شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 19 - جون - 2019ع

”هڪ موبائل فون هڪ جهرڪي جي قبر آهي“


شام 03 لڳي 00 منٽ -خميس 16 مئي 2019  153 
image-1


اها ڪجهه سال اڳ جي ئي ته ڳالهه آهي، صبح جو اک ئي نه کلندي هئي ته ڪانون جا ولر اڱڻ تي لٿا پيا هوندا هئا، چوڌاري جهرڪين جي چون چون، ڳيرن جي گهو گهو، طوطن جا ۽ ڪٻرين جا آواز مڌر موسيقي وانگر ڪنن ۾ گونجندا هئا، فصلن جي جهار هڪلڻ وارن کي جهرڪيون ساهي ئي کڻڻ نه ڏينديون هيون، سارين جا کرا لهندي ئي مس هئا ته ڳيرن ۽ پاريهلن جا ولر اچي نڪرندا هئا، مال ڪاهي واهن جي ڪنارن سان وڃبو هو ته سوين ڪٻريون واهن جي ڪپن ۾ ٻر ٺاهيون آنا پيون سنڀالينديون هيون، هر وڻ ۾ طوطن جا گهر به نظر ايندا هئا ۽ ڪاٺ ڪٽا به پنهنجي ڪرت ۾ لڳل هوندا هئا، ان کي اسان پنهنجي ننڍپڻ جو هڪ نه وسرندڙ خواب چئي سگهون ٿا. جنهن جو اسان جو هاڻوڪو نسل، اسان جا ٻار شايد تصور ئي نه ڪري سگهن ۽ انهن کي اهو سڀ ڪنهن ڪهاڻي مثل لڳي. ان جو سبب ڇا آهي؟

تازو گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ پڌري ٿي آهي، جنهن ۾ اشرف المخلوقات حضرت انسان طرفان هن دنيا، هن دنيا جي ماحول، پکي پکڻ جي تباهيءَ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيل آهن. رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ماضيءَ ۾ انساني سرگرمين جا زمين تي ناڪاري اثر پوندا رهيا آهن، پر جيترو نقصان انسان زمين کي گذريل اڌ صديءَ دوران پهچايو آهي، ان جو اڳ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. دنيا جي جيڪا آبادي 1970ع ۾ هئي، هاڻي ان کان ٻيڻي ٿي چڪي آهي. 1980 کان 2000ع تائين صرف ويهن سالن جي عرصي ۾ ڏهه ڪروڙ هيڪٽر ٻيلا/ جهنگ تباهه ڪيو ويو. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته دنيا جي 25 سيڪڙو جانورن جو نسل ختم ٿيڻ جو جيترو خطرو هن وقت آهي، گذريل هڪ ڪروڙ سالن ۾ اهڙو خطرو نه هو. دنيا جي 23 سيڪڙو زمين جي پيدواري صلاحيت ختم ٿي چڪي آهي.

ان تباهي جو ڪارڻ جانورن ۽ پکين جو لامحدود شڪار، جهنگن ۽ ٻيلن جي واڍي، جنگيون، پلاسٽڪ جو گهڻو استعمال ته آهي ئي آهي، پر ان سان گڏ انسان جيڪو ترقيءَ جي نالي تي ۽ دنيا جي تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ جي مختلف ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پيداواري ذريعن کي مصنوعي طريقي سان وڌائڻ به خود انسان کي هڪ اهڙي تباهي ڏانهن ڌڪي پيو، جنهن جو ڪو حل به نڪري شايد.

ڪجهه عرصو اڳ باليوڊ جي سائنس فڪشن فلم 2.0 ريليز ٿي آهي، جنهن ۾ پکين سان پيار ڪندڙ ۽ انساني سرگرمين جي پکين تي پوندڙ ناڪاري اثرن کان مايوس ٿي خودڪشي ڪري ڇڏيندو آهي، فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پوءِ ان انسان جو روح هڪ ماوراءِ عقل شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ سڀني انسانن کان پکين تي ٿيندڙ ظلم جو بدلو وٺڻ لڳندو آهي. هن فلم ۾ گهڻو تڻو موبائل ٽيڪنالاجي تي تنقيد ڪئي وئي آهي ته اها ڪهڙي طرح پکين لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿي رهي آهي. اهو انساني روح جڏهن ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويندو آهي ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ روبوٽ آندو ويندو آهي ۽ جڏهن ان روبوٽ سان هن جو مقابلو ٿيندو آهي ته هو ان کي پنهنجي ماضيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائيندو آهي ته پکين سان محبت هجڻ سبب هن پکين بابت علم  Ornithologyجي ڊگري حاصل ڪئي، ۽ ان جو پروفيسر مقرر ٿيو.هن پکين جي تحفظ جي ڪري موبائل فون ڪمپنين ۽ سرڪار طرفان انهن کي هرهنڌ موبائل فون ٽاور لڳائڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف ثبوتن سان گڏ قانوني جنگ وڙهي پر حڪومت انهن ڪمپنين جي اڳيان ان ڪري بيوس هئي جو هو هر سرڪار ۽ سياسي پارٽين کي فنڊ ڏيندا آهن.

هڪ ليڪچر دوران اهو پروفيسر ماڻهن کي مخلوق جي هڪ ٻئي جي کاڌ خوراڪ جي انحصار بابت ٻڌائيندو آهي، جنهن ۾ پکين کي انسان لاءِ ان ڪري فائديمند ڄاڻايو ويندو آهي ته اهي ڪيڙن کي کائين ٿا. جي پکي ڪيڙن کي نه کائين ته اهي ڪيڙا زمين تي هڪ پن به نه ڇڏيندا. پرديسي پکين جي هر سال گهٽ ٿيندڙ تعداد ۽ جهرڪين جي نسل جي تيزيءَ سان خاتمي بابت اهو پروفيسر ٻڌائيندو آهي ته 1996ع ۾ انڊيا ۾ موبائل فون آيو ۽ ان کان پوءِ پکين جي انگ ۾ تيزي سان گهٽتائي اچڻ لڳي، هڪ پکي ARCTIC TERN جو مثال ڏيندو آهي، جنهن جو وزن صرف 50 گرام ٿئي ٿو، اهو پکي هر سال 12 هزار ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪري انڊيا ايندو آهي ۽ وري واپس پنهنجي وطن ڏانهن هليو ويندو آهي. ان جي دماغ ۾ قدرتي طور طرف سڃاڻڻ جي صلاحيت رکيل هوندي آهي، جنهن سان هو طرف سڃاڻي هزارين ڪلوميٽر طئي ڪري گهربل منزل تي پهچي سگهندو آهي. موبائل فون ٽاورن مان نڪرندڙ شعائون انهن پکين جي دماغ تي خطرناڪ اثر وجهن ٿيون، انهن شعاعن جي ڪري انهن پکين جي طرف سڃاڻڻ واري صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ هو رستي ۾ ڀٽڪي مري ٿا وڃن. انهن ئي شعاعن جي ڪري پکين جا بيضا نرم ۽ بغير ماس جي پيدا ٿين ٿا ۽ اهي ٻچي ڦٽڻ کان اڳ ئي ٽٽي ٿا پون.

پکين تي پوندڙ انهن اثرن سان گڏ انساني صحت تي پوندڙ منفي اثر جهڙوڪ ڪينسر، شيزوفيرينيا، الزائمر ۽ ڊپريشن ۽ ٻين بيمارين جو سبب به موبائل فون ۽ انهن جي ٽاور مان نڪرندڙ خطرناڪ شعاعن کي قرار ڏنو ويو آهي. ان جو حل اهو پروفيسر اهو ٻڌائيندو آهي ته موبائل فون تي جيڪڏهن فضول ڳالهائڻ بند ڪيو وڃي، موبائل فون جي استعمال جي حوالي سان ڪو قانون ٺاهيو وڃي، موبائل ٽاورن مان نڪرندڙ شعاعن جي ريڊيس کي محدود رکيو وڃي، ته ان سان ڪنهن حد تائين صورتحال ڪنٽرول ۾ اچي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ اسان پاڻ کي هڪ نظر نه ايندڙ تباهيءَ ڏانهن هٿ سان ڌڪيندا پيا وڃون.

سچ ته اهو آهي ته اها تباهي اسان جي اکين جي اڳيان آهي ۽ اسان جهڙو ان کي قبول ڪري ورتو آهي، اسان ڪنٽرول ڪرڻ بدران ان کي اڃان تيز ڪنداسين، نتيجي طور پروفيسر جي ڳالهه ”هڪ موبائل فون هڪ جهرڪيءَ جي قبر آهي“ وانگر اسان نام نهاد ترقيءَ جي نالي تي قدرتي وسيلن جي تباهي ڪري پنهنجي قبر پاڻ کوٽي رهيا آهيون.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment