھنڌ اھڙو بھ آيو جو ٻن فرشتن ٻانھن پڪڙي چيو:

"جيئن تھ تون شڪل مان بشني پيو لڳين، ان ڪري تو کي ان طرف وڃڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي." مان سمجھان ٿو اھا جاءِ حورن جي حوالي سان منسوب ھوندي، ان ڪري ئي فرشتن روڪي ڇڏيو. ٻن مان ھڪ فرشتي چتائي مون کي ڏٺو ۽ حيرت مان پڇيائين:

"سنڌي تھ نھ آھين؟"

چيم: "سچو پڪو سنڌي سان گڏ اديب بھ آھيان." اھو ٻڌي ٻنھي فرشتن جي منھن تي مُرڪ اچي وئي ۽ پھرين چيو:

"تڏھن ئي تھ بشنين وارا مھانڊا اٿئي، پر تنھنجي لاءِ ھڪ خوشخبري آھي سنڌين جي ھڪ شاعر نالي شيخ اياز ھتان اوھان سنڌين لاءِ ھڪ خط لکيو آھي، پر اسان کي لڳو تھ ان خط جي ڪري ملڪ خداد ۾ ڏڦير پئجي ويندو، ان ڪري اوھان تائين ان کي نھ پھچائجي."

"معنيٰ اھو سچ آھي تھ ملڪ خداداد جي رکوالي آسمان وارا پاڻ ئي ڪري رھيا آھن، اوھان آسمان وارن ۽ ڌرتيءَ وارن جي سوچ ڪيڏي نھ هڪجهڙي آهي، جڏھن اياز ڌرتيءَ تي رھي پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ لکندو ھو تڏھن بھ زميني ديوتا ھن تي ملڪ خداداد ۾ ڏڦير جو الزام ھڻندا ھئا." مون مسخرو ٿيندي کين جملو وھائي ڪڍيو. ان تي ٻئي فرشتا مڇرجي پيا ۽ ھڪدم چھبڪ ڪڍي ورتن، اھي چھبڪ بلڪل اھڙا ئي هئا، جھڙا جنرل ضياءَ جي جلادن وٽ ھوندا ھئا، فرشتن جا چھبڪ ڏسي مون کي رڦڻي وٺي وئي. ھڪ فرشتي ھڪ ناسي صفحو ڏيندي چيو:

"ھي شيخ اياز جو لکيل تازو خط آھي، پر ياد رکجانءَ جيڪڏھن ان خط جو غلط استعمال ڪيئه تھ اسان جا ايجنٽ ملڪ خداداد جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آھن ۽ تون ائين گم ٿي ويندين ڄڻ ڄائو ئي ڪونھ ھئين!" اھا ڳالھه ٻڌي مون کي ويتر رڦڻي چڙھي وئي ۽ ڏڪندڙن ھٿن سان خط وٺي فرشتن کي پٺي ڏنم، اوچتو زور سان لت لڳڻ جو احساس ٿيو ۽ واپس اچي پنھنجي ڪمري ۾ ڪريس، سامهون نيري شربت سان ڀريل بوتل نظر آئي، ھڪدم ان کي ڍڪ ڏئي ڇڏيم، ھٿن ۾ سنڌ جي مھا ڪوي شيخ اياز جو لکيل خط ھو، اياز جي اسٽائيل ۾ سگريٽ دکائي خط پڙھڻ شروع ڪيم:

"حصو پھريون: آسمانن جو احوال

ھتي ٻيو تھ سڀ خير آھي پر جڏھن بھ ڪو شعر ذھن جي چمن تي تري ايندو آھي تھ ٻھ فرشتا اچي ويندا آھن ۽ شڪي نظرن سان ڏسڻ لڳندا آھن. زمين جيان ھتي بھ منھنجي شاعريءَ تي اڄڪلهھ رڳو فرشتا ئي تبصرا ڪري رھيا آھن، ڪي فرشتا منھنجي شعرن کي مارڪس وادي، تھ ڪي وري قومپرست ٿا سمجھن، ڪي وري انھن کي بغاوت جي علامت ٿا سمجھن، پر ڌرتيءَ جيان ھتي بھ ڪو اھڙو نھ آھي، جيڪو منھنجي شعرن کي شاعريءَ جي فن تي پرکي.

اڃا جڏھن پليجو صاحب ھتي نھ پھتو ھو تھ جويو صاحب، منھنجيون ۽ سائين جي ايم سيد جون خوب ڪچھريون ٿينديون ھيون. پر پليجي صاحب جي اچڻ کانپوءِ خبر نھ آھي ڇا ٿيو جو سائين جي ايم سيد اسان کان پري پري رھڻ لڳو. ان تي ھتان جو انتظام سنڀاليندڙ فرشتا ڏاڍو خوش ٿيا. ڏرتيءَ جيان ھتي بھ منھنجي، جويو صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جي گڏ ويھڻ تي بي چيني وڌڻ لڳي، ڪجھه فرشتن کي تھ اھو بھ شڪ ٿيو تھ اسين ڌرتيءَ تي اڌ ۾ رھجي ويل منصوبو ھتي آسمانن ۾ پورو ڪرڻ وارا آھيون.

خير شام ٿيڻ سان اسان ٽئي لطيف ڏانھن ويندا ھئاسين خوب ڪچھري ٿيندي ھئي، ھر محفل منھنجي انھن سٽن تي پوري ٿيندي ھئي تھ:

دودا تنھنجو ساهه تھ ويندو پر ماڻھو جو ويساهه نھ ويندو......

ڌرتيءَ جيان آسمان جون حالتون بھ ملندڙ جلندڙ آھن، ھتي بھ جيڪڏھن چار پنج پڙھيا لکيا ماڻھو گڏ ٿا ٿين تھ ان کي امن امان لاءِ خطرو سمجھيو ٿو وڃي. اڄڪلهھ اسان جو ارڏو اڳواڻ ڀٽو صاحب مون کان وڌيڪ فيض احمد فيض کي ٿو ڀانئين، پر فيض مون سان اکين ۾ اکيون وجھي ڳالھائي نھ سگھندو آھي.

ھڪ ڀيرو ڀٽي صاحب جي باغ ۾ ٽڪرائجي ويو، مون کي ڏسي نظرون جھڪائي ڇڏيائين، مون مرڪي چيومانس: فيض صاحب تون رڳو اڍائي نظمن جو شاعر آھين. ھن بھ ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ مون کان نظرون چورائي ٻئي پاسي ھليو ويو. آسمانن جو حال ڏسي غالب جو ھڪ شعر ياد ايندو آھي جنھن جو مفھوم آھي: خوشي کان مري نھ وڃون ھا جيڪڏھن اعتبار ھجي ھا....!

ڌرتيءَ جو احوال: ھن سال ويھين ڊسمبر کان اسان تي ھڪ خاص مھرباني ڪئي وئي، مون کي ۽ جويو صاحب کي اھا دري کولڻ جي اجازت ملي جنھن مان اسان ڌرتيءَ تي جھاتي پائي ٿي سگھياسين.

جيئن تھ ھتي آسمانن ۾ اڃا گوگل ميپس جي سھولت نھ پھتي آھي، ان ڪري اسان کي سنڌ ڳولڻ ۾ ٿوري ڏکائي ٿي ۽ جڏھن ڳولي لڌوسين تھ ويساهه ئي نھ آيو تھ ڪا ھي اھا ئي اسان واري سنڌ آھي، مون اھا عرضي پنج سال اڳ ڏني ھئي، جنھن تي ھن سال عمل ٿيو آھي. ايڪھين ڊسمبر کان سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ منھنجي نالي سان ميلو شروع ٿي ويو ۽ ان ڳالھه جي حيرت ٿي تھ ھي منھنجي نالي سان پنجون ميلو آھي. اھو ٻڌي بھ حيرت ٿي تھ مان سنڌ جي ھڪ لک ويھه ھزار کان بھ مٿي شاعرن جو پڳ مٽ يار رھيو آھيان، ھنن جيترو وقت مون سان گڏ گذارڻ جي دعويٰ ڪئي ايتري تھ منھنجي عمر بھ نھ ھئي. مون کي ان ڳالھه جي بھ حيرت ٿي تھ ڪجهھ وقت اڳ ميلو ڪرائيدڙن ۽ ثقافت واري وزير وچ ۾ وڏا اختلاف ھئا، ايترا جو ڳالھه تڏا ويڙهه تائين وڃي پھتي، ٻنھي ڌرين پاران ھڪ ٻئي جي ڪردار تي خوب ڇيڻا اڇلايا ويا. ڳالهھ ليگل نوٽيسن تائين وڃي پھتي پوءِ اھڙو ڪھڙو ڪرشمو ٿيو جو ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، ايتري تائين جو ھن ڀيري ميلي جو افتتاح بھ وزير صاحب ڪيو. وري حيرت اھا بھ ٿي تھ اھي ئي ماڻھو مون کي اصولن جو درس ڏيڻ لڳا.

مون پنجن ڏينھن جي ڪارروائي ڏٺي ۽ مون سان گڏ جويي صاحب جون بھ اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون. ڪو مون کي مارڪس وادي ڪرڻ ۾ لڳو پيو ھو تھ، ڪو انقلابي ۽ ڪو وري مذھبي..... پر مان سمجھان ٿو تھ منھنجي لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز اھو آھي تھ مون ان ٻوليءَ ۾ ڀرپور شاعري ڪئي جنھن ٻوليءَ ۾ منھنجي امڙ مون کي لولي ڏني ھئي، ڇا ھنن ماڻھن لاءِ اھو ڪافي نھ آھي. مون تھ اھڙا بھ شاعر ڏٺا آھن جيڪي سندن مادري ٻولي ڇڏي ڌارين ٻولين جا محتاج ٿي پوندا آھن، پوءِ بھ نھ منھنجي فن نه ئي وري ان شھرت، جيڪا مون کي پنھنجي مادري ٻولي جي ڪري ملي، جي تر جيترو ويجھو پھچي سگھندا آھن. پر ميلي جي چڱي ڳالھه اھا لڳي تھ سنڌ جو شعور ھڪ ھنڌ گڏ ٿئي ٿو، جيڪا پڻ اسان سنڌين لاءِ ننڍڙي ئي سهي پر ھڪ ڪاميابي آھي. اڄ اسان کي دريءَ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، ڳالھيون تھ کوڙ آھن پر ڌرتيءَ جيان آسمانن تي بھ وقت کٽي پيو آھي، جيڪڏھن ايندڙ سال دري کلي تھ وڌيڪ ڳالھيون تڏھن ڪبيون.

                                                                                                                                                                                                     شيخ اياز.“

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment