شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

ادب جو نفسياتي تجزيو


شام 06 لڳي 17 منٽ -خميس 23 مئي 2019  355 
image-1

ادب جو ڪمال اھو ئي رھيو آھي تھ ان ۾ سائنس جيان ڪي مخصوص فارمولا نھ آھن ۽ ان ۾ دنيا جي ھر موضوع جو ذڪر اچيو وڃي. ادب جو اھو بھ ڪمال آھي تھ ھر ماڻھو ان جي پنھنجي سوچ ۽ سمجھ آھر تشريح ڪندو آھي، جنھن کي اسان نھ تھ مڪمل طور تي صحيح ٿا چئي سگھون ۽ نڪو وري ان کي مڪمل طور تي رد ٿا ڪري سگھون. اڪثر ڪري اھو سوال ڪيو ويندو آھي تھ ڇا اڄ جي جديد سائنسي دور ۾ ادب جي اھا ئي عفاديت آھي جيڪا اڄ کان 40 يا 50 سال اڳ ھئي؟

اھو سوال ھن طريقي سان بھ ڪيو ويندو آھي تھ اسين ادب ڇو پڙھون، ان مان اسان کي ڪھڙو فائدو ملندو؟ انھيءَ سوال جو جواب اسان کي تڏھن ئي ملندو جڏھن اسين صحيح معنيٰ ۾ اھو سمجھون تھ ادب آھي ڇا ۽ ڇو تخليق ڪيو ويندو آھي. ادب تخليق ڪرڻ جا عام طور تي ٽي مک ڪارڻ ڄاڻيا ويندا آھن:

(1) تعليم ۽ سجاڳي ڏيڻ

(2) تربيت ۽ اصلاح ڪرڻ، ۽

(3) تفريح ڏيڻ.

انسان رڳو ماس ۽ ھڏن جي مخلوق نھ آھي پر ان سان گڏ احساسن ۽ جذبن واري مخلوق پڻ آھي ۽ ادب انسان جي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندو آھي، جي بلڪل اڄ جي دور ۾ بھ ادب جي اھا ئي عفاديت آھي جيڪا اڄ کان 50 يا 100 سال اڳ ھئي ۽ ايندڙ ھر دور ۾ جيستائين انسان جي سيني احساسن ۽ جذبن سان سرشار دل ڌڙڪندي رھندي ادب جي ساڳي ئي عفاديت رھندي ۽ ادب انساني زندگيءَ جو ھڪ اھم حصو رھندو. ادب فردن ۽ قومن جي رھڻي ڪرڻي، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي پڻ نمائيندگي ڪندو آھي.

انگريزي جي مشھور ناول نگار سلمان رُشدي چواڻي تھ: "Man is a storytelling animal." انسان ڪھاڻي ٻڌائيندڙ جانور آھي. اسان کي اھو بھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ادب اسان جي اندر جمالياتي حس کي بيدار ڪندو آھي. اسان جي اندر جي وسوسب، محرومين ۽ چري چاھتن جي عڪاسي ڪندو آھي.

سٺو ۽ معياري ادب ھر پڙھندڙ اندر تصور ۽ تخيل جي ھڪ وسيح ڪائنات کي اُجاگر ڪندو آھي. سٺو ۽ معياري ادب اسان کي حساس بڻائيندو آھي ۽ سماج ڏانھن اسان کي پنھنجين ذميوارين جو احساس ڏياريندو آھي. اسٽالين جڏھن جڳ مشھور ناول ڪينسر وراڊ پڙھي رھيو ھو تھ چيائين اھو ناول پڙھڻ دوران منھنجو ساھ ٻوساٽجڻ لڳندو ھو ۽ ڪمري کان ٻاھر ڀڄي ايندو ھوس، جيئن تازي ھوا کائي سگھان ۽ پنھنجي من اندر طوفان جيان اٿندڙ احساسن کي جھڪو ڪري سگھان. اھو آھي معياري ادب جو ڪمال.

مان سمجھان ٿو تھ 20 صديءَ علم ۽ ادب کي عروج تي پھچائي ڇڏيو ۽ اڄ اسان 21 صديءَ جا پڙھيل لکيل ماڻھو انھن ئي اصولن ۽ نظرين کي اڳيان وڌائي ھلي رھيا آھيون. 20 ھين صديءَ ۾ ھڪ ڪمال جو ماڻھو سگمنڊ فرائيڊ (Sigmund Freud 1856-1939) بھ ھو جيڪو ماھر نفسيات ۽ فلسفي ھو. ھن ادب جي حوالي سان سائيڪوايناليٽڪ ڪرٽسيزم (Psychoanalytic Criticism) جو نظريو ڏنو، جنھن کي فرائيڊ جي تنقيد (Freudian Criticism) بھ چيو وڃي ٿو.

ھن ھي اصتلاح 1896ع ۾ ڏني ۽ پنھنجي مشھور ڪتاب خوابن جي تعبير (The Interpretation of Dreams) ۾ اوڊيپس (Oedipus) ۽ ھيملٽ (Hamlet) جي ڪردارن جو نفسياتي تجزيو پيش ڪيو، جنھن سان ادب جي دنيا ۾ ھڪ نئون بحث ڇڙي پيو. 20 صديءَ جا ٻھ اھم نقاد Lionel Trilling ۽ Edmund Wilson پڻ ھن نظريئي جا شيدائي ھئا ۽ ان کي اڳيان کڻي ھليا. ھن نظريئي ۾ تخليقڪار جو ان جي تخليق سان نفسياتي تعلق ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي.

جڏھن تھ ان ڳالھ تي بھ غور ويچار ڪيو ويندو آھي تھ ڪھڙي قسم جا ڪردار تخليق ڪيا ويا آھن، اھي ڪھڙي قسم جي زبان استعمال ڪن ٿا. نفسياتي تجزيئي موجب افسانوي ڪردار بھ حقيقي انسانن جيان ئي زندگي گذاريندو آھي. جڏھن تن ان کان اڳ Jacques Lacan جيڪو نظريو ڏنو ھو ان موجب ڪوبھ افسانوي ڪردار تخليقڪار جي پنھنجي شخصيت جو ڪو لڪل جزو ھوندو آھي. نفسياتي تجزيئي ۾ متن ۾ ڏنل ليکڪ جي لاشعوري خواھشن کي بھ پرکڻ جي ڪوشش بھ ڪئي ويندي آھي.

ھن تجزئي جي ھڪڙي خوبي اھا آھي تھ ان سان ادب جي سماج ۾ اھميت وڌي ويندي آھي. نفسياتي تجزئي جو ھڪ اھم حصو psycho-biographical بھ آھي جنھن ۾ تخليقڪار جي لکيڻ مان سندس ئي ننڊپڻ جي ڏکن سورن ۽ مُنجھارن، سندس گھرو زندگي ۽ سندس جنسي جبلتن جو اندازو سندس ڪردارن جي ھلت چلت مان ڪيو ويندو آھي. اسان جڏھن ادب جو نفسياتي تجزيو ڪري پرھنداسين تھ پاڻھي اسان جي زندگي ۾ ان جي عفاديت ۽ اھميت وڌي ويندي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment