شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

پيءُ جي چمي ۽ سنڌي سماج جي بيمار ذهنيت


شام 04 لڳي 31 منٽ -خميس 20 جون 2019  3059 
image-1


نانا پاٽيڪر جي فلم ”يشونت“ جو هڪ مشهور ڊائيلاگ آهي ته ”سالا ايڪ مڇر آدمي ڪو هيجڙا بنا ديتا هي.“ سو ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سوشل ميڊيا تي فيروزه لاشاري جي سندس پيءُ سان چمي واري تصوير ظاهر ٿي ته مون کي ائين لڳو ڄڻ ته پيءُ جي ڌيءَ کي ڏنل چمي سنڌي سماج کي ذهني ۽ جنسي مريض بڻائي ڇڏيو آهي.

ڪنهن به مذهب سماج ۾ چمي جو تصور رڳو سيڪس سان لاڳاپيل نه هوندو آهي. اسين ٻارن کي چميون ڏيندا آهيون، ماءُ پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي چمي ڏيندي آهي. اهڙي ريت پيءُ به پنهنجي اولاد کي چمي ڏيندو آهي. اهو اصل ۾ شفقت جو اظهار هوندو آهي. پر سوشل ميڊيا تي جهڙي ريت ان فوٽو کي رکي ماڻهن پنهنجي جنسي تسڪين جو اظهار ڪيو آهي، ان کي پڙهي ائين محسوس ٿو ٿئي ڄڻ ته هي ڪا اهڙي اڻ ٿيڻي ڳالهه هجي يا وري هي ڪو دنيا جو پهريون پيءُ آهي، جنهن پنهنجي ڌيءَ کي چمي ڏئي ڪو ڏوهه ڪري وڌو آهي.

اسين هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا، جتي ڏهن سالن جي ٻارڙيءَ سان زيادتي ڪندڙ ماڻهو جو ضمير نٿو جاڳي پر جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رت جي رشتن کي پيار ڪري ٿو يا انهن لاءِ ان ڳالهه جو اظهار ڪري ٿو ته هو انهن سان هر حال ۾ گڏ آهي ته ان تي اسان جو رت ٽهڪڻ لڳي ٿو.

اصل ۾ اهي شيون ان ڪري به ٿينديون آهن جو اسين هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا، جتي گناهه ۽ ثواب جون پنهنجون ئي وصفون ماڻهن ٺاهي رکيون آهن. اهي ئي طئي ڪندا آهن ته ڇا غلط آهي ۽ ڇا صحيح آهي. تنهنڪري هن قسم جون شيون ۽ هن قسم جا رويا اسان کي عام جام ملن ٿا.

اسين ڪنهن درگاهه تي نچندڙ عورت کي خراب نه سمجهندا آهيون پر جڏهن ڪا عورت ڪنهن شادي جي ڪاڄ يا ڪنهن به تقريب ۾ رقص ڪري ته اها اسان لاءِ بي حيا عورت بڻجي ويندي آهي. ڇو ته اسان جي سوچ جا زوايا زماني کان ابتڙ آهن، ابتڙ به اهڙا جو اهي صفا بيڪار قسم جا آهن.

ان سموري ماحول ۾ اسان کي اهو ئي محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌي سماج جنهن کي اسين ملڪ جي ٻين سماجن کان ڪجهه بهتر سمجهون ٿا، اها اسان جي غلط فهمي آهي، ڇاڪاڻ ته ائين نه هجي ها ته هڪ تصوير جنهن ۾ نه ڪا اوگهڙ آهي ۽ نه ئي ڪو ناجائز رشتو ان تي ايترو ممڻ نه مچي ها. پر جيئن ته اسان وٽ اهي سڀ معاملا اسان جي ذهني ڪيفيت ۽ سوچ کي ظاهر ڪن ٿا، تنهنڪري انهن روين جو حملو اسان کي هر پاسي محسوس ٿيندي نظر اچي ٿو. پوءِ ان ۾ اهو به خيال نه ڪيو ويندو آهي، اسين ڪهڙن رشتن جي پائمالي ڪري رهيا آهيون ۽ ڪهڙن رشتن کي لوئي رهيا آهيون.

هي هڪ انتهاپسنداڻو رويو آهي، جنهن جي اميد گهٽ ۾ گهٽ سنڌي سماج مان نه هئي پر جڏهن مجموعي طور رياستي رويو ئي اهڙو هجي ته ان جا اثر يقيني طور ڪنهن به سماج ۾ پئجي سگهن ٿا. انهن ئي روين جو شڪار اسان جو سنڌي سماج به ٿي رهيو آهي. پر حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته اسان کي سدائين غيرت انهن غير ضروري معاملن تي ايندي آهي، جتي غيرت ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هوندي آهي ۽ جن معاملن تي غيرت ڪرڻ گهرجي، اتي اسان جي وات ۾ مڱ پئجي ويندا آهن، جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ سنڌي گاني تي سنڌي ماڻهن جي غيرت جاڳي پئي هئي ۽ سڀئي پنهنجي زبانن جا ڪات ڪهاڙا اڀا ڪري ميدان ۾ لهي آيا هئا.

سو سنڌي سماج پنهنجي هاڻوڪي رويي مان اهو ثابت ڪيو آهي، ان ۾ ايتري به سهپ ناهي جو اهو هڪ پيءُ جي چمي کي به برداشت ڪري سگهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment