شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 08 - آگسٽ - 2020ع

ان تي ته اتفاق ٿي ويو ته غير آرٽ ڇا آهي؟


صبح 11 لڳي 18 منٽ -ڇنڇر 02 نومبر 2019  300 
image-1



اسان کي گهڻي خوشي ٿيندي آهي، جڏهن ڪو اسان جي ثقافت جو احترام ڪندو آهي. جڏهن برطانيه کان ايندڙ شهزادي سلوار قميص پائي مٿي تي چني اوڍي ٿي ته اسان جو ايمان تازو ٿيو وڃي. جڏهن ڪا گوري اتر پاڪستان جي سهڻن منظرن ۾ پاڪستان جو جهنڊو کڻي تصوير ڪڍرائي ٿي ته اسان جي دل مان بي اختيار پاڪستان جو مطلب ڇا، وارو نعرو بلند ٿيندو آهي.

ثقافت جي انهي چادر هيٺ اسان پنهنجن گناهن کي لڪائيندا آهيون، غيرت جي نالي تي قتل، ٻارن سان جنسي ڏاڍائي تي ماٺ، ڌيئرن کي ڪهي واهه ۾ وهائڻ ۽ ڪڏهن ڏهن سالن جي ڇوڪري ڪنهن ستر سالن واري پوڙهي هٿان وڪڻڻ، سڀن لا ڪا نه ڪا ثقافتي شي موجود آهي. هي قبائلي ڪلچر آهي. صدين کان هلندو اچي، ڳالهه ڪرڻ سان گهر بدنام ٿيندا، ذات برادري تي الزام لڳندو ۽ ملڪ جي بدنامي ته ايتري ٿيندي آهي جو اها اسان جي قومي بيماري آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ان ڳالهه تي بحث ٿيندو آهي ته ڇا اسان جي ثقافت عرب جي بدووئن جي ثقافت آهي، وچ ايشيا کان آيل گهوڙي سوارن جي ثقافت آهي يا هتان جي اصلوڪن ماڻهن جي ثقافت آهي، جن جهنگن ۾ ڀٽڪندڙ بلائن کان ڊڄي نوان عقيدا اپنايا، انهن جي ڪري جڙيل هڪ هر وقت بدلجندڙ پنهنجو پاڻ سان وڙهندڙ ثقافت آهي.

انهن سڀني سوالن جو جواب هن هفتي جي شروع ۾ ڪراچي ۾ ملي ويو. ڪراچي جي هڪ عالمي شهرت يافته آرٽسٽ عديله سليمان جي ڪراچي ۾ بينالي تحت فريئر هال ۾ هڪ نمائش رکي. چار سئو چوئيتاليهه قبرن جا علامتي ڪتبه انهن تي ڌاتو جا ڪومائل گل، اندر ڇهن منٽن جي هڪ فلم جنهن ۾ ڪراچي جي بهادر ٻار ايس پي رائو انوار هٿان مبينه قتل ٿيندڙ نقيب الله محسود جي پي جو لڏندڙ لمندڙ پٽڪو ۽ سمنڊ ڏانهن ڏسندڙ ان جون اکيون.

نمائش جي تياري ڪئين مهينن کان جاري هئي، سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته ان نمائش جي منتظمن کي خبر نه هجي ته ڪئين مهينن کان عدليه سليمان پنهنجي اسٽوڊيو ۾ ڪيتري وڏي تخريبڪاري جو پراجيڪٽ ڪري رهي آهي. نمائش کلڻ جي ٻن ڪلاڪن کان پو پاڪستان جي نمبر ون اداري جي پنج نمبر ڪور مان سڃاڻپ ڪندڙ اهلڪار پهتا ۽ نمائش کي تالو هڻي هليا ويا.

هيستائين اها خبر هئي ته پاڪستان جو نمبر ون ادارو اسان جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي سرحدن جو محافظ آهي. اها خبر نه هئي ته اسان جي آرٽ گيلرين جي نگهباني جي واڌو ذميواري به ان وٽ آهي.

ڪور پنج کي ڪنهن شي کي بند ڪرائڻ لا ڪنهن سبب جي ضرورت نه هوندي آهي، فقط اهوئي ڪافي آهي ته ڪور پنج کان آيا آهن. ڪراچي جي ڪجهه مستقل مزاج احتجاجي ڪارڪن گڏ ٿيا جيڪي ڪتبه ٻاهر هئا، انهن سان ليٽي پيا. هڪ پريس ڪانفرنس شروع ٿي جڏهن ڊي جي پارڪ پهتو ته هن مائيڪ کنيا ۽ جيئن ته سويلين هو ان ڪري کيس ٻڌائڻو پيو ته هو ڇو ڪري رهيو آهي. هن فرمايو ته جيڪو عديله سليمان ڪيو اهو آرٽ آهي ئي ڪونه، سڌي سنئين بدمعاشي آهي ۽ ها ان سان ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي. آرٽ جي نمائش جي اجازت ڏني هئي، نعريبازي ۽ بدمعاشي جي نه. ڪو ستم ظريف چوندو ته پارڪن جو سربراه ڪونڊين، ٻوٽن ۽ گاهه جي ڳڻتي ڪري، ان کي ڪهڙو حق آهي جو اهو فيصلو ڪري ته آرٽ ڇا آهي ۽ ڇا ڪونهي.

پر پو توهان به چوندا ته پاڪ فوج جي ترجمان فوجي معاملن تي ترجماني ڪرڻ گهرجي، اهو نه ٻڌائڻ گهرجي ته ڪنگنا جو آئٽم نمبر ڪيئن اسان جي قومي امنگن جي ترجماني ڪندو آهي.

ايستائين ته جنهن کي لاهور ۾ چوندا آهن ته گڊ هوگيا، يعني ڪور پنج ۽ پارڪ کاتي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿي ويو ته آرٽ ڇا آهي، غير آرٽ ڇا آهي. ملڪ جي بدنامي 444 ماڻهو ماري ٿيندي آهي يا هڪ نمائش ۾ 444 ڪتبه لڳائي مرحوم جي ياد تازي ڪرڻ سان.

هاڻ ٻار هئا نمائش جا منتظم جنهن ۾ ملڪ جا انتهائي محترم ۽ سينيئر آرٽسٽ شامل آهن. ان سان گڏوگڏ بورڊ ۾ هڪ کان هڪ وڏو سيٺ هڪ کان هڪ آرٽ جو چاهيندڙ، اڃا نمائش ۾ ڪتبن جي ٽوڙ ڦوڙ جو سلسلو جاري هو ته منتظم هڪ بيان جاري ڪيو جيڪو بيان کان وڌيڪ آرٽ جو نمونو آهي. نالو کڻڻ بنا چيو ويو ته اسان کي ته خبر ئي نه ئي ته عدليه سليمان ڇا ڪري رهي آهي. اسان جي نمائشن جو موضوع ته طئي آهي ته اسين ماحوليات وغيره تي آرٽ ٺاهي سگهون ٿا. ايس پي رائو انوار هي 444 ڪتبه هي نقيب محسود جي پي جو پٽڪو، اسان جو ان سان ڪجهه اچي نه ڪو وڃي.

مون صحافي ڀائرن کي ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي جي پٺي ۾ خنجر هڻندي ڏٺو آهي. هتي ته آرٽسٽن جي سڄي قبيلي اعلان ڪيو ته عديله سليمان سان جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺو، ڇاڪاڻ ته ان ثقافتي طور هڪ حساس مسئلي کي سان هٿ چراند ڪئي آهي، جيڪو هڪ ذميوار شهري کي نه ڪرڻ گهرجي ها. ته رائو انوار ٿيو اسان جو ثقافتي طور حساس مسئلو، 444 ڪتبه اسان جي ملڪ جي بدنامي جو سبب ۽ نقيب محسود جي پي جون سوال پڇندڙ اکيون ٿيون گستاخي.

جڏهن آخر ۾ 44 ڪتبن جي ملبي کي اڻڄاتل ماڻهن نامعلوم رستن تي اڇلايو ته 444 قبرن مان 444 ڪٽنبن مان يقينن آواز نڪرندا هوندا جيڪي ڪور 5 جي جانبازن کان پارڪ کاتي جي آرٽ جي گهرجن کان ۽ ڪراچي بينالي جي منتظمن کي چئي رهيا هوندا. تم قتل ڪرو هو ڪو ڪرامات ڪرو هو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment