شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

عشق تمام برهه تمام: ٻوڌي فلسفي ۽ عشق جو سفر


شام 08 لڳي 03 منٽ -آچر 19 مئي 2019  258 
image-1

مون کي سدائين اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته ناول لکڻ سسيفس وانگر ڳرو پٿر کڻي جبل جهاڳڻ جيان آهي ۽ هڪ سٺو ناول نگار اهو ئي ثابت ٿيندو آهي، جيڪو ان پٿر کي جبل تائين سسيفس وانگر پهچائي وڃي. ادب ۾ ناول جهڙي اهم ترين صنف دنيا ۾ ان ڪري به مقبول رهي آهي، جو اها (صنف) زندگيءَ جي ڪيترن ئي پاسن کي پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ناول جي وسعت ۽ ان ۾ موجود گنجائش کي جيڪڏهن هڪ ناول نگار بهتر نموني سمجهي وڃي ته ان لاءِ هڪ سٺو ناول تخليق ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي، پر اهو به ضروري ناهي ته هر ڪهاڻي ناول جي ئي ڪهاڻي هجي. ناول جي ڪهاڻيءَ مان منهنجو مطلب آهي ته ناول جي صنف لاءِ هجي، ڇو ته اسان جي چوڌاري ڪئين اهڙا قصا آهن، جيڪي ناول بدران ڪهاڻيءَ (شارٽ اسٽوري) جي صورت ۾ وڌيڪ اثرائتا محسوس ٿين ٿا.

ڪجهه وقت کان سنڌي ناول جي مقدار ۾ جيئن واڌارو ٿيو آهي ته اتي ان جي معيار تي سوال اٿڻ شروع ٿيا آهن. ادب جي ڪنهن به صنف ۾ مقدار ۾ واڌ ٿيڻ جي معنيٰ اها به ناهي ته اها صنف اعليٰ پايي جي سرجي رهي آهي پر ججهي مقدار ۾ معياري شيون به نروار ٿي وينديون آهن. هڪ سٺو ناول ٿوري مقدار ۾ به پنهنجي معيار کي برقرار رکندو آهي ته گهڻي مقدار ۾ به جدا حيثيت ۾ نظر ايندو آهي، جيئن آفريڪي ناول نگار چينه اچوبي جو ناول “ٿنگس فال اپارٽ” دنيا جي سئو بهترين ناول ۾ به ڳڻجي ٿو ته دنيا جي ڏهن بهترين ناولن مان به هڪ آهي.

ڪجهه وقت اڳ سنڌي جي ناليواري ليکڪه ۽ ريسرچ اسڪالر سحر گل جو ناول “عشق تمام برهه تمام” ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ناول جي ٿلهي متاري هجڻ کان پوءِ ڪئين ماڻهن جو اهو رايو آيو ته هي ٿلهو ناول ڪير پڙهندو، پر ناول پڙهڻ يا نه پڙهڻ جو تعلق ان جي ٿلهي يا سنهي هجڻ سان نه بلڪه هڪ پڙهندڙ جي دلچسپي سان هوندو آهي. اهو بلڪل ائين آهي جيئن اسين چوندا آهيون ته اسان کي پڙهڻ لاءِ وقت نٿو ملي، پر ماڻهو اڄ به ناول پڙهن ٿا، انهن تي ڳالهائين ٿا. اهو معاملو وقت جي هوند يا اڻهوند جو ناهي پر اسان جي دلچسپي جو آهي ۽ ڪنهن ڪم ۾ دلچسپي ئي اصل ۾ وقت جي هوند آهي.

هن ناول جو بنيادي نقطو کڻي گوتم ٻُڌ وارو فلسفو آهي پر ناول جي ڪهاڻي اصل ۾ انهن ٽن وجودن (ڪردارن) جي هڪٻئي لاءِ ڳولا آهي. اهي ٽي ڪردار آهن، ڪبير، جادم ۽ مينتوخ. هي ٻن موضوعن تي آڌاريل ناول آهي. هڪ ته انسان جو عشق ڏانهن رويو يا تصور آهي ۽ ٻيو ٻُڌ مت جا تاريخي عڪس ۽ اولڙا آهن.

دنيا ۾ ناول Epistolary  (خطن جي صورت) ۾ لکيا ويا آهن، جيئن گوئٽي جو ناول “ساروز آف ينگ وردر” يا راجه انور جو “جهوٽي روپ ڪي درشن” خطن جي صورت ۾ لکيا ويا آهن. پر هي ناول مڪمل طور خطن وارو ناهي بلڪه هن ۾ لطيف ۽ جادم جا آهن.

سحر گل

ڪهاڻيءَ جي شروعات خطن کان ئي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ لطيف ۽ جادم جا هڪٻئي ڏانهن خط آهن، جيڪي ٻوڌي فلسفي تي بحث ڪن ٿا ۽ لطيف پنهنجن روين ۾ جادم کي ان ئي رستي هلڻ توڙي تياڳ لاءِ اتساهيندو رهي ٿو. لداخ ۾ ڪبير ۽ مينتوخ جي ملاقات ٿئي ٿي، جنهن کي هو يوڳڻي به سڏي ٿو، اتي ڪبير کي پنهنجو تحقيقي ڪم ڪرڻو هوندو آهي ۽ مينتوخ کي پنهنجي ٻوڌي فلسفي واري سفر تي نڪرڻو هوندو آهي. لداخ، ليهه ۽ نيپال وارن علائقن ۾ رهندي ڪبير مينتوخ جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي ۽ ساڻس اظهار به ڪري ٿو پر هوءَ ان ڳالهه کان لنوائي ويندي آهي، نيٺ هوءَ کيس ٻڌائي ٿي ته هن جي شادي ٿيل آهي ۽ سندس مڙس کيس ڇڏي ويو آهي. جنهن جو هوءَ انتظار ڪري رهي آهي. اهڙي ريت هوءَ ڪبير کان پري ٿيڻ لڳي ٿي. پر ڪبير جو هن کان سواءِ رهڻ ڏکيو لڳي ٿو. نيٺ هو کيس ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هو ساڻس شادي ڪري ۽ باقي زندگي گڏ گهارين.

ان دوران ٻنهي ۾ ويجهڙائي وڌي ٿي، ٻنهي جا جسم هڪٻئي ۾ ڄڻ ته سمائجي وڃن ٿا پر هڪ رات جڏهن مينتوخ ۽ ڪبير ساڳي ڪمري ۾ سمهن ٿا ته صبح سوير هن لاءِ هڪ نوٽ ڇڏي وڃي ٿي ته هوءَ هن سان گڏ ائين نٿي هلي سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٻوڌي سفر متاثر ٿي رهيو آهي. جتي هوءَ ڄاڻائي ٿي ته “مان جيترو تنهنجي ويجهو پئي ٿيان، اوترو ئي پنهنجي ٻوڌي سفر کان پري وڃان پئي. تو کان ۽ تنهنجي پيار کان پري وڃڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي ڪبير”.

ڪبير ۽ مينتوخ جي وڇوڙي کان پوءِ جيڪا صورتحال جڙي ٿي، اها هن ناول ۾ ڄڻ ته ڪهاڻيءَ کي جاندار ٺاهي ٿي. ڪبير سندس وڇوڙي ۾ بي حال هوندو آهي. هوڏانهن جادم به پنهنجي زال جي ڳولا ۾ نڪري ٿو، جيڪا کيس نٿي ملي ۽ ان جي ڳولا لاءِ لک پڙهه به ڪندو آهي. پر سندس ڪو ڏس پتو نٿو ملي، جادم هڪ ڏينهن ان جي ڳولا ۾ سندس دوست آشا ڏانهن وڃي نڪري ٿو پر هوءَ اتي به نه هوندي آهي. ان وقت جيڪا ڪيفيت جادم جي ناول نگاره بيان ڪئي آهي، سا پڙهڻ وٽان آهي، هن جو اندر جهڙي ريت جُهري ٿو ۽ پوءِ سندس ڳولاءِ ۾ جيئن هو لداخ وڃي ٿو ته اتي سندس ملاقات ڪبير سان ٿئي ٿي. پر ميرا اتي به نه هوندي آهي.

ڪبير کان موڪلائي مينتوخ نيپال هلي ويندي آهي، ان دوران ڪبير کي ويساهه هوندو آهي ته هوءَ هن سان ضرور رابطو ڪندي ۽ هڪ ڏينهن نيٺ کيس مينتوخ جو خط ملي ٿو. هو، ان پتي تي کيس ڳولڻ نڪري ٿو، ان هوٽل ۾ رهي ٿو، جتان خط آيو هو، هو هوٽل واري کان پڇي ٿو، سندس پار پتا ڏئي ٿو، هو کيس ٻڌائي ٿو ته مينتوخ اتي ئي آهي، پر اتي سندس نئون روپ سامهون اچي ٿو. جيڪا هن لاءِ حيران ڪندڙ هوندو آهي. ان وقت سندس جهان ڊهي ٿو. ان سڄي ڳولا ۾ ڪبير بلڪل ان هرڻ وانگر هوندو آهي، جنهن جي دُن ۾ مشڪ جي سڳنڌ هوندي آهي ۽ اهو رڻ ۾ ان سرهاڻ لاءِ سرگردان هوندو آهي. مينتوخ جو وجود هن جي آپس پاس هوندو آهي، پر هو کيس ڏسي ۽ پسي نٿو سگهي. نيٺ هو ساڻس ملي ٿو پر هو دنيا کي ڄڻ ته تياڳي چڪي هوندو آهي ۽ وپاسنه جي سفر جي تياري پئي ڪندي آهي، جنهن کان اڳ ۾ ڪجهه ٻوڌي مشقن ۾ ڪبير به حصو وٺندو آهي ته جيئن سندس ارادو مٽجي وڃي پر هوءَ پنهنجو ارادو نه مٽائيندي آهي ۽ نيٺ ان سفر لاءِ کائڻ پيئڻ به گهٽائي ڇڏيندي آهي.

ان سموري صورتحال کي ڏسندي هو جادم کي کٽمندو ســڏائيندو آهي ۽ کيس مينتوخ جي ڳولا پوري ٿيڻ تي سندس ملاقات ڪرائيندو آهي، پر هوءَ هن جي هڪ به نٿي ٻڌي هوءَ نرواڻ ماڻڻ لاءِ سموريون تياريون ڪري چڪي هوندي آهي. ان ڪري کيس ڪوبه اثر نٿو ٿئي. آخر ۾ نيٺ لمبينيءَ ۾ ميرا ان مرحلي ۾ داخل ٿيندي آهي، جيڪو جتان سندس واپسي ممڪن نٿي ٿئي. ناول جي پڄاڻي، ان هنڌ ٿئي ٿي، جتي ليکڪه ان جو موت ته نه ڏيکاريو آهي ۽ مختلف ماڻهن ان لاءِ پنهنجون پنهنجو ڪهاڻيون بيان ڪندا آهن پر وري به ان جي پڄاڻي ڄڻ ته مينتوخ جو موت ئي آهي.

هن ناول جي هڪ خوبي اها آهي ته ٻولي بنهه سهڻي آهي. مختلف ڪردارن جا پنهنجا پنهنجا الڳ لهجا آهن، جادم جو الڳ آهي، ڪبير جو الڳ ۽ لطيف جو الڳ آهي. پر جيئن ته ڪي ڪردار ناول جي آڱر جهلي هلندا آهن ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪبير هن ناول جو اهڙُو ڪردار آهي، جيڪو ناول نگاره کي به گس ڏسيندو هليو آهي. ان جو سفر کڻي جو رستن تي پيرن سان آهي، پر هن سڄي ناول ۾ دل سان سفر ڪيو آهي، پنهنجي دل کي بار بار مرندي ڏٺو آهي. جيتوڻيڪ ٻولي ڏاڍي سٺي آهي پر ڪٿي ڪٿي ڪي ڪچايون به رهجي ويون آهن، جيئن “هجي ٿو” جهڙا لفظ جملي ۾ مزو نٿا ڏين، ان بدران “هوندو آهي” استعمال ڪجي ها ته بهتر هو ۽ ڪن جاين تي دل کي مذڪر ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو به غلط استعمال آهي.

ان کانسواءِ جيڪو ٻوڌي فلسفي يا ويٽنام امريڪا جنگ جو قصو ۽ تاريخ آهي، ان جي جيئن ته ڪا افسانوي شڪل ڪونهي، تنهنڪري اهو سمورو حال احُوال ڪافي جاين تي پڙهندڙ لاءِ ڄڻ ته ڪهاڻيءَ ۾ رنڊڪ پيدا ڪري ٿو. ڪهاڻي هلندي هلندي تاريخ جهڙو خشڪ موضوع اچي وڃي ته ناول جي صورت ۾ بگاڙ ٿي ويندو آهي. تنهنڪري ان تاريخي پسمنظر جي ايتري گهڻي ضرورت نه هئي. ٻڌ جي فلسفي جي خوبين ۽ خامين کي به بيان ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، جيڪو هن فلسفي کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. جيئن بقول ٻڌا جي سرير کي گهڻي تڪليف نه ڏجي.

خطن جو سلسلو بهتر آهي، پر ڪٿي ڪٿي اهي ورجاءَ جو شڪار نظر اچن ٿا. ڪهاڻي ۾ مينتوخ اصل ۾ ڪير آهي ۽ اڳيان هلي اها ڪهڙي روپ ۾ نروار ٿيڻ واري آهي، اهو سسپينس رکڻ ۾ ناول نگاره ڪنهن قدر ڪامياب وئي آهي.

هي ناول انهن ناولن مان آهي، جيڪي بنهه پڙهڻ ۾ سست هوندا آهن يا کڻي ائين چئجي ته انهن جي ڪهاڻيءَ جو سرو تڏهن وڃي ملندو آهي، جڏهن ناول جا ٽي حصا ماڻهو پڙهي وٺندو آهي. پر جيڪا ڪهاڻيءَ جي اڻت ناول ۾ رکي وئي آهي ۽ پڄاڻي کان اڳ جڏهن اها کلي سامهون اچي ٿي اها ڪافي سٺي آهي. ناول جي ٽيڪنيڪ ۾ جهڙي ريت ناول نگار Digression  وارو عنصر استعمال ڪندا آهن، اهڙي ريت هن ۾ به استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪا ناول جهڙي صنف ۾ عام ڳالهه ليکي ويندي آهي پر تنهن هوندي به اهو ضروري آهي ته ناول نگار Reading Pleasure  پڙهڻ جو لطف برقرار رکي.

ناول ۾ هڪ سٺي ڳالهه اهي روايتون ۽ ڏند ڪٿائون به آهن، جيڪي ٻوڌي فلسفي سان واڳيل آهن، جن کي پڙهي ماڻهو کي مزو اچي ٿو. ٿلهي ليکي اهو چئي سگهجي ٿو ته هي هڪ اهڙو ناول آهي، جيڪو پڙهندڙ تي تڏهن ئي اثر ڇڏي سگهي ٿو، جڏهن اهو صبر سان هن کي پڙهي پورو ڪري.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment