شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 02 - اپريل - 2020ع

اينٿروپالاجي ۾ لڪل انساني ترقيءَ جا راز ۽ نفسياتي مسئلن جو حل


شام 07 لڳي 12 منٽ -جمعو 22 نومبر 2019  847 
image-1


ڪائنات جي رازن کي پنهنجي شعور ۽ ڏاهپ ذريعي پروڙيندڙ انسان اصل کان وٺي پاڻ هڪ راز رهيو آهي. هيءَ جديد، پرآسائش ۽ ترقي يافته دنيا انساني عقل، محنت ۽ ڪوششن جو ئي ثمر آهي. انسان پنهنجي سهولت خاطر هن ڌرتيءَ جي گولي کي 7 کنڊن (Continents) ۾ ورهائي، وڌيڪ ان کي 195 ملڪن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، جن مان وري 193 ملڪ يونائيٽيڊ نيشنز (گڏيل قومن) جا ميمبر ملڪ آهن. يونائيٽيڊ نيشنز جي نومبر 2019ع جي رپورٽ موجب هن وقت دنيا ۾ انساني آدمشماري 7.7 بلين تائين اچي پهتي آهي. دنيا جي هر خطي ۽ ملڪ ۾ پنهنجو پنهنجو اتان جو مقامي نظام رائج آهي، ڪٿي جمهوريت آهي ته ڪٿي بادشاهت ۽ آمريت. هر ملڪ کي پنهنجي منفرد سڃاڻپ لاءِ الڳ ٻولي، مذهب ۽ جهنڊو آهي.

هن وقت دنيا ۾ ننڍا وڏا تمام گهڻا مذهب پنهنجو وجود رکن ٿا، انهن سڀني مذهبن مان اڪثريت جي حساب سان اسلام، عيسائيت، يهوديت، هندوازم ۽ ٻڌازم جا پيروڪار ٻين سڀني مذهبن کان وڌيڪ آهن. گوگل موجب هن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ 6500 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. دنيا ۾ جيڪي به قومون ۽ قبيلا آهن، انهن جي پنهنجي پنهنجي هڪ الڳ تاريخي حيثيت ۽ سڃاڻپ هوندي آهي. ان کانسواءِدنيا جي هر قوم وٽ پنهنجي هڪ الڳ ثقافت (Culture) هوندي آهي. ثقافت لفظ جي معنيٰ کي علم الانسان (Anthropology)جي ماهرن پنهنجي پنهنجي نقطه نظر سان بيان ڪيو آهي. جن جو هڪ ئي محور آهي ته، ”انسان ذات جي زندگي گذارڻ جي طريقيڪار کي ثقافت چئبو آهي.“ انساني ڪلچر ۾ ذهني ترقي، مذهبي رسمون، تهذيبي قدر، تاريخي روايتون، سماجي رواج، روحاني عقيدا، عبادتن جا طور طريقا، ڳائڻ وڄائڻ، عورتن جي هار سينگار جا زيور، روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ، ذهني جسماني تفريح لاءِ راند روند، عرس، ميلا ملاکڙا، عيدون ۽ مذهبي ڏڻ شامل ٿين ٿا. جڏهن ته جديد تحقيق ۾ مذهب، تاريخ، جيوگرافي، ٻولي ۽ لباس کي ثقافت جي بنيادي عنصرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

هن وقت جيڪڏهن دنيا جي سڀني سماجن تي سرسري نظر ڦيرائجي ته هر سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار نظر ايندو. مجموعي طور جيڪڏهن ائين چئجي ته اڄ به انسان پنهنجي منزل جي ئي تلاش ۾ آهي، جيڪا منزل ان کي ڪروڙين سالن جي ارتقائي مرحلن مان گذري اڄ تائين ناهي ملي سگهي. هيءَ جيڪا جديد ۽ پرآسائش دنيا آهي، ان ويتر انسان لاءِ مسئلن جا انبار کڙا ڪري ڇڏيا آهن. ڇو ته جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪري انسان پنهنجي ڏاهپ ذريعي جيڪي ائٽم بم، ميزائيل، راڪيٽ لانچر ۽ جيڪي به جديد قسم جا هٿيار پنهنجي حفاظت ۽ سهولت لاءِ بڻائي رکيا آهن، اهي ئي هاڻي انسان جي وجود لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن. ڇو ته هي زمين جو گولو هاڻي هڪ اهڙو آکاڙو بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ دنيا جون طاقتور ڌريون پنهنجي جوهري هٿيارن ۽ پئسي جي طاقت جي ٻل تي ڪمزور ۽ نٻل قومن ۽ ملڪن جي معدني وسيلن ۽ ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ لا نت نيون چالون هلي رهيون آهن. جنهن سبب وري هڪ غير متوازن سياسي ماحول قائم ٿي چڪو آهي. هر انسان پنهنجي بقا جي ويڙهه وڙهي رهيو آهي. جيڪڏهن وري دنيا جي سماجن جي اندروني منظرڪشي ڪجي ته هر سماج مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي، جتان نڪرڻ انهن لاءِ لڳ ڀڳ ناممڪن ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن آسان لفظن ۾ چئجي ته هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ ٽيڪنالاجي جتي انسان جي زندگي حد کان وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏي آهي، اتي وري ان ئي ٽيڪنالاجي انساني نسل جي بقا لاءِ خطري جي گهنٽي به وڄائي ڇڏي آهي، انسان مختلف پهلوئن کان مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسجندو پيو وڃي.

اڄ انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي جيڪي هٿرادو ذهانتن وارا روبوٽ بڻائي وڏين وڏين صنعتن، ڪارخانن، ايئرپورٽس، آفيسن ۽ هوٽلن ۾ انسانن جي جڳهه تي انهن کان ڪم ورتو پيو وڃي، انهن ئي روبوٽن جي ڪري دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ وري ان بيروزگاري جي ڪري نتيجي ۾ انساني زندگي ۾ مسئلا ۽ مشڪلاتون ڪر کڻي رهيون آهن. ان جا ايندڙ وقت جي انساني نسلن تي تمام گهرا اثر پوندا. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪوبه پنهنجي ڪٽنب جو اڪيلو ڪمائيندڙ بيروزگار ٿئي ٿو ته ان جو اثر ان سڄي ڪٽنب تي پوي ٿو، انهن جون ضرورتون پوريون نٿيون ٿين، جن جي ڪري انسان جي اندر ۾ خود هڪ انارڪي جنم وٺي ٿي، جيڪا ان کي سڄي سماج جي انسانن کان نفرت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي، ائين ئي وري اهڙي قسم جا ماڻهو انساني نسل خلاف ڪم ڪندڙ گروهن جي ور به چڙهي وڃن ٿا، جيڪي وري انهن جي مجبورين جو فائدو وٺي انهن کي پنهنجي مفاد خاطر استعمال ڪن ٿا. دهشتگردي جي صورت ۾ ان جو مثال اسان جي سامهون آهي. اڄڪلهه دنيا ۾ يورپ جي ملڪن سميت وڌندڙ دهشتگردي جي پٺيان اهڙي ئي قسم جا عنصر به ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو وجود رکن ٿا ۽ جهڙي قسم جي صورتحال ايندڙ وقت لاءِ جڙڻ واري آهي ته ايندڙ وقت ۾ اهڙي قسم جي واقعن ۾ اضافو ئي ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

جديد سائنسي ايجادن مان انٽرنيٽ ۽ ماس ميڊيا به انسان جي زندگي ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي، اڄ دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي، سڄي دنيا جا انسان سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ ذريعي هڪٻئي سان جڙيل رهن ٿا. ان کانسواءِ جيڪڏهن ان جي منفي پهلوئن طرف نهارجي ته سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ، واٽس ايپ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ ٻين مختلف ايپليڪيشنز جي حد کان گهڻي استعمال سبب نفسياتي طور انسان ويڳاڻپ ۽ اڪيلائپ جو شڪار ٿي چڪو آهي. رشتن ۾ ويڇا وڌڻ سبب، نفرت وارن روين جي شدت ۾ اضافي سبب انسان حد کان وڌيڪ جذباتيت ۽ شدت پسندي طرف راغب ٿئي ٿو، پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي ڪري انتهائي قدم کڻندي پاڻ کي به ماري ٿو ته آس پاس ۾ جن انسانن جو ان طرف رويو ڪنهن به شڪل ۾ منفي يا تعصباڻي صورت ۾ رهي ٿو ته، انهن کي جاني نقصان پهچائڻ جا به مختلف واقعا يورپ سميت پوري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. مختلف قسم جون نفسياتي بيماريون به انسان جي وجود کي وڪوڙينديون پيون وڃن. جنهن جا مثال اسان کي هر روز دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ رونما ٿيندي نظر اچن ٿا. مطلب ته اڄ جي جديد دور ۾ به سموري دنيا دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ شدت پسندي کي منهن ڏئي رهي آهي.

ماضي قريب تي نظر ڊوڙائڻ سان خبر پوندي ته 15 مارچ 2019ع ۾ نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ 50 شهري قتل ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. ان کانسواءِآمريڪا سميت يورپ جي مختلف ملڪن ۾ وقت بوقت ڊانس ڪلبن، اسڪولن ۽ بازارن ۾ فائرنگ جا مختلف واقعا رونما ٿيندا رهندا آهن، جن مان هڪ اهڙو واقعو به رونما ٿيو جنهن ۾ اسان جي سنڌ جي ناليواري فلاسافر سائين جاويد ڀٽو هڪ جنوني ۽ نفسياتي بيمار شهري جي فائرنگ ۾ پهرين مارچ 2019ع ۾ آمريڪاجي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ قتل ٿي ويو. مطلب ته هن وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ رجعت پسندي پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪي آهي.

هر انسان مختلف مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. فطري طور انسان هڪ آزاد جاندار جي حيثيت ۾ هن ڌرتي تي وجود ۾ آيو، جيئن جيئن انساني نسل جي آدمشماري وڌندي وئي ته انسان هن ڌرتي کي ٽڪرن ۽ سرحدن ۾ ورهائيندو رهيو. اڄ هي دنيا انسان لاءِ ناڪافي ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري اڄ انسان ڪائنات جي ٻين سيارن تي قبضي ڪرڻ جي ڪرت ۾ لڳل آهي. ان کانسواءِهن وقت انسان مجموعي طور بيروزگاري، تنگدستي، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ، اقرباپروري، اڪيلائي، ويڳاڻپ، بي راهه روي ۽ مختلف نفسياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

دنيا جي سڌريل سماجن ۾ ڏينهون ڏينهن نون نون موضوعن تي کوجنائون، بحث مباحثا ۽ تحقيقون ٿينديون رهن ٿيون. انسان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سائنس جي سڀني شعبن جو پنهنجو پنهنجو تعريف جوڳو ڪردار آهي، پر انهن سڀني شعبن مان انسان جي ترقي ۾ اينٿروپالاجي جو به تمام گهڻو اهم ڪردار آهي. اينٿروپالاجي هڪ اهڙو علم آهي، جنهن ۾ مڪمل طور انسان جي سماجي، نفسياتي، ثقافتي ۽ تاريخي پهلوئن کان سائنسي بنيادن تي نج ريسرچ اسٽڊي ڪئي ويندي آهي. اڄڪلهه هي علم ترقي يافته ملڪن ۾ ترقي ڪري بلندين تي پهتل آهي. هن ۾ وقت سان گڏوگڏ ڪيترين ئي نين شاخن (Branches) جو اضافو پڻ ٿي چڪو آهي. عالمي سطح تي اينٿروپالاجي جون ڇهه اهم شاخون (Branches)آهن، (1) ڪلچرل اينٿروپالاجي (2) بائيولاجيڪل اينٿروپالاجي (3) لنگوسٽڪ اينٿروپالاجي (4) آرڪيالاجي (5) اپلائيڊ اينٿروپالاجي (6) رليجن اينٿروپالاجي.

اينٿروپالاجي علم اسان کي انسان ذات جي مڪمل زندگي جي سائنسي بنيادن تي تحقيق فراهم ڪري ٿو، هن علم ۾ انسان جي ثقافتي، سماجي، مذهبي ۽ نفسياتي پهلوئن کان ريسرچ ڪئي ويندي آهي، انسان جي سڀني مسئلن؛ ذهني، جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۽ انهن جي حل جي باري ۾ تمام باريڪبيني سان مشاهدو ڪيو ويندو آهي. هن علم ۾ ئي انسان سان جيڪي به لاڳاپيل مسئلا آهن، انهن سڀني جو حل موجود آهي. جنهن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.

شروع کان وٺي انسان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مذهب، ثقافت ۽ ٻولي کي دنيا جي ٻين خطن جي انسانن جي مذهب، ثقافت ۽ ٻولي کان وڌيڪ اتم ۽ اعليٰ سمجهندو آيو آهي. جيڪا اينٿروپالاجي جي علم جي نظر ۾ انسان جي سڀ کان وڏي غلطي ئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سوچ جي ڪري ئي اڄ ڏينهن تائين هڪ خطي جي انسان جا ٻئي خطي جي انسان سان جيڪي نفرت ڀريا تعلقات رهيا آهن ۽ انهن ناڪاري روين جي ڪري ئي ايتريون جنگيون لڳيون آهن، جن ۾ ڪروڙين انسانن جو رت پاڻي وانگر وهيو آهي ۽ انهن نفرت ڀريل روين جي ڪري ئي اڄ هن ڌرتيءَ تي انسان جو نسل خطري هيٺ آهي.

اينٿروپالاجي جو علم ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ ڪوبه ڪلچر ڪنهن ٻئي ڪلچر کان اتم ۽ اعليٰ ناهي، هر ڪلچر جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي، اهڙي ئي طرح ڪا به قوم يا قبيلو ڪنهن ٻئي ڪنهن قوم يا قبيلي کان رنڱ، نسل جي بنياد تي اتم ۽ اعليٰ نه آهي. سڀ انسان برابر آهن، انهن کي برابري جي بنياد تي ئي موقعا ملڻ گهرجن. هر قوم ۽ قبيلي جي معدني وسيلن تي اتان جي ئي لوڪل ماڻهن جو سڀ کان وڌيڪ حق آهي.

ترقيءَ جي نالي تي فطري ماحول کي بگاڙڻ سان انسان لاءِ ئي مسئلا پيدا ٿين ٿا. هن وقت دنيا ۾ مجموعي طور انسان وهمن، وسوسن، مذهبي ۽ روحاني عقيدن، ذهني غلامي، نسلي، مذهبي ۽ فرقيواريت جهڙن عنصرن ۾ پاڻ ڦاسائي چڪو آهي، جنهن جي ڪري انساني سماج مڪمل طور انارڪي جو شڪار ٿي چڪا آهن. انهن سڀني جو حل اينٿروپالاجي جي علم ۾ ئي سمايل آهي، ڇاڪاڻ ته اينٿروپالاجي ڪنهن به قسم جي اونچ نيچ، فرق ۽ ڪنهن به قسم جي Ethnocentricسوچ جي نفي ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته اينٿروپالاجي علم جي روشني ۾ دنيا جا سڀ ڪلچر قابل احترام آهن، هر ڪلچر کي پنهنجي ثقافتي بنيادن تحت زندگي گذارڻ جو پورو پورو حق آهي. دنيا جي سماجن ۾ جيڪي به انسانن سان نفسياتي، معاشي ۽ ٻين قسمن جا مسئلا درپيش آهن، اتان جي حڪومتن جي اها ذميواري آهي ته انهن جو مناسب ۽ باقاعده سائنسي بنيادن تي علاج ڪرايو وڃي ۽ انهن جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو وڃي. ان کانسواءِاها به مقامي حڪومتن جي ذميواري آهي ته انهن سماجن ۾ جيڪي به انساني بقا، صحت ۽ بنيادي انساني حقن کي ڇيهو رسائيندڙ ريتون رسمون، رواج گهر ڪري ويون آهن ته اهڙين سرگرمين کي مناسب انداز ۾ قانوني طريقي سان سڌاريو وڃي. اينٿروپالاجي علم جي روشني ۾ ئي انساني مسئلن جو حل سمايل آهي، جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ته هوند انسان جي زندگيءَ جا سڀ مسئلا حل ٿي وڃن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment