شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

جوڊو ڪراٽي ۾ نالو روشن ڪندڙ اقصيٰ جون ڳالهيون


شام 12 لڳي 39 منٽ -سومر 02 Sep 2019  299 
image-1



چوندا آهن جي همت ڪجي ته ڏونگر  به ڏري ويندا آهن، جيڪڏهن ان چوڻي کي مان ائين استعمال ڪريان ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو چاهي ته هو ڪجھه به ڪري سگهي ٿو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي. ٺيڪ اهڙي ريت مون به هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان ملاقات ڪري ڪچهري  ڪئي جيڪا بهادر هجڻ سان گڏوگڏ ذهين ۽ خوش  اخلاق به آهي.  اها ڇوڪري آهي اقصي خانزاده. جيڪا مردن سان مقابلو ڪري ۽ سماج جي اجاين ريتن ۽ رسمن کي ٽوڙي اڳتي وڌي رهي آهي. هي سنڌ ۾ اها پهرين ڇوڪري آهي جيڪا ڪراٽي ۾ حصو وٺي رهي آهي.

فوٽو صدف شيخ

اقصيٰ 25 ڊسمبر 1999ع واري ڏينهن  ٽنڊو الهيار ۾ جنم ورتو، اقصيٰ حيدرآباد  جي انڊس لاءِ ڪاليج جي شاگردياڻي آهي ۽ پنجن سيميسٽرن ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪري رهي آهي. اقصي راندين ۾ اڳيان هجڻ سان گڏوگڏ تعليمي ميدان ۾ به اڳيان آهي، سندس ذهانت ۽ خوش اخلاقي جي ڪري سڀ سندس پسند ڪن ٿا.

فوٽو صدف شيخ

اقصيٰ سان ڳالهھ ٻولهھ ڪرن کانپوءِ هن ٻڌايو ته جڏهن هن جوڊو ڪراٽي ۾ وڃڻ ٿي ڇاهيو ته سڀني مٽن مائٽن مخالفت ڪئي ته هڪ ڇوڪري ڪيئن اهو سڀ ڪندي پر سندس ماءُ هن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ هر قدم ۾ هن کي سپورٽ ڪيو. سڀني مائٽن جي مخالفت سبب هن سندس ڌيءُ جي شوق کي مد نظر  رکندي هن جي مدد ۽ حوصلاافزائي ڪئي. ماءُ هجڻ سان گڏوگڏ  هوءَ ٻارن سان دوستاڻي رويي سان پيش اچي ٿي.

اقصيٰ چوڻ آهي ته هن کي ٻه سال ٿيا آهن جوڊو ڪراٽي ۾، هن کي ڪافي تجربو ٿي ويو آهي، هر جاءِ کيس ڇوڪري طور گهٽ سمجهي نظر انداز  ڪيو ويو پر پنهنجي شوق ۽ جذبي سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڇوڪريون ڪنهن به لحاظ کان ڇوڪرن کان گهٽ ناهن. سندس چوڻ آهي ته جڏهن هوءَ ٻاهر  نڪرندي  هئي ته ڪافي ڇوڪرا  تنگ ڪندا هئا ۽ هاڻي جڏهن کان هوءَ ان ميدان ۾ آئي آهي ته سڀ کانئس لهرائيندا آهن ۽ ڊڄندا آهن. هوءَ چوي ٿي ته ڇوڪرين کي ڪڏهن به ڪمزور نه سمجهڻ گهرجي، ڇوڪريون سڀ ڪجھه ڪري سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪن مسئلن جو شڪار   ٿين ٿيون ته ان جون ذميوار اهي پاڻ هونديون آهن ڇو ته اهي ان مسئلي تي چپ ڪري ۽ پاڻ کي ڪمزور سمجهي ويهي رهنديون آهن.  ظلم خلاف جيستائين آواز نه اٿاربو تيستائين ڪجھه نه ٿيندو.

فوٽو صدف شيخ

 ڪافي ٽورنامينٽ ٿيندا آهن جن ۾ هو حصو وٺندي آهي ۽ هميشه کٽي به ايندي آهي. هن اڄ تائين 6 گولڊ ميڊل، 3 سلور ميڊل، 2 برونز ميڊل حاصل ڪيا آهن. هوءَ اهي به ٻڌائي ٿي ته جڏهن هوءَ آئي هئي ته هو وائيٽ بيلٽ هئي هاڻ هوءَ بليڪ بيلٽ آهي. هوءَ پهرين سکندي هئي ۽ هاڻ هوءَ سيکاريندي آهي. هن ٻڌايو ته هن کي شروعات ۾ گهڻا مسئلا  پيدا ٿا ڇو ته هتان جي ماڻهن ۾ اها سجاڳي ناهي. راند ۾ هن جي مقابلي  ۾ ڇوڪرا  به هوندا آهن جن سان هو دليري سان وڙهي ويندي آهي. کيس ان ڳالھه جو بلڪل به احساس  نه ٿيندو ته سامهون وارو ڪو مرد آهي، بلڪه کيس اهو لڳندو آهي ته هو منهنجي مخالف وارو ماڻهو آهي جيڪو کيس هارائڻ چاهي ٿو.

فوٽو صدف شيخ

سندس چوڻ آهي ته هن  گهڻي سخت سکيا ورتي آهي،  خاص ڪري ڇوڪرن سان ورهڻ  لاءِ ته جيئن مون کي ڪو هارائي نه سگهي ۽ ڪوئي اهو به نه ڇوي ته آئون ڇوڪري آهيان. ان ڪري آئون کٽي نه سگهنديس. وڌيڪ ڳالهائڻ تي هن ٻڌايو ته هن وڪالت جو شعبو ان ڪري پسند ڪيو جو اهو شعبو باني پاڪستان جو آهي ۽ وڪيل باشعور هجڻ سان گڏوگڏ ڏاڍا ذهين به هوندا آهن. سندس چوڻ هو ته هوءَ جيڪو ڪجھه به آهي سندس استادن جي محبت ۽ دعائن سبب آهي. هن ڪاليج   جي پرنسپال بريسٽر  ضامن کي آئيڊيل  قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪاليج ۾ پڙهائيندڙ مان صدف شيخ استاد،  روبينه لائبريرين  ۽ ميڊم تحسيم کان متاثر آهي. هن اها به خواهش ظاهر ڪئي ته عالمي سطح تي کيڏڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجي  ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ چاهي ٿي.

ويهن ورهين جي اقصي ڪنهن به پريشاني کان نه ٿي گهٻرائي جو خوابن کي حقيقت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. مون کي اڄ به اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن ان جي ٽورنامينٽ ۾ مون به شرڪت ڪئي ۽ مون هن جي جذبي ۽ صلاحيتن کي ڏسي ڏاڍو ساراهيو هو.

فوٽو صدف شيخ

اقصي ننڍن ڇوڪرين لاءِ اهو پيغام ڏئي ٿي ته سڀ ڇوڪريون ڪراٽا سکن ۽ پاڻ کي قابل سمجهڻ ته جيئن اهي پنهنجو پاڻ مقابلو  ڪري سگهن. ان کانسواءِ اهي پاڻ کي ڪڏهن به ڪمزوز نه سمجهن، نه ئي گهٽ سمجهن اهي اهو سڀ ڪجهھ ڪري نٿيون سگهن. ڇوڪرين کي گهرجي ته اهي پنهنجي گهروارن کي اعتماد ۾ وٺن، اڳتي وڌن ۽ پنهنجو، پنهنجي ماءُ، پيءُ، استاد ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment