شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 19 - جون - 2019ع

ڇا "Automatic Writing" نالي بھ ڪا شيءَ آھي؟


صبح 01 لڳي 49 منٽ -ڇنڇر 06 اپريل 2019  235 
image-1

عام طور تي لکڻ جي حوالي سان اھو مڃيو ويندو آھي تھ لکڻ ھڪ سوچيل سمجھيل ۽ مڪمل رٿابندي وارو عمل آھي، جنھن جي لاءِ ذھن کي پوري طرح تيار ڪيو ويندو آھي ۽ خيالن جي ڪڙين کي ھڪ ٻي سان جوڙي ڪو ليکڪ ڪھاڻي، ناول، شاعري، مضمون يا ٻيو ڪجھ لکندو آھي. مان بھ انھيءَ نظريئي جو آھيان تھ لکڻ ۽ خاص ڪري تخليقي لکڻيون نج پج انساني ذھن جي پيداوار آھن، اھي ڪنھن خاص مضوع تي ليکڪ جي سوچ ۽ خيال جو اظھار ھونديون آھن.

پر مون ڪجھ ليکڪن جي واتان خاص ڪري شاعري جي حوالي سان اھو چوندي ٻڌو آھي تھ شاعري ھنن مٿان الھام جيان ايندي آھي. مان ذاتي طور ان خيال جو آھيان تھ اھو چوڻ پنھنجي ڏات ۽ تخليقي صلاحيتن کي حقير ڪرڻ مثل آھي.

خير نھ رڳو اسان وٽ پر پوري دنيا ۾ ان خيال جا ماڻھو رھيا آھن جن ان قسم جون ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون آھن. ان قسم جي لکڻين کي "Automatic Writing" يا نفسياتي ماھرن موجب ”سائيڪوگرافي“ (psychography) سڏيو وڃي ٿو.

نفسياتي ماھر اينا سيس (Anna Sayce) سندس ھڪ مضمون "How to Do Automatic Writing" ۾ ھن جي وصف ڪندي لکي ٿي تھ ھن قسم جي لکڻي ۾ عام طور اھو تصوير ڪيو ويندو آھي تھ لکڻ وارو عمل سوچ ۽ لوچ جو محتاج نھ آھي، ڏينھن جي ڪنھن خاص حصي ۾ ڪو پل اھڙو ھوندو آھي جو اوھان جو پاڻمرادو ڪاغذ ۽ قلم ڏانھن کڄي ويندو آھي، لفظن ۽ خيالن جي آمد پاڻمرادو ٿيڻ لڳندي آھي ۽ اوھان بنا ڪنھن ٿڪ جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيا لکندا آھيو، اوستائين جيستائين اوھان جي غيبي طاقت (supernatural being) اوھان سان گڏ ھوندي آھي ۽ ان وقت گذرڻ کانپوءِ اوھان جو ھٿ لکڻ بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ خيال ٽڙي ويندا آھن. علمِ نفسيات ۾ ان کي اسپرٽ رائيٽنگ (spirit writing) بھ چيو ويندو آھي.

Encyclopedia.com ھن لفظ جي تشريح ڪندي ڄاڻائي ٿو تھ اھڙي لکڻي جنھن ۾ شعور جو ڪو بھ عمل دخل نھ ھجي ان کي آٽوميٽڪ رائيٽنگ (Automatic Writing) سڏيو ويندو آھي. جڏھن تھ روحانيت ۾ ويساھ رکندڙ اھو مڃيندا آھن تھ ھن قسم جي لکڻيون روح اچي لکرائي ويندا آھن. پر گھڻي ڀاڱي تحقيق اھو ثابت ڪيو آھي تھ ان ۾ ليکڪ جي لاشعور جو وڏو ھٿ ھوندو آھي.

وڪيپيڊيا جي گڏ ڪيل ڄاڻ موجب آٽوميٽڪ رائيٽنگ جي حوالي سان سڀ کان پراڻو حوالو 16 ھين صدي جو ملي ٿو جڏھن اينوچين اينجلس (Enochian angels) نالي ھڪ نظام جو بنياد رکيو ويو، ان جو بنياد رکندڙ جان ڊي (John Dee) ۽ ايڊورڊ ڪيلي (Edward Kelley). ان کانپوءِ فرانس جي سرريلسٽ شاعر رابرٽ ڊيسناس (Robert Desnos) اھا دعوا ڪئي تھ ھو سڀني کان وڌيڪ صلاحيتن وارو آٽوميٽڪ ليکڪ آھي. اھڙي ريت وليم يٽس (William Yeats) جي زال جورجيا ھيڊ ليز (Georgie Hyde-Lees) بھ ان قسم جي دعوا ڪئي ھئي.

آٽوميٽڪ رائيٽنگ جي حوالي سان سڀ کان مشھور حوالي جڳ مشھور ناول نگار چارليس ڊڪنس (Charles Dickens) سان ڳنڊيو ويندو آھي. تان جو ڊڪنس سندس زندگي ۾ ان قسم جي ڪا بھ دعوا نھ ڪئي ھئي پر 1870 ۾ جنھن ھن جي موت ٿي تھ سندس ناول مسٽري آف ايڊون ڊورڊ (Mystery of Edwin Drood) اڌ ۾ رھجي ويو ھو، ان تي ٽي پي جيمز پرنٽرز جي مالڪ اھو چيو ھو تھ ڊڪنس جو روح ناراض ھو پوءِ ان روح ھن (جيمز) کان اھو ناول پورو ڪرايو.

پر علمِ نفسيات جي ماھرن اھڙن دعوائن کي رد ڪندي چيو آھي تھ ان قسم جي خيالن جو لاڳاپو انسان جي لاشعور سان آھي. تان جو ھي ڳالھيون ڪجھ پڙھندڙن کي عجيب لڳنديون، ڪجھ پڙھندڙ ان کي غيرمنطقي ۽ حقيقت کان ڏورانھون سمجھندا. ڪجھ پڙھندڙ ھن مضمون کي اجايو بھ سمجھندا پر منھنجي خيال ۾ ادب جو وڏي ۾ وڏو ڪمال اھو آھي تھ ان اسان ھر قسم جو خيال ونڊي ۽ ان تي بحث ڪري سگھون ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment