شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

سيوهڻ قلعو: جنهن جي ڀاڳ ۾ ڪئين حاڪمن جي بادشاهي رهي


شام 06 لڳي 30 منٽ -اڱارو 04 جون 2019  319 
image-1


’آفريقي سياح کي رات ڇت تي ليٽيل رٺل ننڊ کي پرچائڻ لاءِ ڪافي پهر گذري ويا هئا. سمهڻ مهل به هن جي دماغ ۾ انهن ماڻهن جا چهرا گُهمي رهيا هئا، جن جون سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري وچ شهر ۾ ڍير ڪيون ويون هيون ۽ انهن جا باقي جسم قلعي جي ڀتين تي لڙڪي رهيا هئا.

اهي بنا سِسي وارا لاش سمهڻ مهل ان قلعي جي ڀت تي لڙڪيل هئا. لاشن جي اڪڙيل جسمن اوپري ماڻهو جي بدن ۾ ڏڪڻي پيدا ڪري ڇڏي هئي. رسين ۾ لڙڪيل لاشن هوا جي جهوٽن تي لڏڻ شروع ڪيو. مرده لڏندڙ پاڇن هن تي وڌيڪ دهشت طاري ڪري ڇڏي.

تصوير: اختر حفيظ

تصوير: اختر حفيظ

جڏهن سج اڀريو ته ان آفريقي سياح ”ابن بطوطه“ مدرسي مان سامان کڻي ٻي جاءِ تي رهائش اختيار ڪئي. هاڻ هن کان وڌيڪ مظلوم ماڻهن جي بُهه ڀريل لڙڪندڙ لاشن کي ڏسڻ برداشت نه پئي ٿيو، جن کي هندستان جي حاڪم محمد تغلق جي حڪم انحرافي جي ڪري قتل ڪرڻ کان پُوءِ سيوهڻ قلعي جي ڀتين تي لڙڪائي ڇڏيو هو.‘

اهو قصو سنڌ مشهور محقق اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ۾ سيوهڻ شهر ۾ قائم قلعي جي حوالي سان بيان ڪيو آهي.

هونئن ته سيوهڻ جو ڄاتل سڃاتل تعارف لال شهبار قلندر ئي آهي، جنهن جي مزار تي ويندي هزارين عقيدتمندن جو مزاج به قلندراڻو ٿي ويندو آهي، پر ان شهر جي تاريخ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه اهڙو به آهي، جنهن کي ڄاڻڻ کانسواءِ توهين حقيقتن تائين رسائي نٿا ماڻي سگهو ۽ نه ئي ان قدامت جو اندازو لگائي سگهو ٿا.

تصوير: اختر حفيظ

تصوير: اختر حفيظ

هن ڀيري منهنجي سفر جو مقصد قلندر جي مزار جا راز پروڙڻ نه هو، بلڪه ان جي ڀر ۾قائم مٽيءَ جي دڙن، برجن ۽ ڀتين کي ڏسڻ هو، جيڪي ڪنهن زماني ۾ قلعو هئا. سيوهڻ شهر حيدرآباد کان 130 ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي. هر سال قلندر جي ميلي ۾ هزارين پانڌيئڙا ملڪ جي هر ڪنڊ مان هتي ايندا آهن.

جهڙي ريت هر شهر جو هڪ تاريخي پسمنظر هوندو آهي، ان جي نالي جا ارتقائي مرحلا هوندا آهن، اهڙي ريت سيوهڻ شريف تائين جو سفر به هن شهر هڪ رات ۾ طئي ناهي ڪيو.

سيوهڻ شريف جو نالو تاريخ ۾سيستان يا سيوستان بيان ڪيو وڃي ٿو. سيوهڻ اصل ۾ شو واهڻ جي بگڙيل شڪل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، شو جي پڄارين جي وسندي. جڏهن ته فارسي لفظ سيستان سيوستان جو مفهوم به اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو.

مشهور سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ’سنڌ ۾ سيوستان نالي هڪ شهر آهي، جيڪو اصل ۾ شو استان هو، يعني شو جو آستان، پر ماڻهن جي زبان تي سيوستان مشهور ٿي ويو.‘

تصوير: اختر حفيظ

تصوير: اختر حفيظ

شو هندو مت ۾ اعليٰ درجي جو ديوتا آهي جيڪو هڪ ئي وقت بنهه طاقتور ديوتا آهي. جنهن کي برهما (خلقيندڙ) شو (ناس ڪندڙ) وشنو (حفاظت ڪندڙ) به چيو وڃي ٿو. ان ديوتا کي ٽه مورتي به چيو وڃي ٿو. جنهن جي نراڙ تي اڀريل اک غيرمعمولي عقل جي نشاني آهي.

هڪ روايت موجب هن پنهنجي زال جي جدائي ۾ ٻه وڏا لڙڪ لاڙيا هئا، ان مان هڪ ڪٽاس راڄ ۾ ڪريو هو، جڏهن ته ٻيو اجمير ۾ڪريو هو. جڏهن ته هن دنيا جي تخليق جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته هن جي لڙڪن مان ٺهي آهي.

پر هن شهر جو هي نالو اسلام جي اچڻ کان پوءِ تبديل ٿي ويو. راجا ڏاهر جي زماني ۾ سيوهڻ جي قلعي جو حڪمران راجا ڏاهر جو سئوٽ هو، سيوهڻ کي سڪندر اعظم جي دؤر ۾ سنڊيمانا چيو ويندو هو، ان کان پوءِ قلندڙ شهباز جي اچڻ کان پواءِ سيوهڻ کي شهرت ملي.

آج جڏهن سنڌ ۾ قلعا مٽي جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، هي ڪنهن زماني ۾ مضبوط قلعا رهيا هوندا، پر ڪو قلعو ڪيترو به مضبوط ڇو نه هجي، ان ۾ ڪمزوريون ضرور هونديون آهن ۽ اهي ئي ڪمزوريون ڪنهن بادشاهت جي شڪست جو سبب ٿينديون آهن.

سيوهڻ جي قلعي جي قدامت جي حوالي سان ڪئين محقق ان راءِ جا حامي آهن ته جڏهن سڪندر اعظم سنڌ ۾ داخل ٿيو ته اهو قلعو موجود هو. سڪندر سان گڏ آيل مورخن سنڌ جي جن شهرن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مان هڪ جو نالو سنڊيمانا آهي. سڪندر موسيڪانوس فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڊيمانا لاءِ نڪتو هو. محقق موسيڪانوس کي اروڙ، جڏهن ته سنڊيمانا کي سيوهڻ چون ٿا.

تصوير: اختر حفيظ

تصوير: اختر حفيظ

هندستان ۾ اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ سنڌ ۾ مرزا جاني بيگ مرزا جي حاڪميت هئي. 1573 ۾ مغلن ڀڪر جو قلعو فتح ڪيو پر ملتان جي گورنر سيوهڻ ۽ ٺٽي کي فتح ڪرڻ واري فوج کي شڪست ڏني. ان ڪري اڪبر وڌيڪ فوج موڪلي. 1591ع ۾ سيوهڻ ويجهو جنگ ٿي، جنهن ۾ مرزا جاني بيگ کي شڪست کان پوءِ مغل فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا.

اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ۾ لکي ٿو ته ڪننگمام ۽ ڪئوزن به سنيڊيمانا مان مراد موجوده سيوهڻ جي آهي. البت مشهور يونان جهاز ران نيئرڪس جي ڪتابب ”ووئيج نيئرڪس“ جي مرتب وليم وئسينٽ سوگدي مان مراد سکر ۽ موسيڪانوس مان مراد سيوهڻ ورتي آهي.

هو لکي ٿو ته ’سيوهڻ ٻڌ جي شهزادي راجا ڀارا رتي جي راڄڌاني هو. جنهن ان جي ڀاءُ وڪر اهاديتوا چندر گپتا اجين مان تڙيو، جيڪو ڪپتا گهراڻي جو ٽيون حڪمران هو.‘

تصوير: اختر حفيظ

تصوير: اختر حفيظ

راءِ گهراڻي جي دؤر ۾ به سيوستان جو ذڪر ملي ٿو، ان دؤر ۾ سيوستان هڪ وڏو علائقو هو، چچ نامي ۾ ان جو مختصر احوال ڪجهه هيئن لکيو ويو آهي. ’راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ حڪومت جون سرحدون اوڀر کان ڪمشور تائين، اولهه کان مڪران تائي، ڏکڻ کان سمنڊ ڪناري ديبل تائين ۽ اتر کان ڪيڪانان تائين هيون. هو پاڻ اروڙ جي تخت گاه تي ويٺو ۽ ان زماني ۾ چار حاڪم مقرر ڪيائين. هڪ حاڪم برهمڻ آباد، ٻيو سيوستان جي سارسنڀال ڪندو هو، ٽيون اسڪلنده ۽ چوٿون ملتان ۾ هو.‘

راجا سميرس جي گذاري وڃڻ کان پُوءِ ان جي وزير چچ بن سيلاج تخت تي براجمان ٿيو، هو اروڙ اسڪلنده، سڪه ۽ ملتان کي تابع ڪري ڪشمير جو سرحدون مقرر ڪري موٽي آيو، تنهن کان پوءِ هو سيستان جي راجا متي کي ختم ڪر ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جنهن ۾ سيستان جو راجا متي شڪست کائي ويو. اهڙي ريت هي قلعو چچ جي قبضي ۾ اچي ويو.

تصوير: اختر حفيظ

تصوير: اختر حفيظ

قديم ماڳن جو ماهر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ان خيال جو آهي ته ’سڪندر اعظم جي حوالي سان جيڪا راءِ فرينچ آثار قديمه جي ماهر مونيڪ ڪروران جي آهي، اها ڪافي بهتر آهي. هن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ سمورا واپاري مرڪز درياهه ڪناري قائم هئا. اصل ۾ هي جڳهه شو آستان ئي هئي، جتي شو ڀڳوان جا مڃيندڙ رهندا هئا. هن قلعي جي اڏاوت پوءِ ٿي. کڻي جو اهو ق.م جون شاهديون ڏئي ٿو پر اهو پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته هي اهو قلعو آهي، جتان سڪندر گذريو هو.‘

پر هن قلعي جي ڀاڳن ۾ ڪئين بادشاهن ۽ حاڪمن جي حڪمراني لکيل هئي. ان ڪري هي قلعو ٻين ڪيترن ئي حاڪمن جي قبضي ۾ رهيو. سنڌ ۾ تغلق دؤر ۾ به اهو قلعو موجود هو. سنڌ ۾ تغلق دؤر ۾ هندستان جو بادشاهه محمد بن تغلق شاهه پاران عمادالمالڪ موجود هو، ان کانسواءِ اچ، بکر ۽ سيوستان ۾ به سرڪاري ماڻهو هئا.

تصوير: اختر حفيظ

تصوير: اختر حفيظ

سيوهڻ ۾ هڪ هندو اهڙو به هو، جيڪو ڪن اميرن سان هندستان جي بارشاهه محمد بن تغلق جي درٻار ۾ پهتو، بادشاهه هان کان متاثر ٿيو ۽ کيس سنڌ سرڪار جو لقب ڏنائين. هن کي جيڪا جاگير ڏني وئي، ان ۾ سيوهڻ به هو. پر ڄام انڙ ۽ قيصر رومي کان اهو سَٺو نه ٿيو ۽ کيس قتل ڪرائي خزاني تي قبضو ڪري ورتو. ڄا۾ انڙ کي اتان جي ماڻهن سردار مڃي ورتو ۽ ان کي ”ملڪ فيروز“ جي لقب سان نوازيو.

هو لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ لاڙ ڏانهن روانو ٿيو. سيوهڻ ۾ بچيل لشڪر قيصر رومي کي پنهنجي سردار ٺاهي ڇڏيو. ان واقعي ڄاڻ جڏهن سلطان محمد بن تغلق کي مقرر ڪيل سنڌ جي اميرالامرا عمادالمالڪ کي خبر پئي ته لشڪر ساڻ ڪري سيوهڻ پهتو.

تصوير: اختر حفيظ

تصوير: سنڌي شان ڊاٽ ڪام

تصوير: اختر حفيظقيصر رومي هن جو مقالبو ڪيو مر جڏهن عمادالمالڪ کي ڪا ڪاميابي نه ملي ته امير قيصر کي ٺاهه ڪرڻ جو نياپو ڪرايو، پر ٺاهه ڪرڻ کان پُوءِ امير قيصر کي گرفتار ڪرائي قتل ڪرائي ڇڏيو.

ان واقعي کي ابن بطوطه هيئن بيان ڪيو آهي.

’تڏهن هن سان وعده خلافي ڪري، هنن جو مال ضبظ ڪيو ويو، پوءِ هر ڏينهن تي انهن مان چونڊي چوڻڊي ماڻهن کي قتل ڪرائيندو هو ۽ انهن جون کلون لهرائي انهن ۾ بُهه ڀرائي قلعي جي ڀتين تي لڙڪائي ڇڏيندو هو. جنهن جي ڪري قلعي جي ڪيترين ئي ڀتين تي کلون پيون لڙڪنديون هيون. جن کي ڏسي ماڻهو ڏڪي ويندا هئا.‘

هي قلعو انهن سمورن دؤرن مان گذري ارغون ۽ ترخان گهوڙن جي ٽاپولين هيٺ ۾ چيڀاٽيو ويو، اسين اهو ته نٿا ڄاڻون ته هن قلعي جا برج ڪيئن ڪمزور ٿيا ۽ ڪڏهن ان جي ڀتيون ڀرڻ شروع ٿي ويون، پر اتي زوال جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا.

اڄ هن قلعي جي ايراضي سسي وئي آهي، جنهن کي ڏسي لڳي ٿو ته هي مٽيءَ جو وڏو ڍير آهي. برج مٽي جا، ڀتيون مٽي جون، ڪوٽ مٽي جا. هاڻ فقط ڪٿي ڪٿي ئي پڪيون سرون قلعي جي ڀتين ۾ نظر اچن ٿيون، باقي ته سڀ ختم آهي.

سيوهڻ واري قلعي جي ڀتين ۽ برجن ۾ هاڻ ڏار پئجي رهيا آهن ۽ برساتن جي مند ۾ ان قلعي جي بچيل عمارت ڦڙو ڦڙو ٿي پاڻي ۾ وهي رهي آهي. ڪيتري ئي ايراضي تي قبضو ٿي چڪو آهي ۽ فقط هاڻ ٿورو ۽ حصو وڃي علامتي طور قلعي جو اهڃاڻ آهي. مون ان قلعي تان سيوهڻ شهر کي ڏٺو، جنهن جي تاريخ اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي، پر اڄ ان قلعي جي سار لهڻ وارو ڪوبه ڪونهي.

ايندڙ وقت ۾ مٽيءَ جي دڙي وانگر نظر ايندڙ شاهي قلعو شايد برسات ۾ وهي وڃي، پر قلعي ۽ ان کي فتح ڪندڙ حڪمرانن جا قصا اسان کي فقط تاريخ جي ورقن ۾ ملندا.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment