شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

جارج آرويل، 1984 ۽ اڄوڪي دنيا


شام 07 لڳي 21 منٽ -آچر 24 مارچ 2019  472 
image-1


برطانوي ليکڪ ۽ صحافي جارج آرويل جو ناول ”1984“ ٻي مھا ڀاري جنگ کان پوءِ سال1949ع ۾ ڇپيو جنھن ۾مستقبل جي ھڪ خيالي دنيا کي ٽن حصن، يوريشيا (يورپ ۽ ايشيا)، اوڀر ايشيا ۽ اوشيانيا ۾ورھايل ڏيکاريو ويو آھي. ناول مستقبل جي انگلينڊ، جيڪو پڻ ”اوشيانيا“ جو حصو آھي، ۾ سيٽ ٿيل آھي جنھن جيگادي جو ھنڌ لنڊن آھي. انگلينڊ ۾ حڪمران ”پارٽي“ پاران سخت آمريت لاڳو ٿيل آھي جنھن جو سربراهه ”بگ برادر“ آھي.لنڊن ۾پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا ٽيلي سڪرين نالي ھڪ جديد مشين وسيلي شھرين جون حرڪتون ڏسي ۽ آواز ٻڌي سگھنٿا. تنھن کانسواءِ شھر ۾ ھر جاءِ تي وڏا وڏا پوسٽر لڳل آھن جن تي ”بگ برادر توھان کي ڏسي رھيو آھي“ جا اکر اڪريل آھن، جيڪو عمل شھرين کي ھر وقت سخت نگراني ھيٺ ھئڻ جو احساس ڏياريندو رھي ٿو.

”پارٽي“ جو مڃڻ آھي تھ ماضي تي ضابطو رکي مستقبل تي ڪنٽرول رکي سگھجي ٿو ۽ حال تي ڪنٽرول رکي ماضي تي بھ ڪنٽرول رکي سگھجي ٿو. تنھنڪري پارٽي ھميشہ تاريخ کي وقت جي ضرورتن موجب مَٽائيندي ۽ مسخ ڪندي رھي ٿي.پارٽي پاران لاڳو ڪيل قانونن ۽ قاعدن موجب ڪنھن بھ مرد کي ڪنھن عورت سان لاڳاپا رکڻ جي اجازت نھ آھي. شادي لاءِ بہ پارٽي پاران جوڙيل ڪميٽي کي درخواست ڏيڻي پوندي آھي. جڏھن ڪميٽي مطمئن ٿيندي آھي تھ شادي صرف پارٽي جي خدمت ڪندڙ ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، تڏھن ئي شادي جي اجازت ملڻ ممڪن آھي. مطلب تھ ڪنھن بھ شھري کي ڪا شخصي آزادي حاصل ڪونھي ۽ ھر ماڻھو پنھنجي زندگي صرف ۽ صرف ”پارٽي“ جي خدمت ڪندي گذاريندو.

فائيل فوٽوپارٽي پاران پراڻي انگريزي ٻولي ختم ڪري نئين ٻولي لاڳو ڪئي وئي آھي جنھن کي ”نيو اسپيڪ“ ((Newspeak سڏيو وڃي ٿو. نئين رائج ٿيل ٻولي موجب جنگ امن آھي، آزادي غلامي آھي ۽ جھالت وڏي طاقت آھي جيڪي پارٽي جا سرڪاري نعرا پڻ آھن. ھن سماج ۾ سوچ پڻ ھڪ ڏوهه برابر آھي جنھن کي انگريزي ۾ (Thought Crime)سڏيو وڃي ٿو ۽ ان ڏوهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ سوچ تي ضابطو رکڻ واري پوليس پڻ آھي. جڏھن تھ ٻئي پاسي نئين رائج ٿيل ٻولي ۾لفظن جو تعداد وڏي پيماني تي گھٽايو ويو آھي. ماڻھن جي ذھنن کي بي شعوري ڏانھن ڌڪڻ خاطر ٻولي مان آزادي، ڄاڻ، علم، اظھار جي آزادي جھڙا صطلاح بلڪل ختم ڪيا ويا آھن.

حڪومت جو سڄو ڪم چئن مک وزارتن ۾ ورھايل آھي.”امن واري وزارت“ جو لاڳاپو جنگ سان آھي. ”سچائي واري وزارت“ جو مک ڪم تاريخي دستاويزن کي ختم ڪرڻ يا سندن مواد ۾ تبديلي آڻڻ آھي. ان سڄي عمل جو مک ڪارڻ تاريخ کي مسخ ڪري حڪمران پارٽي جي لائين موجب ڪرڻ آھي. ان قسم جون تبديليون سياسي طور تي اھميت رکندڙ ھر دستاويز ۾ ڪيون وينديون آھن. گهڻائي واري وزارت جو ڪم ملڪ جا معاشي معاملا سنڀالڻ آھي. ھي کاتو اڪثر ٽيلي اسڪرين وسيلي عوام کي سرڪاري منصوبھ بندي ۽ سندن سالاني ٽارگيٽ جي پورائي جي باري ۾ اعلان ڪندو رھندو آھي، جڏھن تھ حقيقت ۾ اعلانيل ڪوبھ ٽارگيٽ پورو ڪونھي ٿيندو آھي ۽ اڪثر ھر مھيني عوام جي راشن ۾ روزانو استعمال واري ڪنھن نھ ڪنھن شئي جي کوٽ ھوندي آھي.”پيار واري وزارت“ سڀ کان خطرناڪ آھي جنھن جو مک ڪم ملڪ ۾امن امان جي صورتِ حال سنڀالڻ ۽ پارٽي جي خلاف ڪم ڪندڙ ماڻھن کي ڪارروائي ڪري کين ”سڌي راهه“ تي آڻڻ  آھي.

ملڪ ۾ مزدور طبقي جي حالت بدتر آھي. انھن کي مشين ۾ ڀاڻ طور استعمال ڪيو پيو وڃي. مزدورن کان ملڪ ۽ انقلاب جي بھاني وڌيڪ ڪم ورتو ۽گھٽ راشن ڏنو ٿو وڃي.

پارٽي پاران پارٽي ۽ ملڪ جو غدار ۽ عوام جو دشمن ڄاڻايل ايمانوئل گولڊ اسٽين خلاف ٻن منٽن لاءِ نفرت جو اظھار ھڪ لازمي عمل آھي. ڪنھن کي بہ خبر ڪونھي تہ ايمانوئل گولڊسمٿ حقيقت ۾ وجود بہ رکي ٿو يا نھ. تنھن جي باوجود بھ ٿاٽ پوليس ڪيترن ئي ماڻھن کي غدارن جي ”برادري“ جو ڄاڻائي گرفتار ڪندي رھندي آھي ۽ پوءِ اھي گرفتار ڪيل ماڻھو تاريخ جي صفحن مان ئي غائب ڪيا ويندا آھن ڄڻ تہ اھي ڪڏھن پيدا ئي ڪونھ ٿيا ھئا.

ناول جو ھيرو وِنسٽن سِمٿ سچائي واري وزارت ۾ ڪم ڪندو آھي ۽ سندس مک ڪم اختيارين وٽان آيل ھدايتن موجب ڄاڻايل دستاويزن کي ختم ڪرڻ يا مواد ۾ تبديلي آڻڻ آھي. ھوش سنڀاليندي ئي ھن انگلينڊ کي ڪڏھن ھڪ علائقي سان تھ ڪڏھن ٻئي علائقي سان مسلسل جنگ جي حالتن ۾ ڏٺو ھو.وِنسٽن سماج کان،پنھنجي ڪم کان ۽ پنھنجي زندگي مان خوش ڪونھي ۽ کيس سچ ۽ آزادي جي ڳولھا آھي.

ھڪ ڏينھن آفيس کانپوءِ گھٽين ۾ رلڻ دوران وِنسٽن منسٽري ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ ڇوڪريءَکي ڌسندو آھي. ونسٽن کي پڪ ٿي ويندي آھي تھ اھا ڇوڪري سندس جاسوسي پئي ڪري. ڇاڪاڻ تھ سرڪاري ملازمن لاءِ مزدور طبقي جي علائقن ۾ اچڻ ڪنھن خطري کان گهٽ ڪونھي. اھا رات ونسٽن جي ڏاڍي بي چيني ۾ ٿي گذري ۽ ھو سمجھي ٿو تھ اجھو ٿاٽ پوليس اچي کيس گرفتار ڪندي.

ڪجھه ڏينھن کانپوءِ وِنسٽن جي ان ڇوڪريءَسان دوستي ٿي وڃي ٿي. ھو شھر کان ٻاھر ملڻ جو پروگرام ٺاھين ٿا. مقرر ٿيل ڏينھن تي ونسٽن ۽ جوليا لنڊن کان ٻاھر ٻھراڙي ۾ اڌ ڏينھن ھڪ ٻئي جي قربت ۾ گذارين ٿا. ھو ٻئي پنھنجي ملڻ کي ھڪ جنگ ۾ فتح جيان سمجھي خوش ٿين ٿا ۽ ان عمل کي پارٽي کي رسايل ڌڪ سمجھن ٿا. اھڙي ريت ھنن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو.


فائيل فوٽوجوليا ونسٽن کي ٻڌائي ٿي تھ ھوءَ بہ پارٽي کان بيزار آھي ۽ سندس زندگي جو مقصد پارٽي جا ٺاھيل قانون ٽوڙي خوشي حاصل ڪرڻ آھي. پارٽي جي ڪو بھ نظريو سمجھڻ يا رد ڪرڻ ۾ جوليا جي ڪا دلچسپي ڪونھي. ھو صرف ننڍڙا ”غير قانوني“ ڄاڻايل عمل ڪري پارٽي خلاف بغاوت ڪري ٿي. جوليا جي خيال ۾ اوشيانيا ڪنھن بہ ملڪ سان جنگ نھ پيو ڪري ۽ ماڻھن کي مسلسل جنگ جي خوف ۽ حراس ۾ رکڻ خاطر پارٽي پاڻ پنھنجي ملڪ تي بمباري پئي ڪري.

پارٽي جو ھڪ خاص ميمبر ۽ وِنسٽن جو ڪليگ ۽ اوبرائن وِنسٽن کي پارٽي جي دشمن گولڊاسٽائن جو لکيل پابندي پيل ڪتاب ڏي ٿو. وِنسٽن سمجھي ٿو تھ او برائن بھ پارٽي مان بيزار آھي. ڪتاب ۾ سماج ۽ پارٽي بابت سمجھاڻي آھي. ڪتاب پڙھڻ دوران اوچتو ولنسٽن ۽ جوليا مٿان ٿاٽ پوليس  ڇاپو ھڻي کين گرفتار ٿي ڪري.

وِنسٽن ”پيار واري وزارت“ جي بلڊنگ ۾ آھي پر کيس خبر ڪونھي تہ ھو ڪٿي آھي ۽ آخري ڀيرو ڪڏھن ماني کاڌي اٿئين. ھن ڪمري ۾اڪثر قيدين کي ڪمرو نمبر 101 مان آندو پيو وڃي جنھن کان سڀ قيدي ڊنل آھن. جيل ۾ وقت جي ڪابہ خبر نھ ٿي پوي. نھ ڏينھن جي ۽ نھ وري رات جي. اوبرائن ونسٽن سان ملڻ اچي ٿو جنھن سان ونسٽن کي خبر پوي ٿي تھ اوبرائن بہ پارٽي جو ماڻھو آھي ۽ ھن جو ڪم پارٽي کان مخالف سوچ رکندڙ ماڻھن کي گرفتار ڪرائڻ آھي.

مسلسل ۽ شديد اذيتون سھڻ کانپوءِ ونسٽن ھر ان ڏوهه جو اقرار ڪري ٿو جيڪو ھن ڪڏھن سوچيو بھ نھ آھي. ان سڄي منظم اذيت جو مک مقصد ونسٽن ۽ ٻين قيدين کي پارٽي جي نظرئي مطابق ”حقيقت ڏسڻ جو عمل“ سيکارڻ آھي جنھن کي پارٽي بيمارن جو علاج سڏي ٿي. پارٽي ۽ بگ برادر جي بقا لاءِ پيار واري وزارت ڏوھارين کي مارڻ بجاءِ سندن ”علاج“ ڪندي آھي.

پارٽي وٽ ماڻھن کي ٻيھر قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ باقاعدي سائنسي بنيادن تي ٻڌل ٽي مرحلا آھن؛ سکيا، سمجھڻ ۽ قبوليت. انھن ٽن مرحلن ۾ پارٽي جا عملدار ڏوھارين کي گڏيل پاور ۽ ان جي اھميت بابت ٻڌائن ٿا تھ پارٽي بھ ھڪ گڏيل پاور جي پيداوار آھي ۽ اصل پاور شين مٿان حڪمراني ڪرڻ نھ پر ماڻھن مٿان حڪمراني ڪرڻ آھي ۽ اھو پاور ٻي ماڻھو کي پيڙا ڏئي ايڪسرسائيز ڪري سگھجي ٿو. پارٽي پاران جوڙيل سماج ھٺ ڌرمي، ڪوڙ، سزا، پيڙا ۽ خوف تي ٻڌل ھوندو. انھن تشددن ۾ ھڪ اھم تشدد ماڻھو جي خوف کي ڄاڻي ان کي وڌ کان وڌ ذھني طورخوفزدہ رکڻ بھ آھي. ان ئي ريت وِنسٽن کي مارڻ بدران کيس سڌي رستي تي آڻي آزاد ڪيو وڃي ٿو.

ڏٺو وڃي تھ ناول ”1984“ اڄ کان ستر سال اڳ پڌرو ٿيو پر ھي ناول اڄوڪي دور ۾ بھ ايترو ئي لاڳاپيل آھي جيترو ڇپجڻ مھل ھو. يا شايد تڏھن کان بھ وڌيڪ. ناول ۾ موجود سڀ عنصر اسان کي اڄ بھ نھ صرف اسان جي سماج پر پوري دنيا ۾ملن ٿا. مختلف وقتن تي حڪومتن پاران دشمن ڄاڻايل رياستن بابت ڪوڙ ڳالھائڻ، جنگ ۽ ملڪي سلامتي جا جواز ڄاڻائي جنگي ھٿيارن ۽ دفاعي خرچن ۾ واڌ ڪرڻ ۽ انھن عملن تي تنقيد ڪندڙ فردن کي ملڪ جو غدار ڄاڻائڻ اڄ بھ ڪيترن ئي اسريل توڙي اسرندڙ ملڪن ۾ ھڪ عام عمل آھي.

فائيل فوٽُوماڻھن جي سوچ تي پابندي مڙھي اظھار جي آزادي جي بنيادي حقن کان محروم رکڻ جو عمل اڄ بھ جاري آھي. ڪيترن ئي سماجن ۾ اڄ بھ ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو پنھنجي سوچ ۽ ضمير جا قيدي (جارج آرويل جي لفظن ۾ ”ٿاٽ ڪرمنل“ يا سوچ رکندڙ ڏوھاري) آھن جن کي حڪومتون يا اندروني طور حڪمراني ڪندڙ طاقتونضابطي ھيٺ آڻڻ لاءِ رڌل رھن ٿيون.  

ناول ۾ ڏيکاريل ”بگ برادر“ اصل ۾ ڪو فرد نھ پر ھڪ لقاءُ، ھڪ اڻ ڄاتل ھٿ آھي جيڪو اڄ بھ ھر سماج ۾ موجود آھي پر ڪنھن کي نظر ڪو نھ ٿو اچي.ڪنھن بہ رياست جون اصل واڳون ڪنھن جي ھٿ ۾ آھن ۽ ڪير قومي مفاد جا فيصلا ڪري پيو انھن سوالن جي جوابن لاءِ اڄ بھ عام ماڻھو واجھائي پيو. فيس بُڪ، ٽوئيٽر ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمن تي عام ماڻھن کي مانيٽر ڪري سندن اظھار جي آزادي جي حق کي صلب ڪرڻ جو عمل اڄ بھ جاري آھي. لکڻ کان ئي اڳ لکندڙ کي اھو سوچڻ تي مجبور ڪرڻ تھ ھن کي ڇا لکڻ گھرجي ۽ ڇا نھ پڻ ان ئي عمل جو ھڪ حصو آھي.  

ھي ناول مستقبل بابت لکيل فڪشن ۾ ھڪ اھم ترين ڪتابن مان آھي. جيتوڻيڪ ھينئر وقت بدلجي ويو آھي، دنيا ڪيترو ئي اڳتي وڌي آھي ۽ وقت سان گڏوگڏ گھڻيون ئي ڳالھيون پڻ بدلجي ويون آھن. پر پوءِ بھ ھي ڪتاب ھر پڙھندڙ جي ذھن ۾ سوال ٿو اڀاري تھ ڇا واقعي وقت بدليو آھي ۽ اسان 1984 گذاري آيا آھيون؟ ڇا ھي اھو ساڳيو وقت ڪونھي جنھن ۾ اسان ھميشہ رھيا آھيون؟ آرويل کان اڳ ۽ ”1984“ کان پوءِ بھ.

 

(ليکڪ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي)

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment