شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

نيٺ ته ڊهندي دوکي جي ديوار او يار


شام 05 لڳي 51 منٽ -آچر 22 Sep 2019  180 
image-1

شابس هجي سماجي ڪارندن کي جيڪي سڄي سنڌ ۾ هر هڪ اشو تي سنڌي ماڻهن جي گڏيل آواز جو پڙاڏو ٿي گونجن ٿا. شابس هجي انهن ليکارين کي جن جي قلم منجهان ڪنهن مخصوص ماڻهو يا طبقي لاءِ متعرف ٻوليءَ بدران سماجي اڻبرابريءَ جي ليڪن جو اپٽار ٿيل هوندو آهي. مزدور، هاري ۽ پورهيت کانسواءِ هي ماڻهو به محبت جي قابل آهن جن جي جدوجهد کي ڏسي، اکين ۾ سنهري سحر جا خواب تري ايندا آهن، اکين منجهان خوشيءَ جا ڳوڙها لڙي ايندا آهن، ڳل تازه ٿي پوندا آهن. سياسي ڪارڪنن جون گمشدگيون هجن، هندو نياڻين جو زوري مذهب مٽائڻ جو مسئلو، نياڻين سان ظلم ڏاڍ جو واقعو هجي، ڪنهن غريب مظلوم هاري سان ظلم جي واردات هجي، سنڌ کي سياسي، سماجي، ۽ معاشي طور پٺتي هٽائڻ جي ڳالهه يا ورهائڻ جي ڳالهه هجي، هي محبوب ماڻهو ارها ٿي پوندا آهن! هنن کي سنڌ سهڻيءَ جي ساهڙ وانگر آ! هنن لاءِ سنڌ پرين آهي ۽ سِنڌُ جو سَنڌ سَنڌ پرينءَ جي پاڇي جهڙو آهي!

جڏهن کان وفاق ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف محاذ شروع ڪيو آهي، عام ماڻهو ورهايل ٿو نظر اچي. سنڌ ۾ ڀٽي صاحب ۽ سندس خاندان سان محبت ماڻهن کي سندس پارٽي جي نمائندن خلاف ٿيندڙ ڪارروائي تي ٻٽو رايو رکڻ تي مجبور رکيو آهي. هڪ پاسي ڀٽي صاحب جي محبت آهي جيڪا ان جي پارٽيءَ کي سپورٽ ڪرڻ تي هر هر مجبور ڪري ٿي، ٻئي پاسي چونڊيل نمائندن جي وعده خلافي پڻ ياد اچي ٿي. سنڌ ۾ ڪيترائي سياسي فڪر موجود آهن ۽ هر هڪ سياسي فڪر جو پنهنجو الڳ رستو آهي ۽ پنهنجو نظريو ۽ لائي عمل آهي. پر هر پسمنظر جي منظر ۾ ڀٽي صاحب لاءِ احترام ۽ انسيت هر هڪ وٽ موجود آهي. پر عام ماڻهوءَ وٽ ڀٽيءَ صاحب جي نرالي انداز ۽ سحر انگيزيءَ جو رومانس اڃا به تازو توانو آهي! پر ساڳئي وقت تي سندس پارٽيءَ جي نمائندن جيڪا ڀينگ هن ڀنڀور جي ڪئي آهي، اهو داستان ٻڌائڻ جو نه پر وستي وستي وڃي ڏسڻ جو آهي! سنڌ جي قومي جذبي کي استعمال ڪري سياسي بديانتي ڪئي آهي! جيڪڏهن ڀريل ڀڀ ڪاٺَ ۾ اڙجن ٿا ته ڀٽي صاحب جي تصوير آڏو رکي هڪ اک ۾ شڪوي ۽ ٻي اک مان خوشيءَ جا نير وهائڻ گهرجن.

وڏيرن جي وڏيرڪي، سماجي اڻبرابري، وچولي طبقي جي لاپراهي ۽ سياسي گمراهي، وچولي طبقي جي ٻچاپڙائي ۽ سرڪاري مشينري جي نا اهلي ۽ ان منجھه سياسي مداخلت وڏا گڙگ مسئلا آهن. وڏيري هاري ۽ پورهيتن جي روحَ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪڙي رکيو آهي. وڏيرو عياش آهي، جنهن ڪمزور طبقي کي پنهنجي پيرن هيٺيان چيڀاٽيو آهي. ملڪ جي معيشت جيڪا پورهيت جي خون مان ٺهي ٿي، انهي ۾ ان پورهيت جي لاءِ ڪابه مٺائي ميسر نه آهي. وڏيرا جيڪا سياسي نمائنده به آهن ته سرمائيدار به آهن، ڌن، دولت ۽ ڌرتي به انهن جي حوالي آهي ته زندگين جي مالڪي به انهن وٽ آهي!

سموري دولت انهن وٽ گڏ ٿي وئي ۽ معاشي ڀونچال جي ڪري سماجي اڻبرابري جنم ورتو!  وچولو طبقو جيڪو نوڪري پيشه طبقو آهي، اهو جيتوڻيڪ ته هيٺين طبقي کان خوشحال زندگي گذاري ٿو پر گهڻي حد تائين خود غرضي ۾ مبتلا آهي. اها خودغرضي وچولي طبقي جي فرد کي وڏيري ڏانهن وٺي وڃي ٿي! هي وچولو طبقو ئي ڪرپشن جو هٿيار به آهي ته شڪار به آهي. ذاتي ڪشمڪش ۾ سياسي ۽ سماجي معاملن کان ڪناراڪشي سنڌ جي شهري آباديءَ کي گهڻي ڀاڱي انڌو گونگو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري نظام جي ڪتابن ۾ عدل ۽ انصاف جي قاعدا قانون لکيل آهي جيڪي مظلوم جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻجي سگهن ٿا پر انهي کان وڌيڪ طاقتور جي ڇوٽڪاري لاءِ آسانيون اڃا به گهڻيون آهن، پر انهيءَ کان وڌيڪ مايوس ڪندڙ ۽ شدت سان مظلوميت جو احساس ڏياريندڙ حقيقت هيءَ آهي ته انهي نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو ساڳيو وڏيرو ئي جيڪو پنهنجي زور اثر کي استعمال ڪري سڀ قانونَ پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري ٿو. انهن سڀني مسئلن جو حل ڏتڙيل ۽ عذاب ۾ ورتل طبقي کي پاڻ ئي تلاش ڪرڻو آهي ۽ انهيءَ رستو ذهنن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور جي آبياري مان نڪرندو. پر انهيءَ عمل آڏو پڻ رياست مشينري هڪ وڏي ديوار وانگر سامهو بيٺي آهي جنهن کي سر ڪرڻ ڪنهن جنگ کان گهٽ نه آهي! الائي ڇو پنهنجي عوام کي سک فراهم ڪرڻ ۾ رياست کي سک نه ٿو ملي.

ڪنهن به طاقت کي اهو خوف نه هجڻ گهرجي ته پورهيت جي سياست رياست کي تڪليف ۾ وجهندي. اهو مختصر انتشار پريشاني بدران نئين انتظام لاءِ تياري جو اطلاع هجڻ گهرجي ۽ ائين ضرور هجي ها جيڪڏهن خاص نوازيل طبقو هن ملڪ پاڪستان جي هر هڪ وسيلي تي قابض نه ٿئي ها. جيڪڏهن ڪوبه خدشو نه رهي ها ۽ پنهنجائپ هجي ها ته ساحلي پٽي وفاق حوالي ٿيڻ تي ڇو سنڌ اعتراض ڪري ها! اهو رويو هڪ ڏينهن جو نه آهي پر هڪ مسلسل تاريخي ارتقا آهي! جيڪڏهن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مقرر مقدار جو پاڻي ايندو رهي ها ته ڇو ڪنهن ڊيم جي اڏاوت تي اعتراض ٿئي ها. سنڌ کي سوڀ ملي پوي ها جيڪڏهن سنڌ جو وڏيرو سنڌ جي غريب جو خيرخواه ۽ وچولو طبقو خود غرض نه هجي ها.

سنڌ جا ديوانا، يگانا الائي ته ڪهڙي مٽيءَ جا ٺهيل آهن جو جان ۽ مال جي پرواه ڪرڻ بدران هر محاذ تي نڪري پون ٿا. پنهنجي هاري ۽ پورهيتن جو آواز ٿين ٿا. پنهنجي نياڻين لاءِ لوئي لڄ ٿين ٿا. پنهنجي مظلوم غريب جي دانهن ٿين ٿا. هي دانهون جيڪي الا ٿي اڀ ڏانهن اٿن ٿيون جڏهن ڀونءِ ڏانهن ورنديون ته طاقت ٿينديون.

 

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment