شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

ورثو يا ذاتي ملڪيت؟


شام 07 لڳي 29 منٽ -اڱارو 02 جولاءِ 2019  374 
image-1


ڪجهه دوست ڪاوڙ ۾ آهن، ڪجهه حيران آهن، ڪجهه نه هڪڙي پاسي آهن ۽ نه ئي ٻئي پاسي آهن. ڪي دوست ان راءِ جا آهن ته حيدر منزل سنڌ جو قومي ورثو آهي، اهو وڪرو نه ٿيڻ گهرجي. ٻيا دوست چون پيا ته اهو هڪڙو بنگلو آهي، جيڪو سائين جي ايم سيد جي ذاتي ملڪيت هو، سائين جي وصال کان پوءِ اهو آخر ۾ سائين جلال محمود شاهه جي حصي ۾ آيو. ان ڪري اهو ساڳي حيثيت ۾ رکڻ، ان ۾ ڦير ڦار ڪرڻ، اهو ڊاهي ان جي جاءِ تي ٻيو بنگلو ٺاهڻ يا وري ان کي موراڳي وڪڻي ڇڏڻ جو اختيار ۽ استحقاق رڳو ئي رڳو سائين جلال محمود شاهه وٽ آهي، ڇو ته هو ان بنگلي جو هاڻي حقيقي مالڪ آهي.

فوٽو: فيس بوڪ

دوست تازو اها تصوير ڏسي ڇرڪيا آهن، جنهن ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته جيڪا حيدر منزل هئي سا هاڻي ڪنهن ٻئي جي ملڪيت ٿي وئي آهي ۽ حيدر منزل تي ڪرائون پارڪ ويو جو بينر لڳي ويو آهي. پاڻ ڪنهن کان پڇا ڪونه ڪئي آهي ته ڪرائون پارڪ ويو ڇا آهي؟ ڇا اهو نالو ڪنهن پلازا جوڙيندڙ ڪمپني جو آهي؟ يا حيدر منزل کي ڊاهي ان جاءِ تي جيڪا جڳهه ٺاهي ويندي ان جو نالو ڪرائون پارڪ ويو هوندو. ان بينر ۾ ڄاڻايل آهي ته اهو ڪم جلد شروع ٿيڻ وارو آهي. ان تي هڪڙو فون نمبر پڻ لکيل آهي. اهو بينر صاف چٽائي سان پاڻ سڀني کي ٻڌائي رهيو آهي ته شايد حيدر منزل جو ان جاءِ تي ويجهڙ ۾ ڪو نالو نشان نه هوندو. جن ماڻهن وٽ حيدر منزل جون تصويرون آهن، سي اهي تصويرون سانڍي رکن ڇو ته حيدر منزل جون نيون تصويرون ڪڏهن به نڪري نه سگهنديون. حيدر منزل ماضي بڻجي ذهنن تان پڻ ميسارجي ويندي. ۽ شايد هي سڀ ڪجهه ڪيو به ان ڪري ويو آهي.

فوٽو: فيس بوڪ

اهڙو ساڳيو ڪيس عوامي هائوس، گاڏي کاتو، حيدرآباد جو پڻ آهي. ان سان وري منهنجون ذاتي يادون جڙيل آهن. عوامي تحريڪ جو حصو هئڻ سبب منهنجو ان ننڍڙي سياسي گهر ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ادي ممتاز پڻ اتي ايندي رهندي هئي. ماما عارب، وشنو، هادي ڀٽ ۽ ٻيا سوين هزارين ڪارڪن اتي ايندا ويندا هئا.

فوٽو: فيس بوڪ

مون کي نوي واري ڏهاڪي جو اهو ٻپهر اڄ به ياد آهي جو اسين اتي دروازي کان مٿي چاڙهي چڙهي ڪمري ۾ ويٺا هئاسون، جيڪا آفيس هوندي هئي. فائرنگ جا ڌوڙيا هجن. ڪن ماڻهن اچي هيٺ دروازي جو ڪڙو کڙڪايو. مٿان دري مان ڏٺوسين ته پارٽي جا ڪجهه ڪارڪن هئا. اهي سڌي فائرنگ مان بچي نڪتا هئا. اتان پو آئون شام جو نڪري يونيورسٽي پهتو هئس. ان دور ۾ حيدرآباد دهشتگردن وٽ يرغمال هو. پر ان باوجود عوامي هائوس کي تالو نه لڳو. هيٺ ڪتاب گهر ۽ پريس به اڀري سڀري هال ۾ پيا هلندا هئا. رمضان نظاماڻي پڻ ڪيترو عرصو پريس سنڀالي. هادي ڀٽ کي اهو ملهڻ وارو رمضان نظاماڻي ياد هوندو.

فوٽو: فيس بوڪ

 اسان جون اتي رسول بخش پليجي سان جام ملاقاتون ٿيون. جڏهن مون عوامي تحريڪ ڇڏي، تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن اتي وڃڻ ٿيندو هو ۽ ماما عارب ۽ وشني سان ڪچهريون ٿينديون هيون. وشنو چوندو هو ته تو عوامي تحريڪ ڇڏي غلطي ڪئي آهي، موٽي اچ. پر آئون چوندو هئس ڇڏ ان ڳالهه کي، توکي به ڪڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. هن وقت وشنو مل عوامي جمهوري پارٽي جو سربراهه آهي، ۽ عوامي هائوس مسمار ٿي چڪو آهي. اهو عوامي هائوس جنهن جو اصل نالو عزيز منزل هو. ان جي ساڄي هٿ تي چاڙهي هوندي هئي، هيٺ هڪڙو ڪتاب گهر ۽ ان سان گڏ پرنٽنگ پريس. مٿي چاڙهيون چڙهندي کاٻي هٿ تي ڪمرو هوندو هو، جيڪو پارٽي جي برادر محاذن جو ڄڻ ته هيڊڪوارٽر هو. وچ ۾ ننڍڙو اڱڻ هو، جنهن جي دري هيٺ گهٽي ۾ کليل هوندي هئي، سامهون ڪچن وغيره هوندو هو. اڱڻ جي ساڄي هٿ تي وڏو ڪمرو ۽ اندر ننڍڙي آفيس. اها مختصر عمارت سنڌ جي مزاحمتي سياست جو هڪڙو استعارو بڻجي سنڌ جي افق تي ڪجهه وقت لاءِ نظر آئي، پر هاڻي ان جو ڪو نالو نشان ئي ناهي.

فوٽو: فيس بوڪ

 چون ٿا ته اها پارٽي جي ملڪيت نه هئي، هڪڙي ماڻهو جي ذاتي ملڪيت هئي، جنهن اها کپائي ڇڏي. ان ماڻهو ملڪيت ڪيئن ٺاهي، اها عوامي تحريڪ جي سڀني ماڻهن کي خبر آهي. ڇا ڪنهن کان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا ٺيڪا ۽ ٻيا ٺيڪا وسري سگهن ٿا؟ جي ڪو وسارڻ چاهي ته اهو مرضي وارو آهي. اسان جو دوست ڏاڏا قادر رانٽو عوامي هائوس جي خاتمي تي ڪهڙي راءِ رکي ٿو، سا مونکي خبر ناهي. پر يادون آهن، جيڪي آهستي آهستي ڪري ذهنن جي تختي تان ميساريون پيون وڃن.

فوٽو: فيس بوڪ

حيدر منزل ڪراچي جي نالي جهڙي هڪ ٻي ڳاڙهين سرن واري عمارت حيدر چوڪ، گاڏي کاتي، حيدرآباد، ۾ پڻ هئي. ڪينٽان چائنيز ريسٽورنٽ جي مٿان ان عمارت جون ٻاهريون دريون ڏسندڙن کي پاڻ ڏي ڇڪينديون هيون. چون ٿا ته اها عمارت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ذاتي ملڪيت هئي، جيڪا ملڪيت ان جي اولاد ڏانهن منتقل ٿي، انهن کي اهم تجارتي مرڪز ۾ اها عمارت ايترو نه ڏئي رهي هئي، جيترو پاسي واريون عمارتون انهن جي مالڪن کي ڏئي رهيون هيون. نالي کي ماڻهو ڇا ڪندو، ناڻو به ته کپي. شايد ناڻو ئي کپي. مجيد ٿهيم مون جهڙو درويش آهي، جيڪو نالي جي سراب پويان پيو ڊوڙي. ڪراچي واري حيدر منزل به وئي. حيدرآباد واري حيدر منزل به وئي ختم ٿي. عوامي هائوس مسمار ٿي ويو. نيون عمارتون ٺهي وينديون. انهن جي وڪري مان جيڪو ناڻو مليو، سو وڌيڪ ناڻي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو. ٻيو کپي به ڇا؟ باقي جيستائين انهن عمارتن جي هوندي انهن سان جن ماڻهن جون يادون جڙيل هيون، وڌ ۾ وڌ اهي جڏهن انهن نين عمارتن ڏي ڏسندا ته انهن جي اکين ۾ ڪجهه لڙڪ لڙي ايندا. ڪنهن کي پرواهه آهي بي لوث، وطن تان سر قربان ڪرڻ جهڙا جذبا سانڍيندڙ سياسي ڪارڪنن جي لڙڪن جي.

فوٽو: فيس بوڪ

سو دوستو، توهان جن کي سياسي ورثو سمجهو ٿا، جن عمارتن سان توهان جو جذباتي واسطو هو، جن ڏي ڏسندي، جن ۾ داخل ٿيندي توهان جون دليون ڀرجي اينديون هيون ۽ توهان کي لڳندو هو ته توهان ڪنهن جي ڇپر ڇانو هيٺان اچي ويا آهيو، جتي گهمندي ڦرندي توهان کي ايئن لڳندو هو ته توهان ڄڻ ته پنهنجي گهر اندر ويٺا آهيو، اهي عمارتون يارو ڪنهن نه ڪنهن جون ذاتي ملڪيتون هيون ۽ ها، ٿيو اهو آهي جو اهي عمارتون وڪڻي هڪڙي ڪوشش اها به ڪئي وئي آهي ته ايندڙ نسل پنهنجي ماضي جي سياسي جدوجهدن جا ڪجهه اهڃاڻ سدائين لاءِوڃائي ڇڏي. نئون نسل انهن عمارتن کي نه ڏسندو، ته هو ڪي سوال به نه ڪندو ۽ اهو دور ويسر جي ور چڙهي ويندو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment