شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 02 - اپريل - 2020ع

سنڌ ۾ ٿيندڙ عجيب تماشا


شام 01 لڳي 57 منٽ -خميس 12 ڊسمبر 2019  317 
image-1

منھنجي گھڻي ڀاڱي ڪوشش ھوندي آھي تھ اھڙا معاملا جن ۾ تر جيتري بھ سياست ھجي انھن کان پاسو ڪريان، ھڪ عام رواجي چوڻي آھي تھ جڏھن اديب سياست ڪندو آھي تھ سياست جو ٻيڙو ٻڏندو آھي ۽ جڏھن سياستدان ادب تي ڳالھائيندو آھي تھ ادب جو ٻيڙو ٻڏندو آھي. سچ پڇو تھ ھن چوڻي کي مون سچ ٿيندي ڏٺو آھي، ھڪ سنڌي اديب ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي حوالي سان ڳالھائي رھيو ھو ۽ تاريخي واقعن کي وري خوشونت سنگھ جي ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. افسانوي ادب جيئن تھ ڪنھن بھ ليکڪ جي ذاتي خيالن تي آڌريل ھوندو آھي ان ڪري سڌريل دنيا تاريخي حقيقتون بيان ڪرڻ لاءِ افسانوي ادب مان حوالا نھ ڏيندي آھي، پر جيئن تھ پاڻ وٽ ”سڀ چلاتا ھي“ واري ٿيوري تي ڪجھ گھڻو ئي عمل ٿيندو آھي، ان ڪري تاريخي واقعن کي ناولن ۽ ڪھاڻين مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري اسين عالم ۽ عقابر وارو پٽڪو پائي ويھي رھندا آھيون.

سنڌي قوم جي ھڪ ڪمزوري آھي تھ سنڌي قومي پنھنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڏاڍي جذباتي آھي، ان ڪري ڪو بھ ايرو ،گيرو، نٿو، خيرو اسان جي ان ڪمزوري جو ڀرپور فائدو کڻي اسان کي پيو بيوقوف بڻائيندو آھي، پنھنجو الو پيو سڌو ڪندو آھي، ڪجھ نھ مان بنگلا ۽ ماڙيون اڏائي ڇڏيندو آھي ۽ اسان وري انھن نٿو خيرن کي پنھنجي مٿن تي ويھاري کين مان ۽ مرتبي جا پٽڪا پارائيندا آھيون. ائين تھ ھي نٿو خيرا سنڌ، سنڌي قوم، ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي تسبي جا مڻيا پيا ڦريندا آھن، پر جيئن ئي سنڌي قوم ڪنھن ھڪ نقطي تي ايڪي جو اظھار ڪندي آھي تھ اھي نٿو خيرا رنگ ۾ ڀنگ وجھڻ لاءِ ميدان ۾ لھي پوندا آھن.

ائين تھ سنڌ ۾ ھر ڏينھن ڪيترا ئي تماشا ٿيندا رھن ٿا پر ويجھڙ ۾ جيڪو وڏو تماشو ٿي گذريو اھو حيدرآباد ۾ ٿيل ”صوفي ميلو“ ھو. سچ اھو آھي تھ مون کي ھي لفظ صوفيءَ ڪڏھن بھ سمجھ ۾ نھ آيو آھي، ۽ اھو بھ تھ ھي مدي خراج ۽ دقيانوسي نظريو اڄ جي مسئلن سان ڪھڙي نموني منھن ڏئي سگھي ٿو؟ مون کي تھ رڳو اھو ئي لڳندو آھي تھ صوفي دنياوي مسئلن کان فراريت جي ھڪ سازش آھي، نوجوانن کي نشي جو عادي ڪري جھمريون ھڻائي ۽ حقيقي مسئلن کان پري ڪرڻ واري سازش.

صوفين جي ڀلي ڪھڙي بھ تاريخ ۽ ڪردار ڇو نھ رھيو ھجي پر منھنجي نظر ۾ اڄ جي ھن ڊجيٽل دنيا ۾ صوفي نظريو ھڪ دقيانوسي نظريو آھي، جنھن جي پرچار بدران ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪجي. ٻيو اھو تھ اڄ ڪلھ جا صوفي بھ آمريڪي سامراج جي نئين ڪٽپتلي آھن، بلڪل ائين جيئن ڪنھن دور ۾ جھادي آمريڪا جي اشارن تي نچندا ھئا اھڙي ريت اڄ جو صوفي بھ آمريڪا جي اشارن تي جھموريون ھڻي رھيو آھي جنھن کي ھو ”مي رقصم“ نالو ٿو ڏئي. جيئن جھادي آمريڪي مفادن لاءِ ڪم ڪري رھيا ھئا اھڙي ريت اڄ جو صوفي بھ آمريڪا بھادر جي مفادن لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي. ان حوالي سان 2015 ۾ Fait Muedini نالي ھڪ بين الاقوامي تعلقن ۽ آمريڪي پرڏيھي معاملن جي ماھر Promoting Sufism and Its Problems As Counterterrorism Strategy نالي مضمون ۾ ڄاڻائي ٿو تھ: ”ھاڻي جڏھن شام جي خاني جنگي چوٿين سال ۾ داخل ٿي چڪي آھي ۽ روس سڌي نموني شامي صدر بشار الاسد جي طرفداري ڪرڻ لڳو آھي، اھڙي صورتحال ۾ واشنگٽن ان ڳالھ تي وڌيڪ اسرار ڪري رھيو آھي تھ خودساختھ اسلامي رياست (داعش) کي جلد کان جلد ختم ڪري، ۽ گھٽ ۾ گھٽ ان مھم ۾ اسد جي حڪومت اسان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آھي.

گذريل سال اسد جي حڪومت جو نمائندو محمد جھاد ال لھام آمريڪا اچي ڪانگريس ۾ داعيش خلاف ويڙھ جي حمايت جي ڳالھ ڪري ويو. سندس ھڪ خط ۾ لھام صوفي مت کي ھٿي ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي، جنھن جي مدد سان جھادي ۽ جنوني ذھنيت جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. فوجي مھم جوھي ۽ جنگي حڪمت عملي ۾ تھ لھام جي صلاح تي عمل نٿي ڪري سگھجو، پر 9/11 آمريڪا ۽ برطانيا اھڙن ويچارن تي غور ويچار ڪرڻ لڳي جنھن ۾ اسلام جي ھڪ اھڙي تشريح ڏني وڃي جيڪا ڀائچاري ۽ رواداري تي آڌاريل ھجي.“

ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اھڙي قسم جا ڪتاب ۽ ادب ڇپارئڻ جي ضرورت ھئي جيڪو اسلام جو نرم چھرو ڏيکاري ۽ صوفي ڪلامن ۽ موسيقي کي ھٿي ڏياري وئي. ڏسندي ئي ڏسندي رومي تي وڏي انگ ۾ تحقيق ٿيڻ لڳي، رومي ۽ اھڙن ٻين صوفي شاعرن جا ڪتاب خاص ڪري نوجوانن ۾ عام ڪرڻ تي غور ويچار ٿيڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي رومي تي لکيل ردي قسم جو ڪتاب بھ انٽرنيشنل بيسٽ سيلر ٿيڻ لڳو. ان کان سواءِ مختلف ملڪن ۾ اھڙا ماڻھو پلانٽ ڪيا ويا جيڪي صوفي مت کي ھٿي ڏين، ان جو ھڪ مثال ترڪي ۾ فتح اللھ گيلن واري تحريڪ ھئي، جنھن جي پٺيان آمريڪا جو ھٿ ھو.

اھڙي ريت پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ صوفي مت جھڙي نشي کي عام ڪرڻ جون پڻ ڪوششون ورتيون ويون، سنڌ جي حڪمرانن تھ سڀ ليڪا لتاڙي صوفي يونيورسٽي کولڻ جو اعلان بھ ڪري ڇڏيو. ظاھري طور تھ اھي صوفي انساني ڀائچاري جي ڳالھ ڪن ٿا، امن ۽ شانتي جي ڳالھ ٿا ڪن پر سندن مقصد اڃائي ڪجھ ٻيو آھي. سنڌ ۾ وري صوفين کي انتشھار لاءِ استعمال پيو ڪيو وڃي ۽ ان سازش ۾ ڪجھ سنڌي نام نھاد دانشور بھ شامل ٿي رھيا آھن. سنڌ ۾ عجيب نالن سان صوفين جون تنظيمون ٺھي رھيون آھن، جھڙوڪر فقراءِ قلندر، سنڌ حيدري جماعت وغيرھ، جن جو ڪم رڳو اھو آھي تھ پرائي مال تي عيش ڪريو ۽ جيڪڏھن ڪنھن نقطي تي سنڌي قوم گڏ ٿئي تھ انتشھار پکڙيو ۽ ان نقطي خلاف ايتري تھ پروپيگينڊا ڪيو جو ماڻھو ان مان بيزار ٿي وڃن.

انھي جو وڏي ۾ وڏو مثال سنڌ جو ثقافتي ڏينھن آھي. سنڌي قوم ڊسمبر جي پھرين آچر تي ثقافتي ڏينھن ملھائيندي آھي، جنھن ۾ سنڌ جو نوجوان ۽ سنڌ جون نياڻيون وڏي انگ ۾ حصو وٺنديون آھن، ھن اھم ڏينھن ۾ رڳو سنڌي ڳالھائيندڙ ئي نھ پر سنڌ ۾ رھندڙ ھر ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھو دلي طور حصو وٺندو آھي، ڪنھن سان ڪا بھ زبردستي نھ ڪئي ويندي آھي، سنڌ ثقافتي رنگن سان رڱجي ويندي آھي ۽ عالم انساني کي امن جو پيغام ڏيندي آھي.

پر افسوس اھو آھي تھ اسان جي صوفي منشن کي ان ثقافت ۾ نھ تھ سيڪيولرزم نظر ايندو آھي نڪو وري انساني ڀائچرو ۽ ٻڌي. بس اھي صوفي منش عالمن وارو پٽڪو ٻڌي نڪري پوندا آھن ثقافت واري ڏينھن جي مخالفت ۾، سندن چوڻ ھوندو آھي تھ: ”ڇا ھي ٽوپي ڊرامو ڪرڻ سان سنڌ جي تعليم بھتر ٿي ويندي، سنڌ مان ڪرپشن ختم ٿي ويندي، سنڌ جي ماڻھن جي صحت سڌري ويندي.“ يا وري ڪي دانشور چوندا آھن: ”ٻيو تھ سڀ ٺيڪ آھي پر سنڌي ثقافت ۾ اڃا بھ دقيانوسي روايتون آھن جيئن تھ پاڻ روشن خيال آھيون ان ڪري اھڙي ثقافت کي نٿا مڃيو.“

پر اھي عالم عقابر وري حيدرآباد ۾ ٿيندڙ صوفي ميلي جھڙي تماشي ۾ جھمريون ھڻندي نظر اچن ٿا، اسٽيج تي ويھي چرس ۽ شراب جي قسم تي بحث ڪري فخر ٿا محسوس ڪن. سائين منھنجو اوھان جي مڃڻ يا نھ مڃڻ سان ڪو فرق نٿو پئي، گذريل ڪيترن سالن کان سنڌي ماڻھو پنھنجو ثقافتي ڏينھن ڀرپور نموني ملھائي ھڪ زندھ قوم ھجڻ جو ثبوت ڏيندا پيا اچن. ٻيو اھو تھ اوھان جا اھڙا بيان اوھان جي پت کي وائکو ڪري رھيا آھن تھ اوھان ڪنھن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رھيا آھيو. منھنجو ذاتي خيال اھو آھي تھ سنڌ کي صوفي مت جھڙي دقيانوسي نظرئي کان وڌيڪ سيڪيولرزم ۽ مادي پرست روايتن جي ضرورت آھي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment