شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 23 - اپريل - 2019ع

سريلنڪا ۾ 7 بم ڌماڪا، 156 ماڻهو مارجي ويا

تازھ ترين

رني ڪوٽ: هڪ شاهي قلعو


شام 06 لڳي 31 منٽ -جمعو 29 مارچ 2019  246 
image-1

 

ڪوبه ماڻهو جڏهن ڪنهن نئين سفر تي روانو ٿيندو آهي ته اهو ڪجهه نه ڪجهه نئون ضرور پرائيندو آهي. سفر جون تڪليفون پنهنجي جاءِ تي پر ان جو مزو به پنهنجو آهي ۽ جڏهن اهو سفر ڪن هم خيال دوستن سان هجي ته پوءِ ان سفر جو مزو اڃا به ٻيڻو ٿي ويندو آهي.

سنڌ جي گهڻن رنگائپ جتي سموري دنيا کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي، اتي اها سنڌ جي هر ان ماڻهو جو ڌيان پاڻ ڏانهن ضرور ڇڪائي ٿي، جيڪو نوان ماڳ ڏسڻ جو خواهشمند هوندو آهي. اهڙي ريت نوان نوان پيچرا ۽ گس ڪنهن مسافر جي انتظار ۾ هوندا آهن. پر انهن پيچرن تي اهو ئي هلي سگهي ٿو، جنهن کي پنڌ جون تڪليفون سهڻ جو هنر ايندو هجي.

رني ڪوٽ جو قلعو گهڻن لاءِ ئي هڪ پراسرا قلعو رهيو آهي، جنهن جي اڏاوت ۽ ڪاريگري کان ڪير واقف ناهي پر هن ڀيري منهنجو سفر ان ڪري به وڌيڪ اهم هو جو مون سدائين رني ڪوٽ جي باري ۾ ٻين ماڻهن کان ٻڌو هو ۽ ان جو تصويرون ويب سائيٽن ۽ سماجي رابطن وارين سائيٽن تي ڏٺيون هيون. منهنجو سفر رني ڪوٽ لاءِ حيدرآباد کان شروع ٿيو.

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

هي قلعو سن ڀرسان ڄامشوري ضلعي ۾ قائم آهي. پر اڄ به هن قلعي جي حوالي سان ڪئين مونجهارا آهن ته هڪ قلعي جو نالو ڪهڙي ريت پيو ۽ ان جو پسمنظر ڪهڙو آهي. آڳاٽي زماني ۾ قلعا ان ڪري اڏيا ويندا هئا، جو حاڪم پنهنجي اقتدار ۽ پنهنجن علائقن جي حفاظت ڪري سگهن. پر تنهن هوندي به ويڙهاڪ فوجون انهن قلعن کي فتح ڪنديون هيون. اڄ به سنڌ ۾ ڪئين اهڙا قلعا ڏسي سگهجن ٿا پر اهي ڏينهون ڏينهن جهري رهيا آهن.

هن قلعي جا چار دروازا يا لنگهه آهن: (1) سن يا اڀرندو دروازو، (2) آمري يا اتر - اوڀر وارو دروازو، (3) شاهه پير دروازو ۽ (4) الهندو يا مٿيون دروازو (موئن درواز)

سن دروازو:

شاهي دروازو يا سن دروازو نظر کان اهڙيءَ طرح ته لڪل رکيو ويو هو، جو هڪ گول ٺلهه جي کاٻي پاسي گولائيءَ تي ڦري وڃڻ کان پوءِ اُن تائين پهچي سگهبو هو. جيستائين ان جي ڪنهن کي خبر ناهي، تيستائين ان کي ڳولي لهڻ ڏکيو ڪم آهي. اهو ٻڌائي ٿو ته هڪ اوپري ماڻهوءَ کي قلعي اندر سولائيءَ سان اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪهڙي نه مهارت ۽ هنر کان ڪم ورتو ويو هو. ان ۾ اندرئين پاسي پيشانيءَ تي پانيل ۽ محرابون ٺهيل آهن. ان دروازي جي خصوصيت اها هئي ته اهو هڪ لنگهه به هو ته هڪ مٿي کڄندڙ پل به.

رني ڪوٽ

رني ڪوٽدروازي جي ساڄي پاسي هڪ چشمو آهي، جنهن جي مٿان ڪاٺ جي تختن جي مٿي کڄندڙ هڪ پـَـل ٺهيل هئي. اُها پـُـل اُڪري قلعي جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃبو هو.

شاهه پير دروازو: ڏاکڻو دروازو يا شاهه پير دروازو آمري دروازي کان هيٺاهينءَ تي آهي.

موئن دروازو:  اُلهندو دروازو مٿيون دروازو آهي، جيڪو قلعي جي مٿئين حصي ۾ لڳل آهي.

آمري دروازو: آمري دروازو، آمري شهر جي سامهون ۽ قلعي جي اتر - اوڀر حصي ۾ آهي.

ميري ۽ شير ڳڙهه: قلعي ۾ اندر سن دروازي کان اتر طرف 4 - 5 ميل کن پرتي ٻه ٻيون عمارتون آهن. حقيقت ۾ اهي قلعي اندر جدا جدا سطحن تي ننڍا قلعا يا ڪوٽ آهن. هيٺئين سطح واري قلعي کي ميري ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ته مٿئين سطح وارو قلعو شير ڳرهه جي نالي سان مشهور آهي.

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ جي نالي جي حوالي سان به ڪئين ڳالهيون مشهور آهن. چيو وڃي ٿو ته رني“ نالي جي اصليت ۽ بنياد کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تلاش ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ان جو واسطو آهي. اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته فقط هڪ لفظ ”رني“ ئي نه، بلڪه ٻيا به اهڙا ڪيئي لفظ آهن، جيڪي ساڳئي بيخ ۽ بنياد مان نڪتل آهن ۽ جن جي معنيٰ، تعبير ۽ مفهوم به ساڳيو ۽ حسب نسب به گڏيل آهي، يعني پاڻيءَ جو اهو رستو يا وهڪرو، جيڪو انساني هٿن جو ٺاهيل نه، بلڪه قدرتي آهي.

پر اهي سڀ اندازا ئي آهن، اڃا تائين ڪوبه محقق ان ڳالهه تي متفق ناهي ته هن قلعي تي اهو نالو ڪيئن پيو. ان کانسواءِ ان جي تعمير جي حوالي سان ڪيترائي ڳجهه آهن، جنهن ڪري اهو اندازو به نه ٿي سگهيو آهي ته هي قلعو ڪڏهن ٺهيو ۽ ڪهڙي حاڪم ٺهرايو هو. ايم ايڇ پنهور هن قلعي کي ”راڻي ڪوٽ“ سڏيو آهي.

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

جڏهن ته علي احمد بروهي پنهنجي هڪ مضمون ”رني ڪوٽ“ ۾ لکي ٿو ته ” رنيءَ جي ماڳ کان پوءِ رني ڪوٽ جي بحث جو وارو اچي ٿو. هن ڏس ۾ منهنجا ڪي ذاتي رايا آهن، جن لاءِ سواءِ عقلي دليل جي ٻيو ڪو به تاريخي ثبوت نه آهي، جنهن لاءِ ڇاتيءَ ٺوڪي ڪا دعويٰ ڪئي وڃي. هڪ رايو هي آهي ته رني ڪوٽ آڳاٽي سنڌ جو نيرون ڪوٽ آهي. دليل محض ادبي آهي. اهو هيءُ ته نئن جو نالو  ”نئن رني“  آهي، ڇاڪاڻ ته هر نئن جي نالي اڳيان نئن جو اکر اچڻ هڪ اصولي ريت آهي جيئن نئن گاج ۽ نئن مکي وغيره. منهنجي خيال ۾  ”نيرون“  جو نالو نئن ۽ رنيءَ جو مرڪب آهي ۽ ٻنهي کي ملائي اچارڻ سان  ”نئن رني“  نيرون ٿيو پوي. هونئن به سنڌي نالن ۾ نيرون ڪو اکر آهي ئي ڪونه، جنهن سبب هي چئي سگهجي ته ڪنهن راڻي راجپوت يا سومري حڪمران جو نالو نيرون هو.

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

سنڌ جي تاريخ چچنامي ۾ نيرون ڪوٽ جو خاصو ذڪر آيل آهي، جو پهاڙي قلعو هو ۽ جتي شمني يا ٻوڌي پروهت رهندڙ هئا. هي برابر ڄاڻايل آهي ته هتي هڪ عبادتگاهه هو، ڇاڪاڻ ته ”جئه سن“ لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته نيرون ۾ ڌرمي پوڄاپاٺ لاءِ ترسيل هو. هن ڪوٽ جو مهندار به هڪ شمني هو ۽ شمنيءَ جو اکر عرب، ٻڌمت يا جين مت جي ٻاون يا راکن لاءِ استعمال ڪندا هئا. محمد بن قاسم جي هت اچڻ وقت پهريون ڪوٽ جا دروازا بند ڪيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته مهندار ڏاهر وٽ ويل هو. سندس واپسيءَ تي دروازا کولي عرب لشڪر جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو، پر لشڪر نيرون ڪوٽ ٻاهران پسگردائيءَ ۾ ئي ڪئمپ ۾ رهيو. هي به ڄاڻايو ويو آهي ته نيرون ڪوٽ وارن جا دارالخلافه سان دوستانه تعلقات هئا ۽ صلح جو اڳواٽ عهدنامو پڻ ٿيل هو. نيرون ڪوٽ لاءِ محمد بن قاسم پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ گورنر حجاج کي لکيو آهي ته  ”نيرون ڪوٽ دارالخلافه کي ويجهي ۾ ويجهو علائقو آهي“ .  يار رهي ته انهن ڏينهن ۾ عربن جي گاديءَ جو هنڌ بغداد ۾ هو. نيرون ڪوٽ لاءِ خط ۾ وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته ”اسين اهڙي قلعي جي ويجـهڙائيءَ ۾ ڪئمپ ڪيل آهيون، جو سڪندر يونانيءَ جي تعمير ڪيل شاهي ديوار کان به ڪيئي ڀيرا وڌيڪ مضبوط ڪوٽ آهي.“ هي اشارو سڪندر ذوالقرنين جي ياجوج ماجوج وارين ڪاهن خلاف اڏايل شاهي بچاءَ جي ديوار طرف آهي. چچنامي ۾ هي پڻ ڄاڻايل آهي ته  ”عرب جنرل بذيل“  ديبل تي حملي ڪرڻ کان اڳ پهرين نيرون ڪوٽ ۾ اچي ترسيو هو ۽ پوءِ ديبل تي چڙهائي ڪئي هئائين(ص71).

يوسف ميرڪ جي تاريخ مظهر شاهجهاني مطابق سيوهڻ سرڪار ۾ نيرون ڪوٽ نالي سان ٻه هنڌ ڄاڻايل آهن. هڪ نيرون ڪوٽ قلعو ۽ ٻيو نيرون ڪوٽ پرڳڻو. قلعي متعلق حوالو ڏنل آهي ته نيرون ڪوٽ سيوهڻ کان پنجاهه ميل مفاصلي تي هڪ ڏکئي ۽ اڻانگي هنڌ پهاڙن جي وچ ۾ اڏيل آهي. اڳ هي قلعو چاڪر هالا پرڳڻي ۾ هو، پر پوءِ ان کي سيوهڻ سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو (ص 281). چيو وڃي ٿو ته سن جو شهر سيوهڻ کان 36 ميلن تي آهي ۽ سن کان پهاڙ جتي قلعو آهي، 14 ميل ڏُور آهي (ص 294).

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

ممڪن آهي ته رني ڪوٽ ساڳيو ئي نيرون ڪوٽ هجي، جنهن لاءِ اڳي ئي هي طئه شده فيصلو آهي ته اهو ماڳ حيدرآباد آهي.

ٻيو رايو هي آهي ته رني ڪوٽ جو اڳوڻو نالو موئن ڪوٽ هو، جتي ديويءَ جو عبادتگاهه هو ۽ هتي ياتري ۽ پوڄاري ايندا هئا. ٿي سگهي ٿو ته هنگلاج جي تيرٿ جي هڪ ڪڙي هيو، جتي سڀني طرفن جا قافلا اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ پوءِ هڪ وڏي قافلي جي شڪل ۾ سفر ڪندا هجن. پراڻن نقشن ۾ هن کي موئن ڪوٽ سڏيو ويو آهي، جو نالو اڄ به رني ڪوٽ جي اولهه واري قلعي تي قائم آهن. نئن رنيءَ کي به، ڪوٽ اندر داخلا کان اڳ واري حصي کي  ”نئن موئن“  چيو وڃي ٿو، جا اڪثر حصي تائين زير زمين وهندڙ آهي.“

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

هونئن ته ان قلعي جي تاريخ ڄڻ ته گم ٿيل آهي پر هي قلعو هڪ ڏينهن ۾ نٿو گهمي سگهجي، ڇاڪاڻ ته قلعي جا اڻ ڳڻيا برج سموري جابلو سلسلي ۾ مختلف ٽڪرين تي ٺهيل آهن، جن تي پهچڻ بنهه ڏکيو آهي.

شيرڳڙهه واري رستي کان پوءِ پنڌ هلي موئن دروازي تائين پهچي سگهجي ٿو، جتي مٺي پاڻي وارا چشما آهن ۽ اتي ٽڪرين مان وهندڙ پاڻي جو آواز چوڌاري موجود ماٺ جي ڪري چٽو ٻڌي سگهجي ٿو. موئن دروازو هن قلعي جو اهم ترين لنگهه آهي.

ان پاسي ڪي برج چوڪنڊا به ٺاهيا ويا آهن، جن تي پهچڻ لاءِ چاڙهيون آهن، جتان کان بيهي رني ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. پر اڄ انهن برجن ڏانهن ويندڙ چاڙهيون ڀري رهيون آهن ۽ ڪيترن ئي برجن جي مرمت پڻ ڪئي وئي آهي.

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

هن قلعي جو مرمتي ڪم ميرن جي زماني ۾ ٿيو هو، جڏهن ته هڪ خيال اهو به آهي ته هي قلعو ساسانين جي دور جو به آهي. ڪجهه وقت اڳ سنڌ ثقافت کاتي قلعي جو مرمتي ڪم ڪرايو آهي. پر تنهن هوندي به هن قلعي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

موئن دروازي ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪيترائي اهڙا جبل آهن، جيڪي ماڻهو جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ٿا، جڏهن ته ان ئي ساڳي لنگهه تان پٿرن جون ڀتيون به ڏنل آهن، شايد ان زماني ۾ ان قلعي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ائين ڪيو ويو هجي.

اڄ به رني ڪوٽ پنهنجي شان سان بيٺو آهي، جيڪو دنيا لاءِ هڪ حيرت ڪدي کان گهٽ ناهي پر اسين اڄ به ان سوال جي ڳولا ۾ آهيون ته هن قلعي جا اڏيندڙ اصل ڪير هئا؟

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment