شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

کماچ: سنڌي ادب جو هڪ وڻندڙ ناول


شام 02 لڳي 49 منٽ -آچر 25 آگسٽ 2019  361 
image-1


ناول افسانوي ادب جي هڪ اهم ترين صنف آهي. جيڪو نه فقط انساني سماج جي سماجي پاسن پر ان سان گڏوگڏ ان جي نفسياتي روين جو به احاطو ڪندو آهي.  ناول جهڙي گهڻ رخي صنف ئي پڙهندڙ کي ماڻهو جي اندر توڙي ٻاهرين دنيا جي باري ۾ ٻڌائيندي آهي. 

سنڌي ادب ۾ هن وقت ناول واري صنف هڪ ڀيرو وري پنهنجون پاڙون پختيون ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه سالن کان لاڳيتو ناول پڙهڻ لاءِ ملي رهيا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مون اڪبر سومري جو ناول “کماچ” پڙهيو جيڪو پڙهي مون کي انتهائي خوشي محسوس  ٿي ته سنڌي ادب ۾ به اهڙو ادب لکجي پيو يا وري ائين چئجي  ته سنڌي ادب کي چمڪائڻ وارا ستارا اڃان موجود آهن. هي ناول هڪ سٺي ناول جي سمورين گهرجن تي پورو لهي ٿو. مون کي ناول  ۾ گهڻيون شيون  وڻيون ۽ دل وري وري پڙهڻ لاءِ چيو. اهو ناول  جيترا دفعا به پڙهيم ڄڻ مون کي هر وقت نواڻ پئي محسوس ٿي.

هونئن ته ناول جي معني ئي آهي ته نواڻ پر اڪبر سومري هن کي تعريف جي حساب سان  ڀيٽيو آهي. ناول انساني جذبت سان گڏوگڏ قومي زندگي جو عڪس پڻ هوندو آهي.

هن ناول جو نالو ڪلاسيڪل سر کماچ تان ورتو ويو آهي ۽ اڪبر سومري  هن ناول ۾ ڪراچي جو لائيف اسٽائيل، ڪراچي  جو ڪلچر  ۽ اتان جي ماڻهن جي سيڪس لائيف کي بيان  ڪيو آهي. هن ۾ جيڪي به ڪردار ڄاڻايا ويا آهن،  اهي اڄڪلھ جي ماڊرن ڪلٌچر جي سڃاڻپ آهن. جن ۾ عماد ، روميسا ، انس، ربيعه، مونا، زارا جا ڪردار شامل آهن. اهي اڄڪلھ جي سماج جي عڪاسي ڪن ٿا.

 ان کانسواءِ روميسا جيڪا  عماد جي گهر واري آھي، سا وري مڙس جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ  ڊوپليس تي باربار وڃڻ کان نه ٿي ڪيٻائي روميسا ان ڳالھ کان نا واقف  رهي ٿي ته مرد پنهنجي دل وارن خانن ۾ ننڍن ننڍن بتن جي تلاش  ۾ ڀٽڪيل رهندو آهي، هڪ بت جي پرتش تي ڪڏهن به خوش نه ٿو رهي.  پر پوءِ به عماد هڪ اهڙو جادوگر  آهي جيڪو پنهنجي جادو سان هر نئي ڇوڪري کي پنهنجي وس ۾ ٿو ڪري.

۽ وري  ذارا جيڪا عماد جي عشق ۾ پنهنجي جان ڏئي ڇڏي  ٿي، اها هڪ مظلوم سان گڏ بيوقوف عورت  پڻ ڏيکاري وئي آهي. زارا  سماجي ، روايتي ۽ رسمي  زنجيرن ۾ جکڙيل پڻ ڏيکاري وئي آهي. هوءَ سٺي فيملي  سان تعلق رکڻ کانپوءِ به هڪ اڻپڙھ ۽ ڄٽ سان شادي  ڪرڻ لاءِ پريشان رهي ٿي. جڏهن ته وري زارا جو ڀاءُ مرضي سان زندگي  گذارڻ وارو هڪ آزاد مرد آهي. هتي ڪجھ  منٽن لاءِ اهائي عورت نظر اچي ٿي جيڪا  چاهيندي به پاڻ کي ڪڏهن لبرل ڪري نه ٿي سگهي.

ان کانسواءِ ناول ۾ هڪ ٻيو ڪردار جيڪو انس جي آهي، اهو انس هڪ گَي  آهي. انس جو ڪردار  مون کي ڪٿي ڪٿي سٺو لڳو. هن جو پنهنجائپ سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ پڻ مون کي سٺو هو. اڪيلو ۽  ڏکن  سان ڀريل زندگي  کي انجواءِ  ڪرڻ لاءِ مارشا ۽ مونا جو سهارو  وٺندو آهي.  هر  وقت  انگلش پلس اردو ڳالهائيندو آهي. ناول ۾ انس جو ڪردار ائين بيان ٿيل آهي ته هنن ۾ موالين وانگيان عقيق ۽ فيروزي جون منڊيون، جينس مٿان بي بي بيڪ قميص ۽ ڪارائي ۾ برائون ليدر ڪف ۽ بريلسٽ پاتل هئي.

هو ان شيءِ  کان با خبر هو ته مونا هن سان هميشه ڪوڙ ڳالهائي پئسا وٺي ويندي  آهي پر تنهن هوندي به هو هن سان خوش رهي ٿو.

انس (گَي) هجڻ سان گڏوگڏ گٽار وڄائڻ ۽ جانور پالڻ ۽ بي پي ايچ پيئڻ جو پڻ شوقين هو.

انس کان پوءِ  هن ناول ۾ مونا جو ڪردار اچي ٿو. مونا هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا  ڪنهن ڪلب ۾ پيانو وڃائي زندگي جو گذر سفر ڪري ٿي. هوءَ ڪافي نانگن ۽ واڳن جي وات مان ٿي موٽي ايندڙ عورت  ڏيکاري  وئي آهي، جيڪا ان کان پوءِ  به مزدور ن سان تعلق  رکڻ کان نه ٿي ڪيٻائي، هو انس ۽ عماد سان پنهنجا لاڳاپا جوڙي رکي ٿي ۽ پنهنجي هر ضرورت  پوري ڪري اڳتي وڌي ٿي. مونا بس مان لاهيندي  هڪ حادثي ۾ مري وڃي ٿي. ناول نگار مونا جو ڪردار  هڪ ٽوم بواءِ جيان ڏيکاريو آهي،  هن جو اسٽائيل ۽ ڪپڙا مرداڻه هوندا آهن ۽ هو به انس جيان هر قسم جو نشو واپرائي ٿي. مونا جهڙين ڇوڪرين جو ڪردار به اسان وٽ آهن، جيڪي  هر قسم جي آزادي  هوندي به پنهنجي زندگي  مان نا خوش آهن ۽ آئون سمجهان ٿي  عورت ڪيتري  به آزاد ٿي وڃي  پر هو پنهنجو عورت پڻو ڪڏهن  به نه ڇڏيندي آهي.

 ان کانسواءِ ناول ۾ ڪراچي جي 2007ع وارا حادثا بيان ٿيل آهن جنهن وقت ڪراچي بم ، بارود ۽ هڙتال جي ور چڙهيل هو هر وقت ٻاهر وڃڻ واري شخص کي پنهنجي  جان جوکي ۾ وجهي آفيس  پڄڻو هوندو هو، تنهن هوندي به هر وقت نيوز چينل تي هڪ دل ڌوڏيندڙ خبر پئي اکين آڏو گردش ڪندي هئي. ان دور ۾ هر ماڻهو جو ساھ مٺ محسوس پيو ٿيندو هو. ناول ۾ اڪبر صاحب ڪراچي  جي حالتن سان گڏوگڏ ماڻهن جا خيال،  هنن جو زندگي گذارڻ ۽ سوچ جي سٺي عڪاسي  ڪئي آهي ۽ هن ماڊرن دور کي سٺي  طرح پروڙيو آهي. ناول نگار اسان احساس ڏياري  ٿو ته اسين هڪ ماڊرن  دور ۾ ساھ کڻي  رهيا آهيون، ان  کان سواءِ ناول ۾ اهو محسوس ٿئي ٿو ته ناول نگار ڪٿي ڪٿي  هرو ڀرو انگريزي  جي گهڻائي ڪري ويو آهي، غير ضروري  انگريزي جا لفظ به جام  استعمال  ڪيا اٿس  ۽ ٻي ڳالھ ته هر عورت توڙي  ڇوڪري  لاءِ رڳو ڊوپليس پارلر جي چونڊ ڪئي اٿس. جڏهن  ته گهمڻ  لاءِ هن اڻ کٽ  ۽ نيون جايون  ڄاڻايون آهن. پر خبر ناهي جو هن ڊوپليس کي هار سنگار  ۽ بهتر  قرار ڏنو آهي.

ناول جون ڪئين سٽون اهڙيون آهن، جيڪي ماڻهو کي موهي وجهن ٿيون

·       دنيا  ۾ مظلوم عورت جو وجود  ته ٿي سگهي ٿو پر مظلوم زال جو شايد  ڪوئي وجود ڪونهي.

·       زندگي کوھ جي نار ۽ لوٽن جيان ماڻهو  کي گهمائي ٿي پر اڪثر  ان جو هر لمحو ماڻهو کي خوش رهڻ جا ٻيا ڪيئن موقعا مهيا ڪندو ٿو رهي.

·       دنيا  بي پناهي  جي برف باري ۾ ٿڙڪي  رهي آهي پناھ ڪٿي به ناهي ڪنهن به جاءِ تي نه.

·       ربيعا ٻيهر ٽهڪ ڏنو جيڪو ڪافي دوستاڻو هو. هن جي چهري تي لڄ اچي ويئي هن ريڊنگ گلاسز مان ماکيءَ رنگ اکين سان عماد ڏانهن چتائي نهاريو. عماد محسوس  ڪيو ته ربيعا جي ٽهڪ مان هڪڙو شاهي  پوپٽ  ٺهيو ۽ هو سڄي بوگي ۾ اڏامڻ لڳو.

·       عورت  ۾ ڪائناتي خصوصيتون  لڌيون وڃن ٿيون مرد ٽوڙيندڙ  ۽ عورت گنڍيندڙ آهي.

·       ماڻهو جي اندر ۾ الائجي ڪيڏا وڏا غار آهن؟ الائجي ڪيتريون  گفائون جيڪي ڀرجن ئي نٿيون.

·       ڪائنات ۾ موجود بليڪ هولس جي ڊيگھ ويڪر جي به ڪنهن کي ڪا خبر ڪانهي.

·       ماڻهن جون ٻوليون ۽ ڪلچر ته مختلف آهن پر دل جي دانهن ۽ دک  سان ساڳيا آهن.

·       ڪي ماڻهو چاڪليٽ جهڙا ٿين پر ڪي ماڻهو ٿوم جهڙا به ٿيندا آهن زهر ڳالهائين ۽ زهر اوڳاڇين.

·       ملڪ ۾ دهشتگردي جو راڪاس ٽهڪ ڏيئي ڪالي ماتا جيان رت هاڻي زبان ڪڍي چنگهاڙي رهيو هيو.

·       عورت  ۽ ٻين جا علائقا ڦٻائيندڙ ملڪ ۾ ڪو فرق ڪونهي.

·       دنيا  ۾ ڪافي  ماڻهن جي اندر ۾ ماکي  ڀريل هوندي آهي

·       زال ۽ مڙس ميدان ۾ وڙهندا اهڙا گليڊ يئٽرس هوندا آهن جيڪي  وڙهندي وڙهندي به هڪ ٻئي کي ڪيس ڪرڻ نه وساريندا آهن.

·       ڌيءَ کان پهرين پائي وٺ ۽ ننهن کان پهرين ڪائي وٺ

·       ماڻهو ڪيترو نه ڪمزور آهي ڪيڏو نه سٺو هجي ها جيڪڏهن ماڻهو پنجاھ سالن جي عمر  گذاري پوءِ Hibernation  ۾ هليو وڃي ها.

·       زارا انهن ماڻهن مان هئي، جن جي اندر  ۾ گل گئونچ ٽڙيل هوندا آهن، گلن جي پنکڙين جهڙي ڪو ملتا ۽ خوشبوئون ڀريل هونديون آهن.

·       محبت نه رڳو ماڻهو جي جسم جي پر روح جي به ڪائناتي ٽيوننگ آهي.

·       محبت دراصل لالچ جو هڪڙو قسم آهي.

·       هر ڪا ٻڪري  پنهنجي  پائي ٽنگبي.

·       اهي جملا پوءِ سفر ڪندا اپارٽمنٽ جي ڏاڪڻن تان ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ تير نيز  قدمن سان لهندا، اڏامن گند جي ڍير تائين هليا ويا، جتي ڪجھ ئي ڏينهن اڳي هڪڙو مئل ٻار لڌو ويو هو.

·       دنيا فوڊ چين کانسواءِ ڪجھ به ناهي هر شي ءِ پاڻ کان وڌيڪ طاقتور شيءِ جو کاڄ آهي. 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment