شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

معاف ڪجو، هتي غيرمسلم نٿا رهي سگهن


شام 05 لڳي 33 منٽ -آچر 29 Sep 2019  90 
image-1


ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي جي هڪ عمارت جي ڀت تي هڪ نوٽيس لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ اهو چٽي نموني لکيل آهي ته ”هن عمارت ۾ غير مسلم کي فليٽ مسواڙ تي ڏيڻ يا وڪرو ڪرڻ منع آهي، ٻي صورت ۾ ڪميٽي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت نه ڏيندي.“ جنهن جي تصوير سوشل ميڊيا تي گهڻي وائرل ٿي آهي. اهو نوٽيس مچيريا ريزيڊنس بلاڪ 8 ڪلفٽن ۾لڳل آهي. جنهن کي پڙهي مون کي باليووڊ فلم ”گرم هوا“ ياد اچي وئي، جيڪا هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ مسلمانن سان پيش ايندڙ واقعن کي بيان ڪري ٿي ۽ اتان جي ڪانگريسي سياست ۽ مسلمانن جي ذهني ڪيفيت جو عڪس ڏيکاري ٿي. جنهن ۾ هڪ مسلمان واپاري کي مسواڙ تي گهر کپندو آهي، ڪوبه کيس گهر ان ڪري نه ڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو مسلمان هوندو آهي ۽ اتي گهرن جا مالڪ هندو هوندا آهن.

ڪراچي جي عمارت تي لڳل نوٽيس هڪ ته اڻبرابري ۽ اسهپ کي هٿي ڏئي ٿو، ته ٻئي پاسي ڪراچي جهڙي شهر کي اڏيندڙن جي به نفي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي فقط مسلم آبادي جو شهر نه ته ماضي ۾ رهيو آهي ۽ نه ئي اڄ آهي. جمشيد نسروانجي مهتا، ٽيڪمداس واڌو مل کان وٺي ٻين ڪيترائي غير مسلم ماڻهن جو رت پگهر هن شهر ۾ شامل آهي.

هندستان جي ورهاڱي کان اڳ ۾ هندو هتي وڏي انگ ۾ آباد هئا، جن جون نشانيون اهي عمارتون آهن، جن ۾ اڄ مسلمان رهن پيا. جيڪڏهن ورهاڱي واري زماني ۾ ڪنهن هندو جي ڇڏيل گهر ۾ ڪو مسلمان رهي سگهي ٿو ته اڄ جي ڪراچي ۾ ڪو غير مسلم جائز طريقي سان پنهنجي لاءِ رهائش ملڻ جي قابل ڇو ڪونهي. جڏهن ته ملڪي آئين ۽ شهري حقن موجب هن ملڪ جو ڪوبه شهري ڪٿي به رهائش اختيار ڪري سگهي ٿو.

آئين جي آرٽيڪل23 موجب هر شهري کي ملڪيت حاصل ڪرڻ، قبضي ۾ رکڻ يا وڪرو ڪرڻ جو حق هوندو. آرٽيڪل 26 موجب ڪنهن به ماڻهو کي ملڪيت کان محروم نٿو ڪري سگهجي، سواءِ ان جي ته جڏهن قانون ائين ڪرڻ جي اجازت ڏئي. آرٽيڪل 25 موجب سمورا شهري بنا ڪنهن جنسي فرق جي قانون جي نظر ۾ برابر آهن ۽ برابري جي بنياد تي قانوني تحفظ جا حقدار آهن. آرٽيڪل 26 آڌار عام تفريح گاهن ۾ وڃڻ يا گڏ ٿيڻ کان ڪنهن به شهري لاءِ فقط رنگ، نسل، ذات ۽ رهڻ جي بنياد تي ڪوبه فرق نه رکيو ويندو. پر هن قسم جا حڪم جيڪي هڪ رهائشي پلازه پاران جاري ڪيا ويا آهن، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ رهڻ جو حق فقط مسلم آبادي کي آهي.

جيڏهن ملڪ ۾ آباد غير مسلم آبادي کي تحفظ جو يقين اسان جو آئين ڏئي ٿو ته ڪنهن شهري لاءِ اهو حڪم ڪيئن ٿو جاري ڪري سگهجي ته اهو اهڙا فيصلا ڪري ته گهر ڪنهن غير مسلم کي مسواڙ تي ڏيڻ يا وڪرو ڪرڻ منع آهي.

سماج ۾ وڌندڙ اسهپ ان ڳالهه جي نشاني آهي ته اسين پنهنجي سماج کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيون پيا، ڇاڪاڻ ته اهي رويا اسان جي ذهني سطح کي به واضح ڪن ٿا. ملڪ ۾ آباد تقريبن 3 سيڪڙو غير مسلم آبادي، خاص طور جيڪا سنڌ ۾ آباد آهي، ان جو تعلق ڪاروباري شعبي آهي، اهڙي ريت اها آبادي هن ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو حصو پتي وجهي ٿي ۽ ٽيڪس به ادا ڪري ٿي، ته ڇا ان لاءِ ٻن ٽن ڪمرن جو فليٽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ ملڻ به مشڪل آهي.

هي معاملو فقط ڪنهن بلڊر يا عمارت جي ڪميٽي جو ڪونهي، بلڪه ان سوچ جو آهي، جنهن جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ ماحول فراهم ڪيو ويو آهي. ڪراچي کي ايشيا جي ڪنوار ٺاهيندڙن ۾ پارسي، هندو ۽ عيسائي به شامل هئا. ٻي عالمي جنگ دوران هتي يهودي به آيا هئا، اڄ به ڪراچي ۾ ڪجهه عمارتن تي اسان کي ڇهن ڪنڊن وارو تارو نظر اچي ٿو ته ڇا انهن سمورين عمارتن کي ڊاهي ڇڏڻ گهرجي، جيڪي غيرمسلمانن ٺاهيون آهن. ڪنهن به سماج ۾ اسهپ بي سڪوني آڻيندي آهي. اسهپ نه فقط انساني روين جي هوندي آهي، بلڪه اها مذهبن ۽ ٻين عقيدن جي به هوندي آهي. هي بظاهر ته هڪ نوٽيس آهي پر ڪراچي ۾ آباد غير مسلم آبادي لاءِ هڪ پيغام به آهي ته اهي هتي غيرمحفوظ آهن. ان نوٽيس کان پوءِ ڪهڙو غير مسلم هوندو، جيڪو چاهيندو ته اتي رهي.

اڄ ڀلي اختياريون اهو نوٽيس هٽائي به ڇڏين، تڏهن ته اهو نوٽيس ڪراچي ۾ آباد سمورن غيرمسلمانن جي دلين تي محسوس ٿيندو رهندو ۽ تيستائين محسوس ٿيندو رهندو، جيستائين انهن کي ان ڳالهه جو ويساهه نٿو ٿي وڃي ته اهي هن ملڪ ۾ محفوظ آهن.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment